هڙومالي کي الواعي ڀاڪر
پرتاب وهنجي پيو. هن وقت عجب يوسف آيو آهي، جنھن چيو تہ،“اسان سڀ تيار آهيون، اچو تہ نڪري هلون“.
پر مون هن کي چيو تہ،”ٿورو ترسو پرتاب وهنجي پيو“ .
انھي دوران مختيار صاحب اڳ ۾ ئي فريش ٿي، تيار ٿي ويٺا آهن ۽ هن پنھنجن گهروارن سان واٽس اپ تي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. مختيار صاحب جي هون بہ اها مون کي سٺي ڳالھہ لڳندي آهي تہ هو صبح جو تيار ٿي، ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ گهر وارن سان فون تي هلو هاءِ ڪري، تازيون تصويرون ڪڍرائي، گهروارن کي پنھنجي موجودہ پوزيشن جي باري ۾ ۽ نئين يا اڳين سفر جي باري ۾ اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن سڄو ڏينھن ڪال نہ بہ ٿي تہ خير آهي ۽ وري جڏهن شام جو گهمي ڦري واپس اچي، وهنجي سھنجي فريش ٿي، ٿانيڪو ٿي ويھن ٿا تہ بہ هو گهروارن کي پنھنجي صورتحال کان آگاھہ ڪن ٿا. پر ان معاملي ۾ منھنجي ۽ پرتاب جي ڳالھہ الڳ آهي.
پاڪستان ۾ اڄ ڏهين محرم آهي. سڄو ملڪ غم حسين ۾ ورتل هوندو پر هتي تہ مون کي ڪٿي بہ ڪو الم پاڪ، ڪو جلوس، نہ ڪو غازي عباس جو چنبو، يا ڪو ڪازيو، ڪو دلدل، ڪا سبيل، يا ڪو نياز نظر نہ آيو. مطلب تہ مون کي ائين لڳو تہ محرم الحرام آهي ئي ڪو نہ.نہ ڪارا ڪپڙا ۽ نہ ئي ڪو ماتم. جيتوڻيڪ مالديپ مڪمل طور تي مسلمان ملڪ آهي ۽ گهڻائي بہ مسلمانن جي آهي. مون کي هتي ٻيو ڪو بہ مذهب نظر نہ آيو. هتي گهڻائي سني فرقي جي آهي. الشيعت جو انگ ٻڙي آهي.
دوست سڀ تيار ٿي ويا آهن.سڀئي دوست پنھنجا بيگ گھليندا، پاڻ ئي پنھنجن ڪلھن تي وزن کڻي هيٺ ڏاڪڻ ذريعي لٿاسين. نہ لفٽ، نہ بيرو. چوندا آهن تہ سستي روئي بار بار، مھنگي روئي ايڪ بار. اسان تہ پل پل پيا اوڇنگارون ڏيئي روئون تہ جنيد تنھنجي اسان سان ڪھڙي دشمني هئي جو هن آڙاھہ ۾ اچي هنئي. هاهاها.
هن وقت صبح جا 5.40 ٿيا آهن. اسان سامان کڻائي، هوٽل کان هيٺ آياسين. پنڌ ڪندا، اچي مين روڊ تي بيٺاسين. روڊ سنسان هيا. فجر جو پھر هيو. ڪي ڪي ايڪڙ ٻيڪٽر ٽريفڪ هلندي نظر آئي. دڪان، اسٽور، سينٽر، شاپنگ مال بند هيا. صبح جي پھر، تازي هوا جو جهونڪو صفا جسم ۾ تازگي جو روح ڦوڪي ڇڏيو هو. پرائي ملڪ جي، اجنبي شھر جي خوبصورت صبح ڪيڏو وڻي ٿي. پکين جون ٻولڙيون، شھر جي خاموشي، هر ڪو پنھنجن گهر ۾ گهري ننڊ ۾ ستو پيو هوندو. پر اسان جون رولاڪيون، اسان کي سمھڻ نہ پيون ڏين. اسان هن خوبصورت شھر کي الوداع ڪرڻ لاءِ روڊ تي بيٺا هياسين. ٿوري دير کان پوءِ، هڪڙي ٽيڪسي اچي بيٺي، ان ٽيڪسي واري کي جنيد چيو تہ،”اسان کي هڪڙي ٻي ٽيڪسي بہ کپي”. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي ٻي ٽيڪسي بہ اچي. اسان پنھنجا بيگ ٽيڪسين جي ڊگي ۾ رکيا. اسان واري ٽيڪسي پويان هئي، ان ڪري اسان هن کي چيو تہ،”تون اڳين ٽيڪسي کي فالو ڪر”. هڪڙي جاءِ تي ائين لڳو تہ اڳين ٽيڪسي ساڄي پاسي کان مڙي ويئي آهي. جنھن تي اسان جي مختيار صاحب ٽيڪسي واري کي چيو تہ،“اسان جي اڳيان واري ٽيڪسي وارو تہ اڳين روڊ کان ساڄي پاس مڙي ويو آهي، توهان سڌو پيا وڃون. توهان ڪو ٻيو روڊ تہ نہ ورتو آهي، شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾”. جنھن تي اهو ڊرائيور تجسس جو شڪار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ،“ايئرپورٽ ڏانھن ويندڙ هي هڪڙو ئي روڊ آهي، ٻيو ڪو بہ روڊ نہ آهي، اڳين ٽيڪسي وارو تہ خبر ناهي ڪير هو، مون کي ان جي ڪا بہ خبر ناهي، پر مان تہ ايئرپورٽ هلان پيو”. سو تقريبن اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اسان ائيرپورٽ جي احاطي ۾ هياسين. اسان کان اڳ ۾ ئي جنيد وارن جي ٽيڪسي بيٺي هئي. شايد اها تڪڙي آئي هوندي ۽ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويئي هوندي.