سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

ٻيڙي هڪ منٽ جي بہ تاخير نہ ڪئي

ماني کائي اتي هوٽل ۾ باقي ڏينھن جو پلئن ڪيوسين تہ اڳتي ڇا ڪجي ۽ ڪٿي ڪٿي هلجي. دوستن جو خيال هيو تہ هڪڙو ڏينھن مالي ۾ ۽ هڪڙو ڏينھن هڙو مالي ۾ رهجي. ڇو تہ مالديپ ۾ اچي مالديب جي زميني زندگي جي باري ۾ معلومات نہ حاصل ڪري سگهون تہ بيڪار آهي. سو مافوشي کان واپسي مھل اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ اچي فيري جي اسٽاپ تي ويھي رهياسين. بلڪل پوري وقت يعني 4:45 منٽن تي فيري اچي ڪناري سان لڳي. ماڻھو لھڻ لڳا هيا، جيڪي مالي ۽ گلي کان آيل هيا. جيڪي اڃان بہ فيري ۾ ويٺل هيا، انھن جي اڳين منزل اسان واري ساڳي گرائيدو ٻيٽ هئي. ماڻھو لاهڻ کان پوءِ فيري هڪڙو منٽ بہ نہ بيٺي تہ ڪو مسافر اچي. ڪا لالچ، ڪا لوڀ. ڪجهہ بہ نہ. بس واپس. گرائيدو ٻيٽ تائين پھچندي اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. انھن ٻيٽن ۾ هتي ڪي اهڙا بہ ٻيٽ آهن جتي رهائش نہ هوندي آهي پر اتي فقط پوک ٿيندي آهي، جنھن ۾ سبزي وغيرہ ۽ فروٽ پوکيو ويندو آهي. 200 ٻيٽن تي ماڻھن جي آبادي آهي.
نظير سان گڏ ايندي ويندي ويجهڙائي ٿي وئي هئي. واپسي ۾ اسان ۽ نظير جي فيملي بہ ان ساڳي ئي فيري تي اسان سان گڏ گُرائيدو ٻيٽ موٽي اچي رهيا هيا. رستي ۾ ڪچھري ڪندي مون ڊاڪٽر نظير کي چيو تہ،”توهان رات جي ماني اسان سان کائو، توهان کي اسان سڀني دوستن پاران دل سان دعوت آهي“.
هو انڪار نہ ڪري سگهيو هو. هن چيوتہ،”پاڻ پوءِ سومھڻي واري نماز بہ هتان جي مسجد ۾ گڏ باجماعت پڙهنداسين، ان کان پوءِ گڏ هلي ماني کائينداسين“.
هن جيان مان بہ انڪار نہ ڪري سگهيو هئس. هن کي پنھنجي رهائش واري هوٽل اٿينس وويو جي باري ۾ ٻڌايو هو. پاڻ شام ڌاري گرائيدو ٻيٽ تي پھچي چڪا هياسين. پنڌ ڪندا ڪچھري ڪندا پنھنجي هوٽل تي پھچي ويا هياسين. رستي ۾ نظير مسجد بہ ڏيکاري هئي تہ پنھنجو هوٽل پڻ. نظير کان موڪلائي پاڻ هوٽل تي آياسين. هوٽل تي پھچي پاڻ فريش ٿي ويھي رهياسين. مون مختيار صاحب کي نظير جو ٻڌايو تہ رات جي مانيءَ تي نظير کي مدعو ڪيو آهي، اسان کي سومھڻي واري نماز هن سان مسجد ۾ پڙهڻي پوندي. ان ڪري هو اسان کي ٿوري دير ۾ وٺڻ ايندو”. مختيار صاحب پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو تہ،”مان بہ توهان سان نماز پڙهڻ گڏ هلندس ۽ اسان سان گڏ جنيد ۽ عجب يوسف بہ هلندا، مان هنن کي چئي ٿو اچان“. ڀلا ان کان وڌ ڀلي ڳالھہ ٻي اسان لاءِ ڪھڙي ٿي پئي سگهي.
ٿوري ديرکان پوءِ دروازو کڙڪيو. دروازو جيئن ئي کوليو تہ،”سامھون ڊاڪٽر نظير بيٺو هيو. هن کي ڀليڪار ڪندي اندر اچڻ جو چيوسين. هو سڀني سان پيار ۽ پاٻوھہ سان مليو. بغير ڪنھن فارملٽي جي هو وچ واري خالي بيڊ تي ليٽي پيو. هن کي تڪڙ تڪڙ ۾ ڪافي جي آفر ڪئيسين پر هن چيو تہ،”نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي، اسان کي هلڻ گهرجي“.
مون پنھنجا ٽي ڪتاب، ٽيئي سفرناما، ”دادوءَ کان دبئي“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ملائيشيا جون محبتون“ هن کي تحفي طور ڏنا. هن ڪتاب وٺي هڪ هڪ ڪتاب کولي ڏٺو. ٿورائتو ٿيندي چوڻ لڳو تہ،”توهان جي مھربانيون، لک ٿورا“.
”نہ نہ ڪاڳالھہ ناهي، اهو اسان جو فرض آهي تہ اسان هڪٻئي جي عزت ڪريون ۽ هڪٻئي کي تحفن سان نوازيون“. مون هن کي چيو.
هن کي ڪتابن جي تحفن ڏاڍو مزو ڏنو. هو خوشيءَ ۾ نہ پيو ماپي. هن شڪريو ادا ڪري ڪتابن کي غور سان ڏسندو رهيو. جيتوڻيڪ هو سنڌي ٻولي کان آشنا نہ هيو، پر پوءِ بہ ڪتابن سان هن جو تعلق ضرور هيو.