سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک

رولاڪيون ڪندي ڪافي وقت ٿي ويو هو. مافوشي ٻيٽ جي بہ هر گهٽي صاف سٿري ۽ خوبصورت نظر آئي. نہ نالي، نہ نالو، نہ گٽر، نہ بجليءَ جو ٽرانسفارمر، نہ تنبو، نہ تارون، نہ ڪٿي ڪچري جو ڍير، رستي تي گپ، نہ گند. مون کي لڳو تہ هتان جو هر ٻيٽ اهڙي ئي ساڳي طرز تي ٺھيل آهي، جيئن اسان جو گروئيدا ٻيٽ هيو. منصوبي تحت ٺھيل مالديپ جو هر ٻيٽ پنھنجي خوبصورتي ۽ پليننگ جو اعليٰ مثال آهي. ان ڪري ئي هتي سڄي دنيا جا سياح گهمڻ اچن ٿا. جيڪو هڪ دفعو گهمي وڃي ٿو، اهو ٻيھر اچڻ لاءِ بيتاب آهي. ان کان علاوہ اهو ماڻھو ٻين سياحن کي بہ پنھنجي ملڪ وڃي هن خوبصورت ٻيٽ جا قصا ٻڌائي، انھن کي هرکائي ٿو.
مافوشي ٻيٽ کان اڳتي ٻيو”گُلي“Gulhi Island نالي ٻيٽ هيو، يا وري ان کي Gulhi or Gulhi Island بہ چئبو آهي.هي ٻيٽ بہ مالديپ جي Kaafu Atoll ۾ آهي. جتان اسان جو دوست نظير سوڊاني بہ ٿي آيو هو. نظير کان جڏهن گُلي ٻيٽ جو پڇيوسين تہ هن جو چوڻ هيو،“هي سڀ ٻيٽ ساڳي ئي نموني تي ٺھيل آهن. پر مافوشي سڀ کان وڏو ۽ بھترين ٻيٽ آهي. ٻين نمبر تي ”گرائيدو“Guraidhoo ۽ ”گُلي“ ٽين نمبر تي اچي ٿو. سو گلي ٻيٽ جي جوڙ جڪ بہ تقريبن ساڳي آهي. ان ڪري اتي وڃڻ جو خاص فائدو ڪونھي. توهان هتي ڪنھن بہ هڪڙي ٻيٽ تي هڪڙو ڏينھن بہ رهو، توهان ئي ائين لڳندو تہ توهان مالديپ جي ڄڻ تہ سڀني ٻيٽن ۾ رات رهي آيا آهيو. ان ڪري اسان گُلي وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ڇو تہ هڪڙي ٻيٽ ۾ اسان رهون پيا، ٻيو گهمي رهيا هياسين. ٻنھين ٻيٽن ۾ ڪو خاص فرق ڪونہ نظر آيو. سو مون کي لڳو تہ هتان جو هر ٻيٽ ساڳي ئي طرز تي ٺھيل آهي. ان ڪري ٻين ٻيٽن تي وڃڻ پئسي ۽ وقت جو زيان نہ ڪجي تہ بھتر.
هاڻي بک لڳي هئي، پرتاب جو موڊ هيو تہ اڄ منجهند جي ماني ۾ هتان جي برياني جو مزو وٺجي. ان لاءِ مافوشي جي مين روڊ تي ڪيئي کاڌي جون هوٽلون هيون. هلندا بہ رهياسين تہ هوٽل بہ جاچيندا رهياسين. رستي تي هڪڙو لاهوري پنجابي ٻاتڙو اسان سان ٽڪرائجي ويو هو. هن پنھنجي هوٽل جو پفليٽ اسان کي ڏنو هو. ماني جي باري ۾ وڏا حوال ڪاٽڻ لڳو. هو چوڻ لڳو تہ ،”اسان وٽ جھڙي لذيذ ماني آهي، اهڙي توهان ڪٿي بہ نہ کاڌي هوندي، توهان هڪ ڀيرو مون کي آزمائي ڏسو“. سو دوستن جو خيال هو تہ ڀلا ايڏي وڏي دعويٰ ڪري ٿو تہ پوءِ هلو تہ هلي ڏسي اچون. جڏهن هن جي هوٽل وٽ پھتاسين تہ هن کان پرتاب پڇڻ لڳو تہ،”توهان جي اسپيشلٽي ڇا ۾ آهي“.
