سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

جناح ٽرمينل ڪراچي ۾

سڀني کان موڪلائي گيٽ مان داخل ٿي سري لنڪن ڪولمبو واري ڪائونٽر تي اچي پھتاسين. اتي ايڏي گهڻي رش ڪانہ هئي. اهو ساڳيو ئي همراھہ هن دفعي بہ ڪائونٽر تي ويٺو هو، جيڪو سال 2022ع جي دوران جڏهن اسان نيپال ويا هياسين تہ ان ڏينھن بہ هن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو. خير هن دفعي سڌري ويو هو. اهڙي قسم جي ڪا بہ ڳالھہ نہ ٿي. جنيد اسان سڀني جا پاسپورٽ هن وٽ جمع ڪرائي پاڻ آجو ٿي بيھي رهيو. هن اسان جا بيگ لگيج واري پٽي تي رکي، انھن بيگن ۾ اسٽيڪر لڳائي، اسان کي بورڊنگ ڪارڊ ڏيندي، ان جي پٺين پاسي بيگ جا اسٽيڪرچنبڙائي ڇڏيا هيا.
اتان نڪري اميگريشن وارن ڪائونٽرن تي جڏهن پھتاسين تہ دل ئي دهلجي ويو. تمام وڏي رش ڏسي، پاڻ سڀني کان ڪنڊ واري ڪائونٽر تي اچي بيھي رهياسين. هتي ٻہ لائينون هيون. ساڄي پاسي واري قطار ۾ اسان بيھي رهياسين. ان وقت قطار ۾ گهٽ ماڻھو بيٺل هيا، پر ٿوري دير کان پوءِ ماڻھن جي ڀيڙ وڌندي وڌندي ويئي. قطار ڊگهي ٿيندي ويئي ۽ انتظار وڌندو ويو. ٻين ڪائونٽرن تي تہ اڃان بہ مسافرن جي گهڻي رش نظر آئي. اسان واري قطار اڳتي وڌي ئي نہ پئي، بلڪ چري ئي نہ پئي. ڪلاڪ کان پوءِ بہ ساڳي جاءِ تي بيٺا هياسين. جڏهن تہ اسان جي کاٻي پاسي واري قطار جا اهي ماڻھو جيڪي اسان کان بہ پٺتي بيٺل هيا، اهي وڃي ڪائونٽر تي پڳا هيا. ان مان لڳو ٿي تہ اسان واري ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ ڪجهہ مڙئي سست سوايو آهي.
سو ٿيو ائين جو پرئين قطار وارن شور ڪيو تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ پنھنجا من پسند ماڻھو اڳتي اماڻي رهيو آهي. اصل ۾ ٻہ سنڌي سٻاجھڙا ٻھراڙي جا ماڻھو هيا، جيڪي ذات جا سرڪي هيا. انھن سان هڪڙي پوڙهي عورت بہ هئي، مردن کي مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. اهي ويچارا بغير بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ جي ئي اچي قطار ۾ بيٺا. انھن کي سمجهايوسين تہ پھرئين وڃو بورڊنگ ڪارڊ وٺي اچو ۽ پوءِ اچي هن قطار ۾، ساڳي جاءِ تي بيھي اڳتي وڌو. اهي ٽيئي ڄڻا قطار کان نڪري بورڊنگ ڪارڊ لاءِ نڪري ويا ۽ جڏهن موٽي آيا تہ اتي ئي اچي بيھي رهيا، جنھن ماڻھو جي اڳيان بيٺل هيا. پر جن ماڻھن کي خبر نہ هئي، سو انھن اعتراض ڪيو. جنھن تي پرتاب بہ پنھنجن سنڌي سٻاجهڙن جو پاسو کنيو. پرتاب جي اها ڳالھہ مون کي ڏاڍي وڻي. چوڻ لڳو تہ ”پنھنجا ماڻھو آهن. ان لاءِ لپو هڻجي تہ بھتر“. انھي دوران اسٽاف جا ڪيترا ماڻھو آيا تہ فلاڻو جھاز اڏمڻ لاءِ تيار آهي، پر ڪي ماڻھو اڃان نہ پھتا آهن. رش گهڻي هئڻ ڪري اهي اڃان بہ ڦاٿا پيا هوندا. سو اهي انھن ماڻھن جي پڇا پيا ڪن. تہ اهي ماڻھو ڪٿي آهن، جيڪي اڃان نہ پھچي سگهيا آهن. ان جو مطلب اهو هيو تہ هن پروسيس ۾ انھن کي گهڻي دير ٿي ويئي هئي، جھاز ۾ بورڊنگ بہ مڪمل ٿي ويئي هئي. پر ڪي همراھہ شايد ڪٿي ڦاٿل ٿيا، ان ڪري جھاز ۾ نہ پھچي سگهيا هيا. بار بار اهڙي قسم جي اعلان ذريعي ماڻھن کي قطارن مان ڪڍي اميگريشن جو مرحلو طئي ڪرائي انھن کي اندر بورڊنگ لاءِ تڪڙو تڪڙو موڪلين پيا. هي قطار ۾ بيھڻ وارو مرحلو ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وڃو تہ ان قطار ۾ توهان کي ڪلاڪ کان بہ مٿي جو وقت لڳي سگهي ٿو.