سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Maldieves Main Maandan

پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو

15.07.2024جي صبح جي ويل آهي. پکين جو آواز ڪنن تي پيو آهي. ٻيٽ جي خاموشي جو بہ پنھنجو مزو آهي. مون هن کان اڳ ۾ ڪنھن بہ ٻيٽ تي رات نہ گذاري هئي. جيئن ئي گيلري واري دري کولي تہ مھڪندڙ مٽي ۽ واري جي خوشبو منھنجي ساهن کي محسوس ٿي. ائين لڳو تہ رات برسات ٿي هجي. هتي مون کي لڳو تہ برسات جي بوندن بہ شور نہ ڪيو هو. بوندن مان پيدا ٿيندڙ رڌم تي مون کي ويتر گهري ننڊ آئي هئي. رات نہ بادلن جو گجگوڙ ڪنين پيو هو ۽ نہ ئي وري انھن اسان جي ننڊ ۾ خلل وڌي هئي. ان کان پوءِ وهنجي سھنجي صبح جو تيار ٿي، هي چنڊ سٽون لکڻ شروع ڪيون اٿم. مون جاڳڻ کان پوءِ يا وري ائين چئجي تہ منھنجي حرڪتن ۽ چرپر جي ڪري مختيار صاحب جي ننڊ ۾ خلل پئجي ويو هو. پر مون مختيار صاحب کي سوير جاڳندي ڏٺو آهي. هو بہ تيار ٿي رهيو آهي، انھي دوران پرتاب جي اک کُلي ويئي هئي ۽ هو بيڊ تي ليٽيل رهيو هو ۽ پرتاب شاعري جي ترنم سان مالديپ ۾ مانڊاڻ مچائي رهيو آهي.
پيلا گل پلاند ۾، وينگس ڳاڙهو ويس،
اسان لاءِ پرديس رسڻ آهي پرين جو.
مون چيو،پرتاب! خير تہ آهي، صبح سان پرديس ۽ پرين جو ڳالھيون پيو ڪرين“.
چيائين،”بس يار ڪنھن شوخ حسينا جي ياد اچي ويئي، ان ڪري مٿيون شعر پڙهيم“.
پرتاب جي اها خوبي ڏاڍي وڻي تہ هو صبح جو سوير اٿڻ مھل، ڪڏهن اياز تہ ڪڏهن لطيف، ڪڏهن ڪبير تہ، ڪڏهن گلزار پئي ٻڌايو. يا وري ڪڏهن ادبي ڪچھري ڪري، اسان کي صبح سان ئي تازو توانو ڪري ٿي ڇڏيو. ان کان علاوہ جڏهن هو موج مستي ۾ هوندو آهي تہ سنڌ جي نالي وارن ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ ڏاهن جي ساروڻين جا ساز کڻي ڇيڙيندو هيو. اوڏي مھل هن گلزار جو هي شعر ٻڌايو تہ:
دن کچھھ ایسےگزارتاہےکوئی،
جیسےاحسان اتارتاہےکوئی۔
تیری یاد یوں سنبھالتاہوں،
جیسےزیورسنبھالتاہےکوئی۔
جنيد رات جو ئي چيو هو تہ هو صبوح جو سوير اسان کي اچي اسان جي ڪمري ۾ اٿاريندو. پر ان کان اڳ ۾ جو هو اسان کي اٿاري، مان اٿي تيار ٿي ويھي رهيس. هنن کي اٿارڻ لاءِ هن جي روم جو دروازو کڙڪايو. ٻہ ٽي دفعا دروازو کڙڪايو پر اندران ڪو بہ آواز ٻڌڻ ۾ نہ آيو. جنھن تي مون کي لڳو تہ هي دوست اڃان ننڊ مان نہ اٿيا آهن. هي دوست اڃان تائين سڀ ستا پيا هيا.مان بہ اتي ئي دروازي تي بيٺو هيس. دروازو اندران بند هو. آخري دفعو اهو سوچي دروازي کي کڙڪايم تہ جيڪڏهن هن مھل بہ نہ اٿيا تہ پوءِ مان موٽي ويندس.
جنيد ٿوري دير کان پوءِ اکيون مھٽيندي دروازو کوليو. هن جي هٿن ۾ چارجر هيو. هن مون کي چارجر ڏيندي چيو تہ،”اچي هي وٺو چارجز“.
مان حيران ٿي ويس تہ هي ڇا پيو ڪري. سو مون هن کي چارجر موٽائي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو تہ،“ادا! مان چارجر وٺڻ نہ آيو آهيان ۽ نہ ئي هي منھنجو چارجر آهي. خبر ناهي تو ڪنھن کان چارجر ورتو آ ۽ خبر ناهي هي ڪنھن جو چارجر آ”.
”اڙي ها يار! معاف ڪجو“. جنيد اکيون مھٽيندي چيو.
”ادا! رات تو تہ چيو هو تہ تون پاڻ اسان کي اٿارڻ ايندي“. مون هن کي يادگيري ڏياريندي چيو.
”ها يار ننڊ اچي ويئي بس پنج منٽ ڏيو، پنجن منٽن ۾ تيار ٿي هيٺ لھون ٿا“. هن مرڪ چپن تي آڻي پيار ڀري لھجي ۾ چيو.
مان پنھنجي روم ۾ موٽي آيو آهيان. سائين مختيار وهنجي فريش ٿي، تيار ٿي رهيو آهي. پرتاب اياز گل جو ٽيڙو ٻڌائي رهيو آهي:
تنھنجو خط مليو،
ٽي بي جي مريض کي
نئون رت مليو.
پرتاب اياز، سائينداد ساند ۽ صادق فقير جون ڳالھيون پيو ڪري. رات هن رجب فقير جي بہ ڳالھہ پئي ڪئي. هن وقت جنيد ڪمري ۾ اچي ويو هو. هن چيو تہ،”اسان سڀ تيار آهيون، هيٺ ناشتي جي ٽيبل تي وڃون پيا. مان هن کان ناشتي لاءِ اڦراٽا ٺھرايان ٿو. توهان بہ هيٺ لھي اچو تہ گڏجي ناشتو ڪري، پوءِ نڪرون“.