ليکڪ جي ڊيسڪ تان : جوڳيئڙا جھان ۾
ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ انسان جڏهن ماءُ جي پيٽان جنم وٺي اچي ٿو تہ تنھن ڏينھن کان وٺي هن جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو. پوءِ هو ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي ۽ اهڙي ريت هو مسلسل سفر ۾ رهي ٿو. سفر پوءِ سنڌي وارو هجي يا کڻي انگريزي وارو، پر هوندو سفر ۾ آهي. سفر ئي زندگي آهي. پر ڪي ماڻھو گهڻين نعمتن هوندي بہ انھن شين کان محروم ئي رهجي ويندا آهن، يعني هوندي سوندي بہ. شاھہ صاحب سچ چيو آهي تہ؛
محروم ئي مري ويا ماهر ٿي نہ مئا،
چڙي جيئن چنہب هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هيا، انھيءَ واديءَ وچ ۾.
سفرنامو ”منھنجو ديس جھان“ (هي ٿائيلينڊ، لائوس، ڪمبوڊيا، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جو سفر نامو آهي). هن جو ليکڪ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي آهي. هي ڪتاب مون کي منھنجي ايڊووڪيٽ دوست سيد عزيز الرحمان شاھہ (دادو بار جو اڳوڻو صدر) بار ۾ ئي ڏنو هو. جيتوڻيڪ شاھہ صاحب اسان وٽ جسماني طور تي نہ رهيو آهي، پر روحاني طور تي هو اسان دوستن سان اڄ بہ گڏ آهي. هن جو انتقال 3 آڪٽوبر 2024ع تي ٿيو. سو هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل پيچ تي سيد منير شاھہ لکيو آهي تہ؛
”سفر پھرئين ڏينھن کان ئي انسان جو مقدر رهيو آهي. شين ماڳن ۽ مڪانن بابت ڄاڻڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. سفر جي اهميت ۽ فائدن جي ڪري ان کي زندگي جو استعارو (Metaphor of life ) چيو ويو آهي.“
سفرنامي لکڻ جو اندز هر ليکڪ جو پنھنجو آهي. الطاف شيخ صاحب جو تہ مٽ ئي ڪونھي. سندس هر ڪتاب سون ۾ تورڻ جھڙو آهي. هن کان علاوہ سنڌ جا ٻيا ڪيئي سندباد هن صنف ۾ پنھنجي طبع آزمائي ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ ان سفرنامي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، جيڪو پڻ ڏاڍو دلچسپ آهي. اهڙو ڪھڙو سفرنامو ٿي سگهي ٿو. اچو تہ پڙهون.
سفرنامو ”هوا جي ديوار“ جو ليکڪ منظور جوکيو آهي. جنھن جو مھاڳ منھنجي استاد سائين الطاف شيخ جن لکيو آهي. الطاف شيخ پنھنجي هن مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ؛
”هونئن تہ مون کان ڪو سٺي/دلچسپ ناول يا سفرنامي جو ٽيسٽ پڇي تہ آءُ تہ اهو ئي چوندس تہ جيڪو توهان هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪريو تہ ان کي ڇڏڻ تي دل نہ چوي“.
سفرنامي جي catalogue ۾ سفرنامن جي تمام گهڻي ڀرمار آهي. پر جڏهن بہ سفرنامي جو نالو يا تصور ذهن ۾ اڀري اچي ٿو تہ سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ جو نالو نڪري نروار ٿي بيھي ٿو. الطاف شيخ سفرنامي جي دنيا ۾ ايترو ڪم ڪيو جو، ننڍي کان ننڍو پاٺڪ اهو کڻي سنڌ جو هجي يا هند جو، اهو الطاف شيخ صاحب جي نالي کان بخوبي واقف آهي.
الطاف شيخ کان علاوہ جن اديبن سفرناما شوق سان لکيا آهن، انھن جي بہ لسٽ ڊگهي آهي. پر هتي چند سفرنامن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ۽ وقتائتو سمجهان ٿو.
سفرنامو ”ڏوري ڏوري ڏيھہ“ تنوير عباسي صاحب جو لکيل آهي. هي يورپ جو سفرنامو آهي. هن جي صفحي نمبر 30 تي تنوير عباسي صاحب ڪمال جون سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو تہ؛
”مائيڪل اينجلو سسٽين شئپل ۾ بلڪل اگهاڙيون تصويرون ٺاهيون. جن کي پوءِ انجير جي پنن سان ڍڪيو ويو. جڏهن انھن تصويرن تي اعتراض ٿيو تہ عبادت گاھہ ۾ اگهاڙيون تصويرون مذهب جي خلاف آهن. تہ مائيڪل اينجلو انجيل جو حوالو ڏنو تہ قيامت ۾ خدا سڀني کي اگهاڙو اٿاريندو. هن چيو تہ جي خدا جي اڳيان سڀ اگهاڙا هونداسين تہ، خدا جي گهر ۾ اگهاڙين تصويرن جي هجڻ ۾ ڪھڙو ڏوھہ آهي. مائيڪل ايجلو، مرڻ کان اڳ، پنھنجيون جيڪي بہ تصويرون وٽس موجود هيون، اهي ساڙي ڇڏيون“.
