مافوشي آئلينڊ: قدرت جو خوبصورت ماڳ
هر خطي جي مٽيءَ جي پنھنجي خوشبوءَ هوندي آهي، هن سامونڊي ٻيٽ واري مٽيءَ/وارِي جي پنھنجي منفرد ۽ نرالي خوشبو محسوس ٿي. ناريلن جي ڊگهن وڻن، سمونڊي جي فيروزي رنگ جي صاف شفاف پاڻي جي خوشبو بہ ڪنھن دلربا محبوب جي بدن جي خوشبو کان گهٽ نہ لڳو. جيئن ئي ٿوري دير لاءِ اتي بيھي چوڏس نظر ڦيرايم تہ هر طرف ناريلن جا ڊگها وڻ، نظر آيا. پاسن کان وڏيون وڏيون عمارتون، فليٽن جا اپارٽمينٽ جن مان ڪن جو ڪم هلي رهيو هو تہ ڪي مڪمل ٿي چڪا هيا.وڏا ڪشادا روڊ، روڊ جي وچ تي ۽ پاسن کان ٻوٽا، کجين جا، ناريلن جا ۽ گلن جا ننڍڙا ٻوٽا ماحول کي کنيو بيٺا هيا. پريمي جوڙن ۽ پريميڪائن جي هن ديس کي ”پيار وارن جو ديس“ چئجي تہ بہ منھنجي خيال ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. وشال سمونڊ جي جهولي، ڪيڏي نہ صاف سٿري ۽ موهيندڙ آهي. سمونڊ جي ڪنارن سان ٽڪرندڙ ڇولين جو آواز، شور، گوڙ اهو ٻڌائي ٿو ڄڻ تہ ڪن ٻن دلين جو ٽڪراءُ ٿيندي ميلاپ ٿيندو هجي. سمونڊ جي دل ڪيڏي وسيع آهي. پاسي ۾ نوٽيس بورڊ تي ڇوڪرين لاءِ خاص هدايتون لکيل هيون. جنھن ۾ ٻين هدايتن سان گڏ هي بہ لکيل هو تہ بڪني ۽ برا پائي هلڻ بيچ تي سخت منع آهي. پر مردن کي اجازت هئي تہ اهي ڀلي چڍا پائي گهمندا وتن. انھن کي ڪو بہ نہ ٿو چئي سگهي. ان نوٽيس بورڊ کي غور سان ئي پڙهي رهيو هيس تہ اسان جي سامھون هڪڙي ٻيڙي اچي ڪناري تي لٿي، جنھن مان ڪيترائي گورا لٿا. انھن مان هڪڙي چائني ڇوڪري بہ لٿي، ان کي بڪني پاتل هئي، شايد هن جي نظر ان بورڊ تي پئجي ويئي هجي، ان ڪري هن هڪدم لھڻ شرط ئي اتي سرعام ٽارائوز ڪڍي پاتو. منھنجي خيال ۾ اهڙن جاين تي ڪپڙن مٽائڻ جي لاءِ، ننڍڙا ننڍرا ڪمرا هجن. تہ جيئن پبلڪ مان ڪو بہ ماڻھو چينج ڪرڻ چاهي تہ هو ان ۾ وڃي، عوامي نظر کان اوجهل ٿي، ڪپڙا مٽائي وٺي.
اسان اتان اڳتي نڪري سامھون کان مختلف دڪانن جو ديدار ڪندا اڳتي وڌياسين تہ نظير هڪدفعو ٻيھر اسان سان ٽڪرائجي ويو. هو بہ گهمي پيو، اسان بہ. هن چيو تہ،”واپسي ۾ گڏ هلنداسين، ساڳي ئي فيري ۾“. اسان هن سان سهمت ٿياسين.
نظير سان ۽ هن جي فيملي سان ڪجهہ تصويرون نڪتيون پوءِ هر ڪو پنھنجي منھن سان وري. پاڻ گهمندا گهمندا، دڪانن جو جائزو وٺندا هلندا رهياسين. اسان جي واپسي 4 وڳي هئي. ان ساڳي ئي ڪناري تي جتي ٻيڙي اسان کي لاٿو هو. صبح واري نڪري ويل ٻيڙي اتي ئي اچي لڳندي. سو گهمندا گهمندا پاڻ هڪڙي عمارت جي هيٺان لنگهاسين ۽ پرتاب ان ۾ اندر هليو ويو. ڪائونٽر واري کان هوٽل جي ڪمرن جا اگهہ پڇي آيو. هن ٻڌايو تہ،”هوٽل ۾ ڪو بہ روم خالي نہ آهي. سڄي دنيا جا سياح خاص ڪري آسٽريليا، اسپين، آمريڪا، چائني، سعودي عرب جا ماڻھو لٿل آهن. هوٽلن ۾ وڏي رش آهي. هر هوٽل جو ڪرايو في بيڊ روم جو 185 ڊالر هيو، ٻي جو 70 کان 80 يا 100 ڊالر آهي. جيڪو اسان جي حساب کان تمام گهڻو مھانگو هو. هن علائقي ۾ گهٽ کان گهٽ هوٽل 35 کان 40 ڊالرن تائين هئي. سو بہ سنگل بيڊ“. اسان جي رهائش گريدو ۾ اٿينس وويو ۾ 25 ڊالرن ۾ هئي، جيڪا ٽرپل شيرنگ آهي. اهو ڪريڊٽ جنيد ڏي وڃي پيو تہ هن گهٽ ۾ گهٽ، سستي ۽ معياري هوٽل بڪ ڪرائي هئي. سوڊاني ڊاڪٽر نظير بہ اسان واري ٻيٽ ۾ ئي رهائش پذير هيو. هن ٻڌايو تہ هن جي رهائش جنھن هوٽل ۾ آهي، ان جو ڪرايو 22 ڊالر آهي. جيئن تہ نظير ڏهن ڏينھن لاءِ آيل هيو ۽ اسان فقط چار ڏينھن هياسين. ان ڪري هن سان رعايت ڪئي ويئي هئي. اتي ئي هڪڙو ٻيو اسپين جو جوڙو مليو. نوجوان ڇوڪرو ۽ حسين جميل ڇوڪري. ڇوڪري ڏاڍي خوش هئي. هن جي خوشي هن جي چھري مان ليئا پائيندي نظر آئي. هن سان ڪچھري دوران انھن ٻڌايو تہ اهي هر ٻيٽ ۾ چار ڏينھن گذاريندا. گهٽ ۾ گهٽ مھينو کن رهندا. مان سمجهان ٿو تہ انھن جي صحت ۽ وڏي عمر جو راز بہ اهو آهي تہ اهي دنيا جي جهنجهٽن کي خدا حافظ چئي، مالديپ ايندا ئي ان ڪري آهن تہ اهي سک جو ساھہ کڻن.