سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

سفرنامو عرف عشق نامو

هي جملا عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندا آهن تہ ”مزو ناهي ملڪ ۾“، ”مزو ناهي زندگيءَ ۾“، خاص ڪري اڌڙوٽ ۽ منھنجي عمر وارا ٿڌا ساھہ ڀري ائين چوندا آهن. تازو وفات ڪري ويل آمريڪي فلاسافر ڊينل سي ڊينيٽ Danial C Dennett جو چوڻ آهي تہ انساني خوشيءَ جو دارو مدار جسماني صحت تي نہ بلڪ ذهني صحت منديءَ تي آهي. ڇاڪاڻ تہ ذهن ئي سموري بدن جي ڪارڪردگي کي ڪنٽرول ڪري ٿو. بند ڪمري ۾ رهندڙ ماڻھو ذهني ٻوسٽ جو شڪار ٿئي ٿو، آزاد ماڻھوءَ جو ذهن ھميشہ فرحت ۾ رهي ٿو. ڪنھن زماني ۾ سرحدون جڏهن ڪونہ هونديون هيون، تڏهن مارڪو پولو بنا ڪنھن رنڊڪ روڪ جي اٽليءَ جي شھر وينس کان سفر ڪندي چين پھچي شھنشاھہ قبلائي خان جي درٻار ۾ پھچي ٿو. قبلائي خان سندس سفر جا احوال ٻڌي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. دنيا جي شھرن جا رنگين قصا ٻڌي پنھنجي قبائلي طرز جي زندگيءَ تي شرمندگي محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. سو اهو آهي جادو سئر سفر ڪرڻ جو.
سياحت ڪندڙ جي زندگي ۾ هڪ قسم جو سواد flavor اچي وڃي ٿو. هڪ سٺي کاڌي وانگر سندس زندگي ذائقيدار بڻجي وڃي ٿي. اڄڪلھہ جي سياحت تمام مھانگي ۽ منجهائيندڙ شرطن قاعدن سان جڪڙيل آهي.
بلوچ صحبت علي پڻ ويزا جي حاصل ڪرڻ سميت ٻين انيڪ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري پاڪستان جھڙن پٺتي پيل ملڪن جي ڪمزور ڪرنسي ۽ خراب شھرت پڻ سبب آهن. پاڪستاني پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت ڪانھي. دنيا مان سرحدون ختم ٿي وڃن هڪ يوٽوپيائي تصور نہ آهي بلڪ هڪ پراُميد افضا سوچ آهي، جيئن ڪارل مارڪس چيو هو تہ،”انسان ذات لاءِ هر ننڍو وڏو ڇوٽڪارو انساني دنيا کي ٻيھر اڏڻ جو هڪ مرحلو آهي تاڪ ماڻھن جو هڪ ٻئي سان تعلق جڙي سگهي“.
سئر سفر ڪرڻ بہ تعلق جوڙڻ جو عمل آهي. ياد رهي زندگي بہ سفر آهي. اهو بہ ياد رهي تہ سياحت ڪندڙ پوري جڳ سان محبت ڪندڙ انسان هوندو آهي. هو بين الاقواميت پسند هوندو آهي. وطن سان محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي، پر شاھہ لطيف چواڻي ”عالم سڀ آباد“ هجي، پنھنجي وطن سان گڏ.
بلوچ صحبت علي جو سفرنامو ”انڊونيشيا جو عشق“ پڙهندي مون محسوس ڪيو ڄڻ تہ هن ڪيسونيوا ۽ بائرن جو روپ ڌاري اهو سفر ڪيو آهي. ڪسيونيوا پنھنجي ذوق شوق جو سربستو احوال پنھنجي اعترافن ۾ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪن نقادن جو خيال آهي تہ هن وڌاءُ کان ڪم ورتو آهي. پر هن جي صاف گوئيءَ اظھار جي جرئت تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي. (مشھور رومانوي شاعر بائرن برطانيه جي ٻوسٽ واري ماحول کان تنگ ٿي، ان کي خير آباد چئي اٽليءَ ۾ اچي رهيو ۽ ترڪن خلاف يونانين جي جنگ آزاديءَ ۾ شريڪ ٿي ڦوھہ جوانيءَ ۾ گذاري ويو. بائرن پاڻ ايترو تہ خوبصورتsmart هوندو هيو جو ناريون خود مٿس عاشق ٿي پاڻ کي ارپينديون هيون. ان سبب بائرن خوب مزا ماڻيا.
منھنجي خيال ۾ بلوچ صحبت علي پھريون سنڌي ليکڪ آهي جنھن پنھنجي هن سفرنامي ۾ موج مستيءَ وارن واقعن جو بي باقيءَ سان ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪن چيپٽرن جا عنوان هن طرح آهن؛ ”شوخ حسينا سان ٽڪر“، ”فنس ڪلب جا نشا“، ”فنس ڪلب؛ هوءِ ۽ مان“، ”گرم بسترا“، ”موج مستيون“، ”ورجن بيچ جي ورجن ناري“، ”هوٽل جي جوان رات“، ”سھڻين جا نخرا“، ”قاتل حسينائون“ ۽”الوداع بالي....وري ملبو“.
