سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

دک ٻلي جو گهوري نھارڻ

اسان انھن جي پاسي کان جيئن ئي گذرڻ لڳاسين تہ مون ڏٺو تہ اهي وڏن وارن وارا ڇوڪرا پٽ تي وڻ جي هيٺان ويٺا هيا. انھن جي ويجهو، باھہ جي پاسي ۾ هڪڙو دک ٻلو ۽ هڪڙي ٻلي بہ ويٺل نظر آئي. هتي مالديپ ۾ نوجوانن ۾ مون وڏن وارن رکرائڻ جو وڏو رجحان ڏٺو. عجيب جهتلا ماڻھو نظر آيا. ڊگهي ڏاڙهي، وڏا وکريل گهنڊيدار وار، نہ ڦڻي ڏنل ۽ نہ تيل مکيل. ٺھن نہ ٺھن بس وڏن وارن جو شوق. وڻي نہ وڻي پر وچ مان گرھہ کڻي.
سو اتان جيئن گذرياسين تہ دک ٻلو اسان اجنبي ماڻھن کي اکيون ڦاڙي ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ اسان هن جي گهر ۾ گهڙيا هجون. ايئن لڳو ڄڻ اجهو ٿو اسان تي حملو ڪري. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. شايد ان ڪري جو هو سمجهي پيو تہ اسان هن جي علائقي ۾ هتان جا نہ هياسين، بلڪ ڌاريا ماڻھو هياسين ۽ ٻيو وري انھن جي گهرن جي اڳيان پيا گذرون.
سو جانور کي بہ پنھنجي علائقي ۾ ڌارئي ماڻھو کي ڏسي غيرت اچي ٿي. مونکي ائين لڳو تہ ٻلي کي اسان جو اتان گذرڻ سٺو نہ لڳو. هن وڏي ڪاوڙ مان اسان تي جوھہ وڌي ۽ منھن بڇڙو ڪري، اسان کي مسلسل گهوري نھارڻ لڳو هو. هتي تہ ٻلو بہ پنھنجي ڌرتي تي ڌاري کي برداش نہ ٿو ڪري، بلڪ ڪاوڙ جو اظھار بہ ڪري ٿو.
اسان جيڪي پنھنجي ڌرتي جي ٽڪري ٽڪري ڪپجندي، ڪٽجندي، قبضو ٿيندي، اکين سان ڏسون ٿا، پر پوءِ بہ ماٺ ۾ آهيون. ڪاوڙ جو اظھار نہ ٿا ڪيون. ان ڪري اسان جو تہ الھہ تلھہ ئي چٽ ٿي ويو، ڇو تہ اسان اڃان بہ ننڊ ۾ اگهور آهيون. ٻٻر لوءِ واري ڌرڻي ۾ جيڪڏهن سنڌ نہ اٿي ها تہ پوءِ ڪڏهن بہ نہ اٿي ها ۽ ان جا نتيجا اسان جو ايندڙ نسل ضرور ڀوڳي ها. پر هاڻي ائين نہ آهي. هاڻي اسان جو ٻچو ٻچو چوي ٿو تہ،“لک لعنت تو تي زرداري”. اها قومي غيرت نيٺ جاڳي. مون کي ان ڳالھہ جي ڏاڍي خوشي آ.
هتان جي ٻيِٽ وارن جي مالي حالت ڏاڍي مظبوط هئي. هتان جا ماڻھو ڏاڍا آسودا هيا. خوشحال هيا. مڇي ماني وارا هيا. ان جو سبب سياحن جو گهڻو اچڻ هيو. سياحت جي ڪري هتان جي ماڻھن جي مالي حالت ڏاڍي مستحڪم ٿي آهي. ان ڪري هتان جو هر ماڻھو خوشحال آهي، امير آهي ۽ ڪو بہ غريب يا ڪو بہ فقير نظر نہ آيو.
سو اتان ٿيندا، وچ ئي وچ وٺي، وڻن، ٻوٽن کان ٿيندا. اڳتي نڪري وياسين تہ سامھون کان ئي سمونڊ جو ڪنارو نظر آيو. هي هن ٻيٽ جو ٻيو ڇيڙو هيو. عجب ۽ پرتاب ڦوٽوگرافي ۾ مصروف هيا. عجب واھہ جو پرتاب کي قابو ڪيو هو. پر پرتاب جي دل وڏي آهي، هن جو برداش ڪرڻ وارو معدو بہ لوھہ جو ٺھيل آهي. مان ۽ سائين مختيار بہ هنن جي ويجهو ٿياسين تہ ڏسون پرتاب ڪيئن ٿو ڦوٽو ڪڍي. عجب اهائي ساڳي ڳالھہ پرتاب کي سمجهائي رهيو هيو. تہ هن جاءِ تان ڦوٽ ڪڍ. هن اسٽائيل ۾ ڪڍ، هينئن ڪڍ، هون ڪڍ، پويان سج اچي، روشني اچي، وڻ اچن، سمونڊ جو ڪنارو اچي، جهنگ اچي. مون جڏهن هنن کي ايڏو مصروف ڏٺو تہ مون سائين مختيار کي چيو تہ،”سائين پاڻ هتي نہ بيھي سگهنداسين، هي پاڻھي ئي ايندا. پاڻ سامھون واري هوٽل جي ٻاهران رکيل ڪرسين تي هلي ويھي انتظار ڪيون ٿا، هي دوست فارغ ٿي اچن تہ پوءِ گڏجي ٿا چانھہ پيون“.