مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
هاڻي اسان کي مافوشي ٻيٽ کان ڪي.گرائيدو K.Ghuradoo ٻيٽ ڏي وڃڻو هو. اسان سامان رکي ان فاسٽ بوٽ ۾ ويھي رهياسين. هن ٻيڙي واري پنھنجو اسپيڪرآن ڪري ڇڏيو هو. هن تيز موٽر واري ٻيڙي ۾ ٻہ نوجوان هيا. هڪڙو ڊرائيونگ سيٽ تي هيو تہ ٻيو هن جو اسسٽنٽ هيو. هو تمام تيزي سان ٻيڙي کي سمونڊ تي ترڪائي رهيو هو. ان ڪري سڀني دوستن کي خوف جو ڇھاءُ محسوس ٿيو. ڇو تہ اسان کي نہ لائيف جيڪٽ ڏني ويئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو ٻيو بچاءَ جو سامان. جڏهن تہ مان سمجهان ٿو تہ مسافرن کي مافوشي ٻيٽ تان کڻڻ، هنن جو روز جو معمول هيو، ان ڪري هنن کي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. شايد هو اسان کي وڌيڪ سمونڊ کي سمجهن پيا. جڏهن تہ اهڙي تيز رفتار ٻيڙي ۾ اسان جو پھريون سفر هو. پر هنن همراهن کي ڏسون پيا تہ هنن جي ڪنن تي ڪا بہ جونءِ نہ پئي چري، ۽ هنن کي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي. سمونڊ ۾ هلندي هن ڪيترائي ٻيا بہ ٻيٽ ڪراس ڪيا هيا. هي اڃان بہ اڳتي وڃي رهيو هيو.
جنيد کي چيم تہ،”ڪٿي وڃي هوٽل بڪ ڪرايو اٿئي، گهٽ ۾ گهٽ مافوشي ٻيٽ ۾ تہ بڪ ڪرائين هيا. 24 ڪلاڪ کان بہ مٿي ٿي ويو آهي جو اسان مسلسل سفر ۾ آهيون“ .
جنيد کلي چيو تہ،” گرائيدو ٻيٽ تي پھچي پوءِ ٻڌائجو. توهان جا سڀ ٿڪ نہ لھي وڃن تہ چئجو“.
ان آسري ۾ سمونڊ جي سفر مان لطف انداز ٿيندا رهياسين. ڪيترائي ٻيٽ رات جي روشنيءَ ۾ وهنجي رهيا هيا.
وچ تي اهڙو موڙ آيو، جو هن ٻيڙي کي اهڙي نموني ٽرن ڏنو جو ذري گهٽ وڃي ٻيڙي اونڌي ٿي هئي. هر ڪنھن دوست جو ساھہ مٺ ۾ اچي ويو هيو.
يوسف عجب چوڻ لڳو،”ڏاڍو خطرناڪ ڊرائيور آهي. ايڏي اسپيڊ سان پيو هلائي، لڳي ٿو هوٽل تائين بہ مشڪل پڄون“.
”مون کلي يوسف کي چيو،”دل وڏي ڪر، ڪو مسئلو ڪونھي، هي ماڻھو سمونڊ کي، سامونڊي رستن کي ۽ پنھنجي ٻيڙي کي اسان کان وڌيڪ چڱي ريت ڄاڻن ٿا، تون دل نہ لاھہ، ﷲ چڱي ڪندو“.
”ﷲ تہ چڱي ڪندو پر في الحال تہ سر ٿو وڃي“. يوسف مسڪرائيندي چيو.
خير تقريبن اڌ ڪلاڪ جي سامونڊي سفر کان پوءِ ٻيڙو اچي ڪي گروائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي لڳو. اسان جو سامان لاٿو ويو. سامھون اسان جي سامان ۽ اسان کي کڻڻ جي لاءِ هوٽل جو لوڊر بيٺو هيو. جنھن تي اسان ۽ اسان جو سامان ويھي رهيو. سامونڊي ڪناري کان تقريبن پنجن کان اٺن منٽن جي پنڌ تي، هڪڙي بازار کان ڪچي روڊ، رستي تي هلندي اسان پنھنجي هوٽل Athens view وٽ اچي نڪتاسين.
رات هوٽل ۾ هئي. هن هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي اهو چيو ويو تہ،”توهان پنھنجا بوٽ مک دروازي وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيو“.
جيتوڻيڪ اسان جي لاءِ اها ڏاڍي عجيب ڳالھہ هئي. پر حڪم جي تعميل ڪندي سڀني دوستن پنھنجا جوتا گيٽ وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيا. ڪاٺ جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي پھرين ماڙ ۾ هليا وياسين. ڏاڪڻ چڙهڻ مھل ئي هوٽل جي صفائي صاف ۽ چٽي نظر پئي آئي. پاڻ پنھنجي ڪمري ۾ آياسين. هن ڪمري ۾ چار سنگل بيڊ پيل هيا. اسان ٽي هياسين. مان، سائين مختيار ۽ پرتاب. جڏهن تہ ٻي ڪمري ۾ ٻي سنگت يعني مظفر کوکر، جنيد ڏهر ۽ عجب يوسف. پنھنجو سامان، ٿيلھا، بيگ ڪنڊ تي رکي ٿانيڪا ٿي ويٺاسين. مون ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ پاڻي گهرايو. مون کي خبر هئي تہ ٿڪاوٽ کي ڀڄائڻ جو بھترين ذريعو ڪافي آهي. سو ٽيبل تي بجلي واري ڪٽلي اڳ ۾ ئي پيل هئي، ان جي پاسي ۾ ڪافي ۽ کنڊ جون ننڍڙون پڙيون (ساشي) پڻ رکيل هيون. پر کير جي هڪڙي پڙي بہ نظر نہ آئي.
بيري کي چيم تہ، ”ڪوپ ۽ کير جون پڙيون تہ آڻ“.
بيري چيو تہ،”سائين ! کير توهان کي پنھنجو گهرائڻو پوندو“. سو مون ڪافي جي پڙين مان ئي ٻہ ڪافيون ٺاهيون. ڪوپ ايترا ننڍڙا هيا جو وڌ ۾ وڌ ٽي ڍڪ ٿين. سو ڪافي ڏاڍي ڪڙي ٿي وئي هئي. مختيار صاحب تہ ڪافي جو هڪ ڍڪ ڀري ڪوپ کان الوداع ڪئي. باقي مون سمجهو تہ اها ڪڙي ئي شگر کي ڌڪ هڻندي سو، اکيون ٻوٽي پي ويس. سچ اهو آهي تہ بنا کير جي ڪافي مون کي بہ نہ پئي وڻي پر پوءِ بہ زهر جو ڍڪ پي وياسين ۽ نڀائي وياسين. هن هوٽل ۾ ٻہ بيرا جيڪي بنگلاديش جا هيا. انھن ۾ هڪڙي جو نالو حڪيم هيو تہ ٻي جو نالو عبدﷲ هيو. ٻيئي بيرا ڏاڍا ڪو آپريٽو هيا.