”نيل نديءَ ڪناري“سفرنامو سنڌ جي مشھور ليکڪ آفتاب ميمڻ جو آهي. هن ڪتاب جي عنوان ”هڪ ساحل ۽ هڪ سارا“هيٺ عمر قاضي پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ؛
”هونءَ تہ ڀلان ڀليءَ جو ڪو ڇيھہ ئي ناهي پر پال ٿاروڪس، وليم لسيٽ هيٽ مون ۽ ايرڪ نيو باءَ جا سفرناما پوريءَ دنيا ۾ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جڏهن ڪوئي وي ايس نائپال جو هندستان جو سفرنامو”گهايل ثقافت“ پڙهي ٿو تہ هندستان جي اصل تصوير اکين آڏو اچيو وڃي. دانشورن ۽ صحافين جا سفرناما تہ انھن ملڪن جي پيداوار، ماڻھن جي مزاج ۽ سياسي اٿل پٿل يا جمود جو ڀرپور عڪس پيش ڪن ٿا پر جڏهن سفرنامي ۾ تخليقي ادب جو سُر شامل ٿي وڃي ٿو تہ ان جي لذت جو درجو ئي ٻيو ٿي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ مان ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان آمريڪي نوبل انعام يافتہ اديب جان اسٽين بيڪ جو مشھور ڪتاب ”ٽريول وٿ چارلي“ ۽ پرريبيڪا ويسٽ ۽ ڊي ايڇ لارينس بہ تہ پنھنجو مٽ پاڻ آهن. پر جيڪي سفرناما مڪمل طور تي تصوراتي حوالي سان لکيا ويا، انھن جي ڪيٽيگري الڳ آهي. هومر جي اوڊيسي کان وٺي جوناٿن سفٽ جي گليورس ٽريولس تائين ڪيترائي ڪتاب ڪڏهن بہ نہ پراڻا ٿيندڙ اهي پيارا داستان آهن، جي ماڻھوءَ جي شعور ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهندا. هونءُ تہ سفرنامن جا قسم ماڻھن جي مزاجن وانگر انيڪ آهن پر جيڪڏهن ايڪيڊمڪ حساب سان انھن جي ورڇ ڪجي تہ انھن کي گهڻو ڪري سماجي، سياسي ۽ بنھہ ذاتي قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو“.
منھنجي سامھون آغا ثناﷲ خان جو سفرنامو ”اچو تہ نيپال گهمون“ رکيل آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ انور فگار هڪڙو لکي ٿو تہ؛
آغا چوي ٿو تہ؛ ”صبح جو اٿون ٿا، تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي نڪري وڃون ٿا. سڄو ڏينھن گهمڻ ۾ ٿا گذاريون. هڪ هڪ شيءَ کي جاچي جاچي ڏسڻ هڪ ٽوئرسٽ جي خواهش هوندي آهي. ان کان سواءَ، ان ملڪ جا تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ بہ ضروري هوندا آهن“. واقعي ئي ٽورسٽ ٿوري وقت ۾ جيڪو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، نتيجا ڪڍي ٿو وٺي، سو بہ قيمتي سرمايو ٿيو پيو. وري جو ان کي سفرنامي جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري، تہ اهو تاريخ جو هڪڙو اهڙو انوکو پھلو ثابت ٿي پوي ٿو، جو وقت گذرڻ کان پوءِ ڄڻ اهم ماخذ جي حيثيت ٿو وٺي“.
الطاف شيخ جي سفرنامي ”مون کي موهيو ملائيشيا“ جي مھاڳ ۾ رخسانہ پريت لکي ٿي تہ؛
”هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪو بہ انسان جيترا اڳڀرا قدم کڻندو آهي، جيتريون سرحدون لتاڙيندو آهي، سندس ذهن جا ventilator اوترا ئي وڌيڪ کُلندا آهن ۽ ان تي دنيا گهمڻ سان نوان نوان انڪشافات ٿيندا آهن. سوچ کي نيون وسعتون ملنديون آهن. ائين ماڻھوءَ جي ذهني سوڙهائپ هڪ وڏي وشالتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سفر ڪندڙ ماڻھو اگر اديب آهي تہ ان جو سفر نہ صرف پاڻ لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو، پر هو پنھنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ بہ هڪ وڏو ڪارائتو درد بڻجي وڃي ٿو. جڏهن هو پنھنجين تخليقن ذريعي اهو سمورو stuff هڪ potential energy (ڳجهي توانائي) وانگر پنھنجي ديس واسين ڏانھن منتقل ڪري ٿو”.
