سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇي ۽ ڪميون
هتي پاڻي جو رنگ نيرو فيروزي صاف شفاف هيو. هيٺ سمونڊ جي پاڻيءَ ۾ نظر وجهڻ کان پوءِ هيٺ جي دنيا ۽ ان جي سموري مخلوق نظر پئي آئي. مٿي مٿي پٿر پئي نظر آيا. جنھن مان لڳي پيو تہ هيٺ پاڻي گهرو نہ آهي. ڊبل روٽي ٽڪرن کي هيٺ اڇلڻ جي ڪري ٿوري دير ۾ ئي ننڍڙين مڇين جو جهنڊ هيٺ گڏ ٿي ويو هو. ميلان هڪڙي ڊبل روٽي جو سلائيس مون کي ڏيندي چيو تہ،”توهان بہ هنن کي کارايو“. مان بہ ان کي ڀوري هيٺ مڇين کي کارائڻ لاءِ ڊبل روٽي جا ٽڪرا هيٺ ٻيڙي جي پاسي ۾ ڪيرائي رهيو هئس. ڪيڏو خوبصورت نظارو هو. ننڍڙيون، وڏڙيون مڇيون اچي گڏ ٿيون هيون. ٻيڙي هوا ۽ پاڻي جي ڇولين جي ڪري هيٺ مٿي ٿي، لڏي رهي هئي.
ڪي ڪي وڏيون مڇيون بہ نظر آيون. هون بہ هن جاءِ تي ميلان ٻڌايو تہ،”هتي وڏيون مڇيون گهڻيون آهن“. مالديپ جي زمين اهڙين چند جاين مان هڪڙي آهي جتي ڪا بہ خوبصورت وهيل مڇي يا شارڪ کي توهان پنھنجي سامھون دوبدو ڏسي سگهو ٿا. جيڪا دنيا جي مڇين ۾ سڀني کان وڏي مڇي آهي. هتي اهي مڇيون سمونڊ ۾ پوري سال پيون نظر اينديون آهن. سو بہ گهڻي تعداد ۾. هتان جي ساحلن تي گهڻو ڪري سفيد رنگ جي، نرم ملائم واري هوندي آهي. جيڪا دنيا جي مڙني ساحلن جي ڀيٽ ۾ پنج سيڪڙو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي زمين کي جنت جو ٽڪرو تصور ڪيو وڃي ٿو.
مالديپ دنيا جي سامونڊي ڪمين جي ستن قسمن مان پنج قسمن جو گهر آهي. هتي ليدر بيڪ، اوليو رڊلا ڪمي، لوگر هيڊ، گرين ٽرٽل ۽ هاڪس بل وڏي تعداد ۾ نظر اينديون آهن. جيڪڏهن توهان کي ڪمين ڏسڻ جو شوق آهي، تہ توهان لاءِ هي جڳھہ انتھائي خوبصورت آهي.
هاڻي ميلان جي ڊبل روٽي ختم ٿي ويئي هئي. ٻيڙي کي اوسي پاسي، چئني پاسن کان ننڍڙين توڙي وڏين مڇين جو جهنڊ گهيرو ڪري ويو هو. ان عمل کان پوءِ ميلان ٻيڙي جي اڳين حصي کان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ،”مون کي غور سان ٻڌو مان توهان کي ڪجهہ هدايتون ڏيئي سمجهائڻ چاهيان ٿو“.
اسان سڀني جو ڌيان مڇين کان هٽي هن طرف ٿي ويو. هي ڏاڍو خوش مزاج، ملڻھار ۽ سٺو ڇوڪرو هو. هن جي طبيعت ۾ مزاڪ مستي جو عنصر ڪجهہ سوايو هو. مون کي خبر نہ هئي تہ هو اردو بہ سمجهي ٿو. سو ڪنھن ڳالھہ تي مون چيو تہ،”هي وڏو حرامي آهي“.
تہ ان تي هن چيو تہ،”نہ نہ مان حرامي ناهيان توهان گهٻرايو نہ“. پر هن صفا مائينڊ نہ ڪيو هو. پر مان دل ئي دل ۾ شرمندو ضرور ٿيو هئس. پر پوءِ تہ اهڙو دوست ٿي ويو جو ڇا ڳالھہ ڪجي.