”اسان وٽ سڀ شيون اسپيشل آهن“. هن هٻڪندي جواب ڏنو.
”ڪھڙي ڊش خاص آهي، ان جو نالو ٻڌايو“.
”توهان کي خبر پئجي ويندي، توهان اندر تہ اچو نہ هوٽل ۾“. هن وري بہ ساڳي ڳالھہ ڪئي.
جنھن تي پرتاب چيو تہ،”ڇڏيوس يار، هن کي پاڻ هوٽل جي ماني جي باري ۾ خبر نہ آهي تہ هن وٽ ڪھڙيون شيون آهن. اچو تہ هلون“.
”ڇا ٿيو، ڪاڏي ٿا وڃون“. هن رڙ ڪري چيو.
جنھن تي پرتاب هن کي چيو تہ،”تو کي پاڻ ئي خبر نہ آهي“.
”مان هوٽل ۾ اندر ڪائونٽر تي هوندو آهيان ۽ مان پاڻ هوٽل جو مالڪ آهيان“. هن کلي جواب ڏنو هيو.
”تون مالڪ آهين، صندل تي ويھين ٿو، تو کي اها خبر ناهي تہ تنھنجي هوٽل ۾ ڪھڙو کاڌو آهي، بس تنھنجي مھرباني“. پرتاب هن سان هٿ ملائي موڪلائيندي چيو.
خير پاڻ ان کان ٿورڙو اڳتي هلياسين تہ تمام وڏي سائيز جا رنگين طوطا پنھنجي ٻوليءَ ۾ رڙيون ڪري رهيا هيا. هنن طوطن جي ڪاري رنگ ۽ اڇي رنگ جي چنہب، نيري، ڦڪي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جا پر هيا. هي خوبصورت طوطا، چيھون ڪري رهيا هيا. اهي هڪ وڏي ڇانو واري وڻ جي هيٺان لوهي جهنگلي سان زنجيرن سان ٻڌل هيا. هنن کي شايد بک لڳي هئي. هنن جي اڳيان ٺڪر جا وڏا پاٽوڙا/پاٽ رکيل هيا، جن ۾ پاڻي پيل هيو. هو اڃارا نہ هيا، پر بکايل هيا. ان ڪري هو اڀ ڏاريندڙ چيھاٽ ڪري رهيا هيا. اسان طوطن کي ڏسڻ لاءِ اتي بيھي رهياسين. جنيد هڪڙي طوطي تي هٿ ڦيرڻ لڳو تہ هن چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنيد هٿ پري ڪري ڇڏيو.
ٿوري دير کان پوءِ سامھون هوٽل مان هڪڙي نوجوان ناري نڪتي جنھن جي هٿن ۾ ڊبل روٽي (سلائيس) جا ٽڪڙا هيا. جيڪي هُن هنن طوطن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کارايا. پر شايد اڃان بہ هنن جي بک ختم نہ ٿي هئي. هو ايندي ويندي ماڻھن کي ڏسي زوردار رڙيون ڪن پيا. هي ڏاڍا خوبصورت طوطا هيا. اسان انھن سان تصويرون ۽ وڊيوز بہ ٺاهيون. اتي هڪڙو مزدور ڊانگري ڊريس ۾ نظر آيو. جنھن جو رنگ نيرو هيو. هو هتي عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هو انڊيا جو هو. شايد هن جي ٻولي تامل هئي، جيڪا يوسف کي ايم فل لاءِ گهربل هئي. جڏهن يوسف هن کان نالو پڇيو تہ هو نالي ٻڌائڻ ۾ گهٻرائڻ لڳو هو. هو سامھون واري وڏي فليٽ ٽائيپ عمارت ۾ رازي جو ڪم ڪري رهيو هو. ان سان گڏ ٻہ ٽي ٻيا مزدور بہ هيا، جيڪي مزدوري جو ڪم ڪن پيا. نيٺ ٿوري دير ۾ اتان نڪري هڪڙي ٻي هوٽل ۾ اچي منجهند جي ماني کائڻ جي موڊ ۾ ويھي رهياسين.