سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام

هاڻي پاڻ بڪني بيچ تي اچي پھتا هياسين. سامھون کان ناريلن جي ڊگهڻ وڻن جي ڇانو ۾ قدآور انگريز مرد ۽ انھن جون ڊگهيون عورتون، واري تي رکيل ڪرسين تي بي خوف ۽ بي خطر ٿي ليٽيل تہ ڪي ستل نظر آيا. تہ ڪي وري سمونڊ جي صاف شفاف نيري پاڻي ۾ وهنجندي، سمونڊ جي رونقن ۾ ڇڙواڳ ڇولين کي دعوت حسن ڏيئي رهيا هيا.
پرتاب ۽ سائين مختيار ڦوٽو گرافي ڪندي گهڻو پرتي پرئين پاسي نڪري ويا هيا. عجب مون کي ڦوٽوگرافي لاءِ قابو ڪري وڌو هو. ماڻھو ڪڏهن ڪڏهن محبتن ۽ هجتن جي ور چڙهي ويندو آهي، پوءِ انڪار بہ نہ ڪري سگهندو آهي. مون وٽ منھنجي موبائيل ڪانہ هئي، جو مان پنھنجا يا ٻين دوستن جا ڦوٽو ڪڍان. مون موبائيل اڃان آن نہ ڪئي هئي. سوچيو هيم تہ هتان واپسي ۾ وڃي موبائيل کولي ٻيجل سان رابطو ڪندس. عجب جا جيڪي ڦوٽو ڪڍان پيو، هو پنھنجي ڪنھن بہ ڦوٽو تي مطئمن نہ پيو هئي. هو پنھنجي موبائيل جي ڪيمرا جو فوڪس ۽ اينگل سيٽ ڪري پوءِ موبائيل منھنجي حوالي ڪندي، هدايتون ڏيئي پيو ۽ چوي پيو تہ،”هتان هن اينگل کان بيھي، هن انداز سان ڦوٽو ڪڍو“.
هڪڙي ڦوٽي ۾ گهٽ ۾ هڪ اڌ منٽ لڳي پئي پيو. مون کي اچي بيزاري ٿي تہ پاڻ هڪڙي منٽ ۾ تہ ويھہ پنجويھہ ڦوٽو ڪڍي وڃون پر هي همراھہ هڪڙي ئي ڦوٽو تي ڦاٿل آهي. هن جو پنھنجو معيار هيو. هر ڦوٽو جو اينگل سيٽ ڪرڻ. هر ڦوٽو ڪڍڻ کان پوءِ وري چيڪ ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهہ اسان کي ڪٿي پيو پڄي.
”نہ يار مزي وارو ڦوٽو نہ آيو“. هو ڪٿي ڪٿي شڪايتي لھجي ۾ بہ چئي پئي ويو. جنھن تي مان هن کي عرض ڪيو تہ،“قبلا! مون ڦوٽوگرافي جو ڊپلوما نہ ڪيو آهي، جھڙو ڦوٽو اچي ٿو، اهو ئي اٿو”.
سائين مختيار ۽ پرتاب گهڻو اڳتي نڪري ويا هيا. هڪڙي انگريزياڻي اسان جي سامھون سپون ميڙي رهي هئي. هوءَ خاموش هئي تہ سمونڊ بہ خاموش هيو. خاموشيءَ ۾ خاموشي جو ماحول جڙي ويو هو. پر پوءِ بہ مون کي لڳو تہ هن سان سمونڊ جون ڇوليون محو ڪلام آهن. هن جي ويجهو وڃي بيھي رهيس، دل چيو تہ هن سان اندر جي ڳالھہ ڪيان تہ مائي منھنجي هن يار کان جان ڇڏائي“؟. پر پوءِ اڃان ان ئي سوچ ۾ هيس تہ عجب يوسف منھنجو ڌيان ڇڪائيندي چوڻ لڳو،”سائين! هي پوز ڀلا ڪيئن آهي، هي سمونڊ جو بئڪ گرائونڊ اچي بس“. ڪناري تي پاڻي کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا پٿر رکيا ويا هيا ۽ انھن جي مٿان ڪاري رنگ جو تيل هاريو ويو هو تہ جيئن سمونڊ جو پاڻي انھن پٿرن کي نہ کائي سگهي. دنيا ۾ لوھہ اها شي آهي، جيڪو هر شيءَ کي ڪاٽي ڇڏي ٿو، وري ان جي مٿان باھہ آهي، جيڪا لوھہ کي بہ ڳاري، رجائي ڇڏي ٿي، باھہ وري هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿي. ساڳي ريت وري باھہ کي وسائڻ لاءِ پاڻي آهي، جيڪو باھہ کي بہ وسائي ڇڏي. اهڙي ريت وري انسان اهو آهي، جيڪو پاڻي کي بہ پي وڃي ٿو. سو هن بيچ يا ٻيٽ جي سامھون ٻيا بہ ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ نظر اچي رهيا هيا.
سو مون کي جڏهن گهڻي خفت ٿي تہ مان بہ تڪڙو اڳتي نڪري ويس. عجب بہ منھنجي پويان پويان ڊڪندو آيو. مون ڪوشش ڪئي تہ هن کي ڦوٽو ڪڍڻ ۾ نظر انداز ڪيان، ڇاڪاڻ تہ منھنجا ڦوٽو هن کي نہ پيا وڻن. سو مون وڃي پرتاب جو پاسو ورتو. پر هي اتي بہ پھچي ويو ۽ مان اتان وري وڃي سائين مختيار جو پاسو ورتو، جيڪو اڪيلو اڪيلو پئي گهميو. پيارو عجب بہ اچي پرتاب کي لڳو تہ منھنجون تصويرون ڪڍ. مان شڪر ڪيو تہ هاڻي پرتاب پاڻھي منھن ڏيندو. مون سائين مختيار صاحب جون تصويرون دل سان ڪڍيون تہ هن منھنجون. ٻنھين هڪٻئي جون پئي تصويرون ٺاهيون. مختيار صاحب جي موبائيل جي رزلٽ ڀلي آهي. ان ڪري هن جون تصويرون سُٺيون پئي آيون. مختيار صاحب فقير ماڻھو آهي تصويرن جي معاملن ۾ هو بلڪل سڌو آ. تڪڙ تڪڙ ۾ ٻہ ٽي ڪلڪ ڪري ڦوٽو گرافي جو شوق پورو ڪندو آ. هن جي هُن کي ڳڻتي نہ هوندي آهي تہ تصوير ڀلي نڪتي، يا خراب. ڪا ڳالھہ ناهي. پر عجب جي ڦوٽوگرافي جو داستان بہ عجيب هيو. جيڪو منھنجي سمجهہ کان گهڻو ٻاهر هيو. شايد پرتاب سمجهي ويو هوندو.