مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادو جي ياد
”جي سائين توهان سھي ٿا چئو، مان بہ توهان جي خيال سان متفق آهيان“.
”ان کان علاوہ ٻي بہ ڳالھہ آهي تہ اسان کي پاسپورٽ ۽ پئسا پاڻ سان نہ کڻي هلڻ گهرجن“.
”جي بلڪل ائين ئي ٿيڻ گهرجي، اهي قيمتي شيون هتي روم ۾ ئي رکي هلون“. پرتاب بہ مختيار سمون صاحب جي راءِ کي سيڪنڊ ڪندي چيو.
”پاسپورٽ ۽ پئسا بيگ ۾ رکي ٿا هلون، ڇو تہ پاسپورٽ تمام اهم ڪاغذآهي،ڪٿي ڪري پوي يا وري ڪٿي پُسي پوي“. مختيار صاحب ٻيھر تاڪيد ڪندي چيو. وڏڙن جو سفر ۾ ساڻ هجڻ بہ هڪڙي نعمت آهي. انھن جي تجربن مان مان گهڻو ڪجهہ سکجي ٿو. هون بہ مختيار صاحب ڪيترائي ملڪ گهميو آهي. هن جو اسان سان سفر ڪرڻ اسان جي لاءِ باعث فخر جي ڳالھہ آهي.
پرتاب پنھنجي راءِ ڏيندي چيو تہ،”پر سائين! ڳالھہ ٻڌو، اسان کي هڪڙو ايڪسٽرا بيگ کڻڻ گهرجي، جنھن ۾ سڀ شيون موبائيل، بٽون، چڍا، شرٽون، رکون ڇو تہ جيڪي شرٽون پاتل آهن اهي تہ پاڻي ۾ ئي ڀڄي وينديون ۽ پوءِ اهي لاهي مٽائجن تہ بھتر“.
هن جي بلڪل معقول راءِ هئي، هن سھي چيو هو تہ واٽر ايڪٽوٽي ۾ پاڻ سان گڏ الڳ ٿيلھي ۾ هڪڙو ٽوال، هڪڙو ڪڇو/چڍو، هڪڙي شرٽ، يا ڪو پاجامو بہ کڻجي، جيڪو اڳتي سمونڊ ۾ ترڻ واريون حرڪتون ڪندي ڪم اينديون. خاص ڪري سنوڪلنگ مھل توهان جا سڀ ڪپڙا ڀڄي ويندا. ڇوتہ توهان کي انھن ڪپڙن سان ئي پاڻي ۾ لھڻو پوندو. سو توهان وٽ هڪڙو سيٽ ڪپڙن جو الڳ هجي تہ بھتر.
هتي مالديپ ۾ اسُ ايتري تکي هئي ۽ هوائون ايڏيون تيز هيون، جو مان سمجهان ٿو تہ پنجن ڏهن منٽن ۾ ئي توهان جا آلا ڪپڙا سڪي ويندا. پر پوءِ بہ احتياط بھتر آهي. ڪالھہ 9 وڳي ئي ايتري گرمي ٿي ويئي هئي جو ماڻھو اس ۾ پنڌ بہ نہ پيو ڪري سگهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ سڄو بدن گرميءَ سان پسي ويو هو. شرٽ گرمي جي ڪري آلي ٿي ويئي هئي. ڇو تہ ڪالھہ واڪ ڪندا اهڙي پارڪ ۾ اچي ويٺاسين، جتي تہ نہ هوا هئي ۽ نہ ئي وري هوا جو ڪو جهونڪو محسوس ٿيو. اُٻ، گرمي، گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول هيو. جنيد تہ خبر چار وٺڻ جي بھاني سان اٿي وڃي سامھون واري اي سي واري هوٽل ۾ ويھي واءِ فاءِ جو پاس ورڊ وٺي گم ٿي ويو هو. اسان پارڪ جي پاسن سان ۽ روڊ جي ڪناري تي سيٽن تي ويھي ويھي گرمي ۾ شل ٿي وياسين تہ پوءِ سڀني دوستن اٿڻ جي ڪئي.
اصل ۾ مالديپ جي باري ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي تہ مالديپ ۾ گهرڻي گرمي هوندي آهي. ان ڪري اُس کان پاڻ کي جيترو ٿي سگهي بچايو تہ بھتر. هي جزيرو خط استوا جي ويجهو هئڻ جي ڪري تقريبن 90 ڊگري تائين سج جي روشني حاصل ڪندو آهي. ان ڪري هتي اچڻ وارن لاءِ اهو ضروري آهي تہ اهي پنھنجي چمڙي کي اس جي تپش کان بچائين. ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ اهي پاڻ سان سن بلاڪ وغيرہ ضرور رکن.
هينئر مون الڳ بيگ تيار ڪري ڇڏيو آهي. مون گهران هڪڙو ايڪسٽرا ٿيلھو آندو هيو. ان ۾ پنھنجا، پرتاب جا ۽ سائين مختيار جا اضافي ڪپڙا رکي ڇڏيا. هاڻي اسان سڀ تيار هياسين. سو سڀئي دوست هيٺ ناشتي ڪرڻ لاءِ لھي آياسين.