سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

مالي جي منھوڙي وٽ انتظار جي باھہ ۾

هاڻي اهو همراھہ فون جي مٿان فون هجيس. هيڏانھن کان هوڏانھن پيو ڊوڙي، اسان منھوڙي تي، روڊ جي پاسي کان سمونڊ جي ڪناري تي فٽ پاٿ تي بيٺا هياسين. اسان جو سامان اسان سان گڏ هيو. ايئن ڪندي تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. پڇيوسين تہ،”ابا! ڏي خبر ڇا ٿيو، ڪاڏي ويئي تنھنجي فيري، يا رات هتي ئي گذارينداسين ڇا؟
هن ڪوڙ گهڙيندي چيو تہ،”هاڻي اسان کي مالي شھر کان ٻيڙي ڪرائڻي پوندي، اچو تہ اوڏانھن هلون“. سو جنيد ٻہ ٽيڪسيون ڪرايون. هڪڙي ۾ مان، جنيد ۽ يوسف هياسين تہ ٻي ۾ وري پرتاب، مختيار سمون صاحب ۽ مظفر کوکر هيا. رستي تي ڊرائيور سان بہ ڪچھري ڪندو آيس. ڊرائيور مالديپ جي باري ۾ ڪافي شيون ٻڌايون. نيٺ مالي شھر جي وچ ۾ سي پورٽ تي اچي بيٺاسين.
ايجنٽ همراھہ جون ساڳيون گُهتون. هيڏي ڊوڙي، وري هوڏي، فون مٿان فون. هاڻي تہ اسان کي ڦٽ پاٿ تي ويٺي ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. سامھون سمونڊ هيو. ڪافي ماڻھو انتظار ۾ هيا. انھي دوران پرتاب ۽ جنيد ڪنھن پاسي هليا ويا. باقي اسان دوستن جو خيال هو تہ جيڪڏهن ڀلا ٻيڙو نہ ٿو ملي تہ رات هتي ئي مالي ۾ ڪنھن هوٽل تي گذاريون. صبح جو هتان نڪري هلنداسين. سو ان ئي سلسلي ۾ پرتاب ۽ جنيد هوٽل ڏسڻ ويا تہ ڏسون ڪا سٺي هوٽل ملي تہ اتي ئي رات رهي پئون.
سامھون کان ننڍڙو ريفريشمينٽ جو دڪان هيو. مون مختيار صاحب کي چيو تہ سائين! سامھون ريفريشمينٽ جو دڪان آهي ۽ اسان کي بک بہ لڳي آهي، مٿان وري لڳي ٿو تہ شوگر ليول هيٺ پئي لھي، اٿو تہ هلي ريفريشمينٽ ڪري اچون، هي دوست خبر ناهي ڪيڏي مھل اچن، ڪا خبر نہ آهي“.
”ها يار مون کي بہ ائين لڳي ٿو تہ شگر ليول هاڻي وڃي پئي هيٺ ٿيندي، هلو تہ هلون“. مختيار صاحب اٿندي چيو.
سو مان ئي سائين مختيار اتي وياسين. ان کان ويجيٽبل بند/برگر/سنبوسي ٽائيپ شي وٺي هانو جهل ڪيوسين. ان کان پوءِ پاڻيءِ جون بوتلون پڻ ورتيون سين. هاڻي جسم ۾ ٿورو ساھہ پيو هو. مٿان وري سگريٽ جو لڳو سو بہ سمونڊ ڪناري صفا لوھہ ٿي وياسين. اتي ئي هڪڙو نوجوان ڇوڪرو سيڪيورٽي گارڊ جي نيري ڊريس ۾ هيڏي هوڏي ڦرندي نظر آيو. هن کي چيم تہ،” ماچيس يا لائيٽر اٿئي“.
چيائين،”نہ سائين مان سگريٽ نہ پيئندو آهيان.“.
ائين ئي هن کان وقت پاس ڪرڻ لاءِ حال وٺڻ شروع ڪيا پوءِ تہ هن سان بيٺي بيٺي ڪچھري جو دور هليو. هن ٻڌايو تہ هو انڊيا جو آهي. هتي ڪنھن ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندو آهي. هو انٽر پاس آهي. هن کي هتان جا ٽي هزار روفيا ملندا آهن. هو ڏاڍو سٻاجهڙو نوجوان هيو. هن پنھنجو نالو منھاس ٻڌايو هو. هن اسان کان اسان جي باري ۾ پڇا ڪندي چيو تہ،”توهان هتي ڪئين ويٺا آهيو“.
”فيري جي انتظار ۾“.
”سرڪاري فيري تہ ڪڏهوڪو نڪري ويئي“. هن سمونڊ ڏي اشارو ڪندي چيو.
”توهان کي ڪھڙي ٻيٽ ۾ وڃڻو آهي“. هن وري پڇيو.
اسان کي “ڪي گروئيدا“ K.Ghurado وڃڻو آهي.
