سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

ٻاهرين ملڪ جا ماڻھو مالديپ ڪيئن اچن؟

اتي هڪڙو ٻيو بہ وڏي عمر جو ماڻھو اوچتو اچي ويو. هن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. هو رنگ جو مشڪي هيو. بنگلاديشي، مالديوي ۽ سري لنڪن ماڻھن جو رنگ اڪثر ڪري مشڪي نظرآيو. هن سان بيٺي بيٺي سلام دعا ٿي. هو بہ سگريٽ دکائي مون سان گڏ بيھي سگريٽ جي تماڪ ۽ پني کي ساڙي، دونھا ڪڍي رهيو هو. مون لاءِ اهو سٺو موقعو هو تہ هن ماڻھو کان هتان جي باري ۾ ڄاڻ وٺان. ان ڪري سگريٽ جو ڪش هڻي، دونھون آسمان ڏانھن موڪليندي، هن کان پڇيم تہ،”هتي توهان ٻاهرين ملڪن جا ماڻھو ڪيئن گهرائيندو آهيو“.
هن چيو تہ،”بنگلاديشي وزٽ ويزا تي اچي، ان کي هتي ورڪنگ ويزا ۾ مٽرائي، هتي ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. پر پاڪستاني ۽ انڊيا جا ماڻھو ائين نہ ٿا ڪري سگهن. انھن کي ڪم لاءِ الڳ ويزا وٺڻي پوندي ۽ انھن جي وزٽ ويزا الڳ هوندي آهي.
“ڀلا ويزا جو ڪھڙو طريقيقار آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
هن چيو تہ،”جنھن ماڻھوءَ کي ٻاهرين ملڪ کان هتي گهرائڻو هوندو آهي تہ هتان جو لوڪل ماڻھو ان کي ويزا موڪليندو آهي“.
”ان ڪم جا گهڻا پئسا وٺندا آهن“، مون سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
” ان ڪم جا هو ڪجهہ مخصوص پئسا وٺندو آهي، جنھن جي مون کي گهڻي ڄاڻ ڪانھي ڪا، باقي جڏهن اهو ٻاهريون ماڻھو هتي پھچي ويندو آهي ۽ هتي ڪم ڪار سان لڳي ويندو آهي تہ ان کان هر مھيني ٻہ ٽي سو روپيا وٺندو آهي“.
”خاص ڪري ڪھڙي ڪم جا ماڻھو ٻاهريان هتي اچي سگهن ٿا“. مون هن کي ٻيھر سوال ڪيو.
”هتي اچڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ توهان کي ڪو نہ ڪو هنر ايندو هجي. يعني، رازو هجي، مستري هجي، ڊرائيور هجي، يا ڀلا ٻيو ڪجهہ بہ نہ پر مزدوري ڪري سگهي، مزدوري بہ سٺي آهي. اهڙو همراھہ اچي سگهي ٿو“.
”اڇا انھن ملازمن کي گهڻي پگهار ملندي آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
”هتي ڊالرن ۾ پئسا ڏيندا آهن، رازا، مستري، پلمبر مھيني ۾ 1500 کان 2000 ڊالر کڻن ٿا. ان ڪري سٺا پئسا ملي ويندا آهن. ڇو تہ هتي ڪيئي تعميراتي پراجيڪٽ هلن ٿا، انھن جو ڪم ڏينھن رات هلي ٿو. ان ڪري هتي ليبر جي سخت ضرورت هوندي آهي“.
”ڀلا هتان جا ماڻھو ڪم نہ ڪندا آهن ڇا“؟. مون هن کان پڇيو.
”هتان جي ليبر ٺيڪيدارن کي گهڻي مھانگي پوي ٿي، جڏهن تہ ٻاهرين ملڪ جي ليبر هنن کي سستي ٿي پوي، ان ڪري اهي ڪوشش ڪندا آهن تہ سستو ليبر رکن. خاص ڪري، پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش يا وري نيپال جي ماڻھن کي رکن ٿا“.
”توهان پاڻ ڪٿان جا آهيو“. مون هن کان ذاتي سوال ڪيو.
”مان انڊيا جو آهيان، هتي هڪڙي هوٽل ۾ ڪم ڪندو آهيان“. هن جواب ڏنو.
برسات هاڻي بيھي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي انگريزياڻي ٽن ڦيٿن وارو گاڏو ڌڪيندي آئي، جنھن تي هن جو ننڍڙو ٻارڙو ويٺل هو. هن دڪاندار کان ننڍڙي لاءِ آئسڪريم گهري. دڪاندار هن کي ڪون آئس ڪريم ڪڍي ڏني.
”هن جا گهڻا پئسا ٿيا“. ان انگريزياڻي دڪان واري ڇوڪري کان پڇيو.