انڊونيشيا آباديءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ مسلمان آباديءَ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. صدر سئيڪارنو جي دور ۾ سندس سيڪيولر حڪمت عمليءَ سبب ملڪ اندر سياحت عروج تي هوندي هئي ۽ جنسي ڪاروبار بہ عام هوندو هو. بعد ۾ اسلامي تبليغ جي اثر ڪري ان تي ظاهري طور ٻنجو اچي ويو هو، پر جيئن تہ ملڪ جي آمدنيءَ جو وڏو حصو سياحت ۽ تفريح آهي، تنھنڪري جهل پل ڪا بہ ڪانھي. جنھن جي شاهدي بلوچ صحبت جي هن سفرنامي جي احوال مان بہ ملي ٿو.
منھنجي خيال ۾ ساڳي صورتحال هو ٻئي مسلمان ملڪ ملائيشيا ۾ بہ هوندي، جتان جو بہ سفر بلوچ صحبت علي پنھنجي ڪن ٻين دوستن سان گڏجي ڪري ان تي بہ الڳ ڪتاب لکيو آهي. البتہ ملائيشيا ۾ مغربي سياحن لاءِ ايتري ڇڪ ناهي جيتري کين فلپائين لاءِ ٿيندي هوندي. فلپائين جي آباديءَ جو وڏو انگ مقامي عيسائين جو آهي جيڪي ڪافي لبرل آهن.
بلوچ صحبت علي هرڪم ۽ ارادي ۾ عمدگي پسند perfectionist رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري وارو عھدو هجي، وڪالت جو پيشو هجي، يا بطور شاعر، مترجم ۽ ايڊيٽر انگريزي ماهوار The Literature جو هجي يا ٻاهرين ملڪن جي سياحت وارو پروگرام، انھن جي رٿا بندي، عمليت پسندي تڪميل لاءِ ذميدار ي، جفاڪشي ۽ نفاستي طريقهءِ ڪار سندس گڻ چئبا. خاص وصف سندس لکڻيءَ جو اندازِ بيان آهي. انڊونيشيا جي سفر جو احوال پڙهندي پڙهندي محسوس ٿيندو ڄڻ تہ پڙهندڙ بہ ان سفر ۾ ساڻ آهي. ڪم آندل ٻولي ايتري تہ روان ۽ مزيدارآهي جھڙوڪر زباني حال احوال يا دلچسپ قصا گوئي، جنھن ۾ پڙهندڙ ايترو تہ محصور ٿي ويندو جو چاهيندو تہ سفر جو احوال اڃان جاري رهي. جيئن چپس سان نمڪ پارا کائڻ دوران crispy لڳندا آهن تيئن ئي ان سفر جو داستان بہ آهي.
جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ٻہ تہ ٻارنھن، تيئن انڊونيشيا جي ان سفر ۾ بلوچ صحبت علي سان ٽي دوست ڊاڪٽر سنتوش مل، پرتاب راءِ شيواڻي ۽ منصور علي چارڻ بہ شامل آهن. هم خيال ۽ سک ڏک جا ساٿي، انھن همراهن ڪري بلوچ جو اهو سفر ڪاميابيءَ ۽ خوشگوار پڄاڻيءَ تي پھچي ٿو. جيڪڏهن بلوچ صحبت علي اهو سفر اڪيلو ڪري ها تہ پوءِ ان جو اظھارِ بيان ۽ احوال بہ ممڪن آهي تہ مختلف هجي ها.
ان سفرنامي ۾ نہ صرف موج مستي ۽ حاصل ٿيل لذتن جو احوال آهي، ساڻ ساڻ انڊونيشيا جي تاريخ، تھذيب، سماجي ۽ معاشي ۽ سياسي حالتن جو بہ احوال ملندو. ٻيو تہ ڪتاب جي خالي هنڌ کي بلوچ صحبت علي ڏاهن جي قولن، پنھنجي شعرن جي بندن ۽ واضع سياسي بيانن سان پُر ڪري پنھنجي ڪمٽمينٽ ۽ آدرشن جو بہ واضع اظھار ڪيو آهي. ان مان ظاهرٿيو تہ بلوچ صحبت علي هڪ ڪميٽيڊ انسان دوست ۽ سنڌ دوست ليکڪ ۽ شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي موجوده سماجي ۽ سياسي حالتن جي زوال کي ڏسي رنجينده تہ آهي پر مايوس نہ آهي. هو روشن مستقبل ۽ تبديلي جو آرزو مند آهي.
”دادو ۾ آهي جادو“ جي رهواسي بلوچ صحبت علي جي خوش مزاجي، دوست نوازي ۽ علم دوستي جو قائل رهندي مان سندس وڌيڪ ڪاوشن جو آرزو مند آهيان تہ وڌيڪ سفرڪندو رهي ۽ عشق ناما لکندو رهي.

ممتاز مھر

نوٽ: هن کان اڳ ۾ ايندڙ سفرنامي” انڊونيشيا جو عشق“ جي مھورتي تقريب جيڪا پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿي هئي، جنھن جي صدارت نالي واري نقاد، ڪھاڻيڪار، ۽ فلاسفر محترم ممتاز مھر ڪئي هئي ۽ صدارتي مقالو پڙهيو هو.