صفدر حسين سمون سان ملاقات
اڃان اتي ئي بيٺي بيٺي ڪچھري ڪري رهيا هياسين تہ پرتاب بہ اچي نڪتو. سو پرتاب کان حال احوال پئي ورتاسين تہ ٿوري دير کان پوءِ مختيار سمون صاحب جو ننڍو ڀاءُ محترم صفدر حسين سمون ۽ سندس سوٽ تنوير علي سمون بہ ايئرپورٽ تي اچي نڪتا. هنن ٻنھي دوستن جي ڪراچي ۾ ئي رهائش آهي. صفدر حسين سان جڏهن ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ هن ٻڌايو تہ هو وڪيل آهي ۽ ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو آهي. هن جا سينيئر شبير ٻٻر ۽ سميع ملڪ وڪيل آهن. جيڪي ٻيئي منھنجا پراڻا دوست آهن. شبير ٻٻر سان هون بہ ڪڏهن ڪڏهن دادو بار ۾ ملاقات ٿيندي رهندي آهي، باقي سميع ملڪ سان ملاقات ڪندي سال ٿيا آهن.
هو انتھائي محبتي ۽ سلڇڻو نوجوان لڳو. هن چانھہ جو زور ڀريو. پر اسان انڪار ڪندي هن کان معذرت ڪئي. پر هو اسان جي ڪيفيت کي سمجهي ويو هو، ڇو تہ هو بہ آخر وڪيل هيو. هون بہ اسان کي چانھہ جي سچ تہ ضرورت بہ هئي. سو هو ٻيئي دوست ٿوري دير لاءِ هليا ويا. پاڻ هاڻي پئسا مٽائڻ ۾ لڳي وياسين. مون سان گڏ مختيار سمون صاحب ۽ يوسف عجب پڻ پاڪستاني روپيا مٽائي ڊالر ورتا. ڇو تہ هر ملڪ ۾ ڊالر هلي ٿو ۽ هر ملڪ ۾ ڊالر جي اهميت آهي. سو ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ صفدر پاڻيءَ جون بوتلون، چانھيون، بھترين مٺائي ٽائيپ بسڪوٽ وٺي آيو. سڀني دوستن کي پاڻي، چانھہ ۽ بسڪوٽ کارايا. هنن دوستن تہ ڄڻ تہ ناشتو ڪرائي ڇڏيو هجي. مختيار صاحب جي فرزند نالي عمران علي سمون: جيڪو اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر آهي، ان جي بہ هن وقت مختيار صاحب کي فون آئي ۽ هن بہ ايئرپورٽ تي اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر سمي صاحب هن کي منع ڪري ڇڏيو تہ هاڻ اسان جي چيڪ ان شروع ٿي ويئي آهي، ان ڪري پاڻ گيٽ کان اندر ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي وينداسين. ان ڪري ملاقات نہ ٿي سگهندي.
جنيد ضروري ڪاغذن جي پرنٽ ڪڍرائڻ لاءِ يوسف کي ساڻ ڪري ايئرپورٽ تي ئي رولاڪيون ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو تہ،”يار سو روپئي جو هڪڙو پيج ڪڍي ڏنو اٿن. هتي پرنٽ وٺڻ ڏاڍو مھانگو آهي. ايئرپورٽ تان پرنٽ نہ وٺجي تہ بھتر“.
ٿوري دير کان پوءِ تقريبن ساڍي چئين يا پوڻين پجين ڌاري صبح جو فجر مھل چيڪ ان شروع ٿي ويو هو. گيٽ تي ماڻھن جي تمام وڏي رش هئي. قطار ۾ اسان بہ بيھي رهياسين. پر تيسيتائين صفدر اسان سان گڏ هو. وڏي ڀاءُ سان عقيدت ۽ احترام جو اهو رشتو ۽ ان سان نڀاءُ جو اهڙو ڏانءَ شايد ئي ڪنھن کي ايندو هجي. جيتوڻيڪ مختيار صاحب گهڻو ئي هن کي چيو تہ،”ادا توهان هاڻي گهر هليا وڃو، رات گهڻي ٿي ويئي آهي، اسان جي فلائيٽ 6 لڳي پنجونجاھہ منٽن تي آهي. توهان بيھي بيھي ٿڪجي پوندو“.
پر هو آخر تائين بيٺو رهيو. جيسين اسان گيٽ کان اندر داخل نہ ٿياسين. ويندي ويندي هُن اسان سڀني کان موڪلايو، پر پوءِ بہ اتي ئي مسافرن جي ڊگهي قطار جي پاسي ۾ بيھي رهيو هو. هن اسان سان ڪيتريون ئي تصويرون پڻ ڪڍرايون هيون. رات جو پويون پھر، ايئرپورٽ، ٿڪاوٽ، محبت ۽ پنھنجن کان پري ٿي وڃڻ جا منظر بہ عجيب آهن. جيڪي ماڻھو کي عجب ڪيفيتن ۾ ۾ وجهيو ڇڏين.
چڱا چنڊ چئيج، سنھيا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالھائيج پيرين وجهي هٿڙا. شاھہ رح