اسحاق انصاري جي سفرنامي ”نڪري پيس نيپال“ جي مھاڳ ۾ بدر ابڙو لکي ٿو تہ؛”هر ليکڪ جو پنھنجو انداز هوندو آهي ۽ هرهڪ جو پنھنجي سوچ جو زاويو ٿئي ٿو. هرڪو پنھنجين محدود حالتن ۾ مشاهدو ماڻي ٿو. اسحاق انصاري بھرحال، هڪ سٺو سياح آهي. کيس خبر آهي تہ سياحت ڪيئن ڪجي؟ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن رٿا بندي ڪجي؟. اها اضافي خوبي اٿس تہ پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا دلچسپ پيرائيي ۾ پڙهندڙن تائين پھچائي ٿو. نہ تہ کوڙ سارا سياح فقط گهمي ڦري دل وندرائي موٽي ايندا آهن. جن ڏٺو ۽ ٻين تائين ڄاڻ نہ پڄائي منھنجي نظر ۾ اهو بيڪار ويو“.
مون کي اصل ۾ جنھن شخصيت سفرناما لکڻ تي اتساهيو اهو سائين الطاف شيخ آهي. سائين سان ملاقاتن ۽ سندس سفرنامن مون کي شوق ڏياريو تہ مان بہ دنيا گهمان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جو سٺيون يادون کڻي پنھنجي ديس واسين تائين ڪتابي شڪل ۾ پھچايان.
هن سفرنامي ۾ منھنجا دوست جيڪي مون سان مالديپ جي مانڊاڻ ۾ ساڻ ۽ منھنجي دل جي دولت ۽ کاڻ هيا انھن ۾ ؛ناليج سينٽر لاڙڪاڻي جو روح روان سائين پروفيسر مختيار سمون صاحب، پرين پيارو دوست، خوبصورت صلاحيتن جي مال؛ ٿر ايجوڪيشن الائنس جو CEO محترم پرتاب شيواڻي، پريس ڪلب ڀان/ڄامشوري جو صدر محترم ڀاءُ مظفر کوکر، JJ ٽريولر ۽ ٽوئرازم جو سڄاڻ ساٿي جنيد ڏهر ۽ ڪلات بلوچستان جو ۽ براهوي ٻولي جو خوبصورت شاعر محترم يوسف عجب شامل آهن. جن سفر دوران مڪمل طور تي پنھجائپ جو احساس ڏياري، هن ٽرپ کي جلا بخشيو.
پنھنجي سفر جي همسفر ساٿين لاءِ لطيف سائين جو هي بيت لکندس تہ:
جوڳيئڙا جھان ۾، نُوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جيئندي اُن ريءَ.
مان انتھائي تھہ دل سان ٿورائتو آهيان محترم پياري سائين دليپ ڪوٺاري صاحب جن جو، جن هن ڪتاب جي مھاڳ لکڻ لاءِ حامي ڀري پر شايد وقت جي ڪمي جي ڪري هو نہ لکي سگهيو. تنھن جي باوجود مان دليپ ڀاءُ شڪرگذار آهيان. دليپ سان منھنجي پھرئين ملاقات منھنجي سفرنامي “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جي مھورتي تقريب ۾ ٿي، جيڪا 28 ڊسمبر 2024ع جو مٺي ۾ منقعد ٿي هئي. دليپ انتھائي سادڙو، محبتن جو ڀنڊار، پيارو ماڻھو لڳو. هن جي سادگي بہ ڪروڙن روپين کان بہ مٿي لڳي. جڏهن مون دليپ جي باري ۾ سنڌيانا ۾ پڙهيو تہ مون کي ڪافي حيرت ٿي هي خوبصورت انسان پاڻ ۾ ڪيڏي نہ مڻيا رکي ٿو. اصل ۾ دليپ سنڌي ادب جو اهو تخليقار آهي، جنھن سنڌي ادب جي جهولي ۾ ڪيترا ڪتاب ڏنا. هن پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري مٺي ۾ هڪڙي جوت جلائي آهي، جنھن جونالو هن ’نينھن پبليڪيشن‘ رکيو آهي. هن پليٽ فارم تان هن مرد مجاهد هن وقت تائين نالي واري شاعر سائينداد ساند جو شعري مجموعو ’ڳوڙهن ڳالھايو‘ (1996ع)، نوجوان شاعرن فيض فِراقِيءَ جو شعري مجموعو ’غمن جون گهَٽائون‘ (2004ع) ۽ ڀارُو مل امراڻي سوٽھڙ جا ٻہ ڪتاب: ’گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا...!‘ (لوڪ شاعري: 2006ع) ۽ ’مُرڪن مالھائُون‘ (شاعري: 2012ع) شايع ڪرايا آهن.