جنھن کان هن 7 يا 8 ڊالر گهريا. جيڪي اسان جي حساب سان تمام وڏي رقم هئي. هي انگريز ڊالر کڻي اچن ٿا، جنھن جي ويليو/اهميت تمام وڏي آهي ۽ اسان جي روپيئي جي روفئي جي اڳيان بہ ڪا حيثيت نہ آهي. سو هتان جي ننڍي بوتل بہ پاڻي جي اسان کي تمام گهڻي مھانگي پوي پئي. سو اسان هاڻي ان دڪان واري کي الوداع چئي سمونڊ جو رخ ڪيوسين. ائين رولاڪيون ڪندا، اڳتي وڌندا، ڪچھري ڪندا هلندا رهياسين. پر اس جي تپش ايڏي تيز هئي جو ڪٿي بہ ڪنھن بہ گهٽي ۾ سڪون نہ پئي آيو. هتي بازارون آهن ڪون. بس هڪڙو ئي مين روڊ آهي. اتي دڪان آهن. هوٽلون آهن. بس. سو اسان وري بہ رلي ڦري جڏهن سمونڊ جي ڪناري تي آياسين تہ اتي ئي ڪجهہ سڪون آيو. واپسي ۾ ساڳي ئي بنگلي جي دڪان تي آياسين. جتي هن جي جاءِ تي هن جو ٻيو ڀاءُ ويٺو هيو. هن سان سلام دعا ٿي. هن کي پاڻي ۽ چانھہ جو آرڊر ڏنوسين. چانھہ جو وري هڪڙو ٻيو دور هلايوسون ۽ اچي وري بہ هڪڙي خالي پلاٽ جي ڊي پي سي تائين ڏنل/بيٺل ديوار تي بڙ جي وڻ جي ڇانو هيٺان گرمي پسائڻ خاطر ويھي رهياسين. ٿوري دير اتي ويٺاسين تہ، مختيار صاحب کي اتي مزو نہ آيو، ڇو تہ ان ديوار تي ڪا بہ ٽيڪ وغيرہ نہ هئي، سو سائين مختيار سان هون ئي ڪرنگهي جو مسئلو آهي، ان ڪري اتان اٿي سمونڊ جي ڪناري تي اچي وياسين.
هاڻي اسان جنھن گهٽي ۾ آياسين، اتي هڪڙي عمارت جو ڪم هلي رهيو هيو. جنھن تي ڳوڻ جون ٽپڙيون ٽنگيل هيون. سامھون کان ان گهٽيءُ ۾ سمونڊ پوي پيو. سو ان عمارت جي سامھون ئي هڪڙي بند پيل دڪان جي اڳيان رکيل لوهي ڪرسين تي ويھي ساهي پٽڻ لڳاسين. انھن مان هڪڙي اڌ ڪرسي ڇڳل هئي. مون واءِ فاءِ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو واءِ فاءِ آن ٿي ويو. مون سائين مختيار کي بہ اهو واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏنو. مختيار صاحب ڏاڍو خوش ٿي ويو هو. هن پنھنجي فيملي سان لاڙڪاڻي رابطو ڪيو هو. ڪافي دير تائين ڳالھہ ٻولھہ پڻ ڪئي هئي. ان کان پوءِ يوسف ۽ مظفربہ آيا تہ اسان کي بہ واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏي. سو انھن دوستن کي بہ ان ئي واءِ فاءِ سان ڪنيڪيٽ ڪيم.
سمونڊ جي ڪري، هتي هن گهٽي ۾ ڏاڍي ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي. سڪون اچي رهيو هو، مون کي تہ ننڊ اچي رهي هئي. پر واءِ فاءِ جي ڪري دوستن کي سري لنڪا واري گروپ ۾ جيڪي تصويرون منھنجي موبائيل ۾هيون اهي موڪليون. عجب مون کي پنھنجي واٽس اپ تان ڪافي تصويرون موڪليون. مون ڪجهہ تصويرون ٻيجل کي بہ موڪليون هيون. اهڙي ريت ڪجهہ وقت ويھي سڪون جي ساھہ کنيوسين.
هاڻي اتي ويٺي ويٺي ڪافي وقت ٿيو هيو. پوءِ اتان اٿي پرتاب ڏي وياسين. جنھن چيو تہ،”هي ڪرسيون توهان لاءِ ئي تہ بڪ ڪرائي ڇڏيون آهن. اچو ويھو ۽ سمونڊ جو هن ڪناري تان مزو وٺو. اتي بہ واءِ فاءِ نيٽ ڪم ڪري رهي هئي. مون آن لائين لائيو فيس بوڪ هلائي پرتاب، مظفر، سائين مختيار ۽ جنيد جو انٽرويو ڪيو هو. جڏهن يوسف جو وارو آيو تہ نيٽ ورڪ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سو چوندا آهن تہ جب هماري باري آئي تہ اسٽيشن آ گيا.
پر مون يوسف کي مايوس نہ ڪيو، هن جي وڊيو موبائيل تي رڪارڊ ڪئي هئي. اتي سامھون ڪيئي ماڻھو ڦوڪڻي واري رنگين ڇٽيءَ تي مٿي اڏامي رهيا هيا، ڪي وري سمونڊ ۾ اسڪوٽرن تي تيراڪيون ڪري رهيا هيا. ڪي مڇين جو شڪار انگڙي سان ڪري رهيا هيا. تہ ڪي سمونڊ جي ڪناري ليٽي ماحول جو مزو وٺي رهيا هيا. هتي هڪڙي ڪار ڦڪي رنگ جي بيٺل هئي، هي بہ ڪار جي نموني ۾ ٻيڙي هئي، هن تي بہ چڙهي سمونڊ تي ڊرائيونگ ڪري سگهجي پئي. جنھن آفيس ۾ اسان ويٺا هياسين. اتي بہ ڪيئي وڏا اسڪوٽر، وڏن ڦيٿن سان بيٺل نظر آيا. ڪيئي صاف سٿريون هوٽلون ماڻھن جي اچڻ جي انتظار ۾ هيون. مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تہ هتان جا بيچز صاف، نيري ۽ فيروزي رنگ جي پاڻيءَ جا هيا. جتان سمونڊ جي هر مخلوق صاف نظر پئي آئي. ڪٿي بہ ڪا ڌپ، بدبوءِ محسوس نہ ٿي.