دي ٽيچرز سان ملاقات
هاڻي اعلان ٿيو هو تہ اسان جو جھاز بورڊنگ لاءِ تيار آهي. سو مسافر سڀ اميگريشن پروسيس لاءِ قطار ۾ بيھي ويا هيا. ان ئي قطار ۾ ٻہ عجيب ڪورين ڇوڪريون نظر آيون. جن مان هڪڙي جي مٿي جي وارن جو رنگ گلابي هلڪو ۽ ٻي جي وارن جو رنگ فيروزي هيو. هي هٿراڌو رنگ ڪرايو ويو هو. هر ماڻھو جي پنھنجي پنھنجي پسند آهي. ڪن کي ڪارا وار وڻن تہ ڪن کي سفيد وار. ڪن کي وري انگريزن وارا ڳاڙها ڀورا ناسي وار. پر هن قسم جو مٿي جي وارن جو رنگ مون پھريون ڀيرو ڏٺو هيو. مرد حضرات تہ ٺوڙھہ ڪرائي پيا گهمن. ٺوڙھہ بہ هاڻي فيشن ٿي ويو آهي. پر ڪن کي وارن جو مسئلو آهي. ڇوتہ اهي گنجا آهن.
مختيار صاحب چيو تہ،”يار هنن ڇوڪرين جي وارن جو رنگ عجيب آهي. هي ڇوڪريون تہ سچ ۾ گڏيون پيون لڳن“. مطلب تہ هنن جي وارن کي ڏسي اسان تہ سوچڻ تي مجبور ٿي وياسين تہ وارن جو ڪارو يا اڇو تہ قدرتي رنگ هوندو آهي. پر ڪي ڪي عورتون يا مرد پنھنجي شوق جي آبياري لاٰءِ وارن کي مختلف رنگ ڪري ماڻھن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هي بہ ڪو انھن جي علائقي جو فيشن هوندو. قد جون ننڍڙيون، جسماني طور تي سنھڙيون، هي ڪورين ڇوڪريون بہ عجيب هيون. سڀني جي توجھہ جو مرڪز هيون. سو ايئرپورٽ تي هلڪي موسيقي، مڌر سرن جا رنگ ڇڙيل هيا. هي مڌر سُر ايئرپورٽ جي ماحول کي کنيو بيٺا هيا. هن پاڪ موسيقيءَ ۾ ڪو بہ بي سرو آواز شامل نہ هيو. ان ڪري موسيقي جي روح سان گڏ، اسان پارن موسيقي جي عاشقن جا بہ روح تازا توانا ٿي پيا هيا.
ٿر جو سريلو فنڪار ۽ ان کان وڌ رسيلو انسان مرحوم صادق فقير چوندو هو تہ هيءَ سموري ڪائنات موسيقي سان ٽمٽار آهي. ڪائنات جي سڀني رنگن سان سر جو سنگ ساٿ رهيو آهي ۽ اها ئي سريلائي آهي جيڪا هڪڙي جينيئس کان وٺي اٻوجهہ ماڻھو تائين هر ماڻھو کي موهي. پنھنجي مٺڙي منڊ ۾ منڊي متاثر ڪندي رهي آهي. شينھن جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو تہ ان سان بہ هڪڙو سر پيدا ٿئي ٿو پر سر جي انھن آلاپن ۾ دهشت ۽ دٻدٻو سمايل آهي، جيڪو هر ٻڌنڌڙ کي ڌوڏي وجهي ٿو. تڏهن ئي تہ شينھن کي جهنگل جو بادشاھہ، چندن جي وڻ کي ٻيلي جو بادشاھہ، سورهيہ کي سينا جو سر موڙ ۽ سپوت کي راڄ جو سرواڻ چوندي، ڪنھن هندي شاعر ڪھڙي نہ عقل واري ڳالھہ ڪندي چيو آهي تہ،
شينھان کا کالو نھين، نھين چندن ڪا باغ
سور ماڪي سينا نھين، نھين سپوتان ڪا راڄ
يعني شينھن جو ولر نہ هوندو آهي، نہ ئي وري چندن جو باغ ٿيندو آهي، ٻہ وڻ بہ هڪ ٻئي جي سرهاڻ جي سٽ نہ سھندي، سڙي خاڪ ٿي ويندا، اهڙي طرح سپھہ سالارن يا بھادرن جي فوج نہ هوندي ۽ هر راڄ ڀاڳ ۾ سپوت بہ ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا آهن.