ان کان علاوہ منھنجي ڄاڻ ۾ اهو ڄاڻي بہ اضافو ٿيو تہ دليپ سنڌ جي ترقي، سنڌي ٻولي ۽ نئين ٽھي جي تعليمي اوسر ۾ بہ دلچسپي رکي ٿو. هي محب وطن محبوب ماڻھو ان ڏس ۾ سنڌي ادب سان عشق جو ثبوت ڏيندي جيڪي عملي ڪم ڪيا آهن انھن ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جو عمل بہ شامل آهي. سو دليپ ڪوٺاري صاحب ٿرديپ جي تـوسـط ۽ ذاتـي لـڳاءَ سـان تـحـريـر، تحـقيـق، تـرجـمـي ۽ تـرتيـب وسـيلي 15 ڪتابڙا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾: (1) ’سستو چُلھو- سؤکِي سانجڻ‘، (2) ’سھنج جو سامان‘، (3) ’ڀيڙو پاڻي-نيڙو پاڻي‘، (4) ’ٻار گُهرن ٿا پيار‘، (5) ’ننڍا قرض- وڏا لاڀ‘، (6) ’پِيار منجهان ڏيان پِينگهو لوڏي‘ (سنڌي لولين، هُلراڻن ۽ هيجاڻن جي چونڊ)، (7) ’مٽيءَ-هٿڙن جي ڪلا ۽ ٻوڏ سٽيل ٻارڙا‘ (ٻارن جي چترڪاري ۽ ٺھڪندڙ شعرن جون سٽون)، (8) ’اصـلـوڪـن لـوڪـن جـا آواز‘ (ڌرتـي ڌڻين جي شاعريءَ جا چونڊ اسم)، (9) ’اچـو تہ پنھنجو ڳـوٺ سـڌاريون‘ (صفائي سٿرائي ۽ ٻارن جي پورهئي جـي حـوصـلـي شـڪـنـيءَ تـي ڇھن طبعزاد ۽ ٻِن چونڊيل گيتن جو ڪتابڙو)، (10) ’ڏِيئي سَنديُون لاٽُون‘ (ٿرديپ سماچار جا چونڊ اداريا) ۽ (11) ’امن جي آرسي‘ وغيرہ شامل آهن.
دليپ ڪوٺاري نوجوان محققن جي معاونت ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ مٺي (ٿرپارڪر) ۾ ’رابيل ريسورس سينٽر‘ نالي هڪ ادارو بہ قائم ڪيو آهي. هو ’ڏات ڌڻي مڃتا فورم، مٺي‘ ذريعي سنڌ، خاص ڪري ٿر جي قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن جي علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پورهيي جي قدردانيءَ جي ڏِس ۾ مختلف مڃتا ۽ اعزازي تقريبون منعقد ڪري چُڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ جي سيڪريٽري ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي رابطا سيڪريٽريءَ طور پنھنجي دور ۾ نہ رڳو سرگرم رهيو، پر ڪيترا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام بہ ڪرائي چڪو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ شاخ سنڌ جي بھترين شاخن مان هڪ قرار ڏني وئي.
مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پاڙيسري، پنھنجي دوست محترم تابش بخاري صاحب جن جو، جنھن پڻ تمام ٿوري وقت ۾ هن ڪتاب لاءِ چار اکر لکي ڏنا.
مان شڪرگذار آهيان پياري ڀاءُ محترم سعيد سومري صاحب جو جنھن ڪنول پبليڪيشن طرفان منھنجا ڪتاب ڇاپي مون تي سدائين ڀلايون ۽ ڀال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو پروفيشنل پبلشر آهي، پر مون کي خوشي آهي تہ هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اوهان ريڊر منھنجن ڪتابن کي پڙهو ٿا، مون کي موٽ ڏيئي مانُ ڏيو ٿا، اهو ئي مون لاءِ سڀني کان وڏو انعام ۽ منھنجي حياتي جي ڪُل موڙي آهي. مان توهان سڀني جو شڪرگذار آهيان.
اوهان جو اهو ئي ساڳيو.
سنڌ ڌرتيءَ جو نوڪر
بلوچ صحبت علي
ايڊووڪيٽ هاءَ ڪورٽ