سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

6.7.2024 جي پرنور صبح ۽ پرتاب جا شعر

هجي جا کاڻ خوبين جي، عيبن کان بنھہ آجي،
نہ پنھنجي شاعري اهڙي، نہ پنھنجي زندگي اهڙي.
نارائڻ شيام

ڪير اسان جا سور سھيڙي،
دل ٿڪجي پيئي ميڙي ميڙي

صبح جو پوڻين پنجين وڳي اک کلي تہ ان وقت فجر جي آذان جو آواز ڪنن ۾ پيو. دوست سڀ ستا پيا هيا. مان فريش ٿي ٻاهر نڪتس پئي تہ منھنجي چرپر ۽ کڙڪي ڪرڻ واري آواز تي مختيار صاحب جاڳي پيو هو. ان کان پوءِ ڏٺم تہ پرتاب بہ ننڊ مان بيدار ٿي چڪو هو.
رات هن ٻيٽ ۾ ڪافي هوائون هُلي رهيون هيون. گيلري ۾ رکيل ڪپڙا سُڪي چڪا هيا. سامان جي پيڪنگ تہ مان رات ئي ڪري چڪو هيس. مون وٽ هڪڙو وڏو بيگ ۽ هڪڙو هينڊ ڪيري يا ٿيلھو ساڻ هيو. جنھن ۾ هلڪو ڦلڪو سامان هيو. هن وقت صبح جا ساڍا پنج ٿيا آهن. مختيار صاحب وهنجي رهيو آهي. جنيد وارن کي اٿاري آيو آهيان. اهي بہ ستل هيا.
ساڳي ريت هوٽل جي ٻين ڪمرن جا مھمان بہ ستل هيا. مان تيار ٿي هوٽل جي روم ۾ ويھي لکي رهيو آهيان. رات کان موبائيل کُلي نہ ٿي، صفا پڙ ڪڍي ويھي رهي آ. جنھن جي ڪر طبيعت ۾ ٺپ مزو ڪونھي. ڇا ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو پنھنجي وس ۾ نہ هوندو آهي. پاڻ کي مڪمل طور تي حالتن جي ور ڪري ڇڏڻو پوندو آهي. ڇو تہ ماڻھو ڪجهہ ڪري نہ سگهندو آهي. پوءِ نيٺ ڇا ڪجي.!