”ان لاءِ توهان کي پھريائين هتان کان مافوشي ٻيٽ وڃڻو پوندو ۽ پوءِ اتان کان وري ڪي گروئيدا K.Ghurado، پر هاڻي توهان کي هتان ڪا پرائيوٽ فيري ڪرائڻي پوندي“. هن سمجهائيندي چيو.
هن سان اهڙي ريت ڪچھري هلي رهي هئي. پوءِ هن سان آخر ۾ تصويرون بہ ڪڍرايوسين. اتي ويٺي ويٺي مختيار صاحب جي پاسي ۾ هڪڙي فيملي اچي ويٺي، جن مختيار صاحب کان حال احوال پئي ڪيا. هاڻي تہ ڪافي وقت ٿي ويو هو. سج بہ لھڻ وارو هو. پر اسان کي اسان جي منزل لاءِ، سمونڊ تي سواري ڪرڻ لاءِ ڪو بہ سامونڊي ٻيڙو نہ پيو ملي.
ايجنٽ ڪنھن نہ ڪم جو هو. بيڪار ماڻھو هو. صفا غيرزميوار شخص هيو. هن جي ان رويئي مان لڳي پيو تہ هو انتھائي ڌوپار قسم جو ماڻھو آهي ۽ هن همراھہ جو ڪو بہ هوم ورڪ ٿيل نہ هيو. هتي سڀ ٻيڙا بڪ ٿيل هيا. هن سان هلڻ لاءِ ڪو بہ ٻيڙو تيار نہ هيو. ٿوري دير کان پوءِ جنيد ۽ پرتاب اچي ويا هيا. پرتاب چيو تہ،”مون کي ڊالر جو ريٽ هتي ساڍا سترنھن روپيا مليو“. جنھن تي اسان جنيد ڏي نھارڻ لڳاسين ۽ چيوسين تہ جنيد ڀاءُ! تنھنجي هن ايجنٽ اسان کي ايئرپورٽ تان 16 رپيا ڪيئن وٺرائي ڏنا، ريٽ تہ مٿي آهي“. جنيد ڳالھہ سمجهي ويو هو ۽ وڃي ان ايجنٽ کي چيو تہ، ”همراھہ صفا ڪاوڙيا پيا ٿئي، ڇو اسان هينئر هينئر ساڍا سترنھن روپيا في ڊالر وٺي آيا آهن. تو ڪيئن اسان کي سورنھن روپيا وٺرائي ڏنا“.
جنھن تي همراھہ وڏو بحث ڪيو تہ نہ ائين نہ هوندو.
آخر ۾ پرتاب هن کي چيو تہ،”ڀلي تون هل مون سان، مان تو کي ان ريٽ تي وٺرائي ٿو ڏيان“.
سو نيٺ همراھہ شرمندو ٿيو، ڇو تہ هن جي ڏنڊي نہ لڳي سگهي هئي ۽ ساڍي سترنھن روپين جي حساب سان باقي پئسا سڀني دوستن کي موٽائي ڏنا. اصل ۾ اها جنيد جي مھرباني هئي نہ تہ هو ائين نہ ڪري ها.
ان ايجنٽ وري ٻيو پنھنجو ماڻھو گهرايو. جيڪو اچي اسان سان مليو ۽ چوڻ لڳو تہ،” ٻيڙو ٿي ويو آهي. توهان سامان کڻي هلو ان پاسي“.
اسان پنھنجا بيگ کڻي ان پاسي پھتاسين. اسان کان اڳ ۾ ڪيترائي ماڻھو خاص ڪري انگريز سياح اتي بيٺا هيا، جيڪي پنھنجو سامان ٻيڙي جي اڳين حصي ۾ رکرائيندا پاڻ، ٻيڙي ۾ چڙهي رهيا هيا. هي هڪڙو پرائيوٽ ٻيڙو ڪيو ويو، جنھن ۾ ويھہ پنجويھہ کن ماڻھو کنيا ويا. اسان بہ انھن سان ان ۾ ويٺاسين. تقريبن منو ڪلاڪ جي سامونڊي سفر کان پوءِ اسان اچي مافوشي ٻيٽ تي لٿاسين. سڀ ماڻھو هتي لھي ويا هيا. اتي ئي لھڻ مھل هڪڙو نوجوان اسان وٽ پھتو ۽ چوڻ لڳو ،”تہ توهان جي بڪنگ دي اٿينس هوٽل ۾ آهي. مان اتان آيو آهيان. هي دي اٿينس هوٽل وارن جو ٻيڙو آهي، جيڪو توهان کي کڻڻ آيو آهي، توهان هيڏي اچو“. اهي ٻہ ڄڻا هيا، هڪڙو ٻيڙي جو پائليٽ، ٻيو ان جو اسسٽنٽ. انھن ٻنھي اسان جا بيگ کڻي ٻيڙي ۾ وڌا.
مافوشي ٻيٽ جو هتي ذڪر نہ ٿا ڪريون، پر جڏهن اسان خاص ڪري مافوشي گهمڻ آياسين تہ ان جو حوال ان مھل ڪبو، يعني مافوشي ٻيٽ جي باري ۾ توهان کي اڳتي پڙهڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو.