اهم ڪاغذ تہ حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
مظفر کي چوڻ لڳو تہ،”ڪا ڳالھہ ناهي، ڪٿي بيھجان تہ انھن ڪاغذن جي پرنٽ وٺي وٺون، مون وٽ موبائيل ۾ محفوظ آهن“. مون هن کي چيو تہ،”پر هن مھل تہ ڪافي رات ٿي چڪي آهي، اهڙي بيگاھہ وقت ۾ ڪٿي دڪان کليل هوندا“.چيائين،”ڀلا ايئرپورٽ تان ئي پرنٽ ڪڍرائي وٺنداسين“. مان سمجهان ٿو تہ جنيد جي مٿان گهڻيون ذميواريون آهن. ان ڪري هن کان گهڻيون شيون وسري وينديون آهن. جنھن جي لاءِ هن کي پاڻ سان هڪڙو اسسٽنٽ رکڻ گهرجي، جيڪو هن جا معامرا ڏسي. پر ائين ٿيندو رهندو آ. هي تہ ننڍڙيون شيون آهن، پر ماڻھن کان تہ وڏيون وڏيون غلطيون بہ ٿي وينديون آهن. پر يار هون بہ انسان آهي ئي خطا جو گهر. ڪير کڻي ڇا بہ چوي.