شاعري

دل جي خانه بدوشي

فياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
  • 4.5/5.0
  • 5221
  • 642
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دل جي خانه بدوشي

سدائين ڪوتا زخمَ ڀريا هِن

روز ٿو اُڊڙي پوان مان
روز ٿي ٽاڪا هڻي هوءَ
منهنجي دل آ چاڪ دامن
ڄڻ سِبياري آ ڪويتا!

آءٌ جڏهن پنهنجي ٽيهه سالا ماضيءَ جي راهن ۾ موٽ جي نظر ڦيرايان ٿو، تڏهن درد ۽ تنهائيءَ جون تاريڪ راتيون، ساٿ ۽ مسرتن جا سُندر لمحا، انيڪ شامن جي دلڪش سحر ۽ پن پن جيان وکيري ڇڏيندڙ پهرن جون سَمرتيون ڪنهن اُداس ڪتاب جي ورقن جيان اڄ به منهنجي دل جي بادل کي ڏاڍو بي چين ڪري ٿيون ڇڏن، نتيجي ۾ خانه بدوش نيڻن لاءِ ڏينهن تائين ننڊ جو آغوش ڪَنڊن جي سيج بڻجي ٿو وڃي.
دل چوي ٿي، وقت جي صحرا ۾ وکريل پلن ۽ پهرن کي ميڙي، انهن مان آوارگيءَ جي بدن لاءِ ڪو آنند جو لباس اُڻجي، اوجاڳيل نيڻن لاءِ ڪو ننڊ جو آغوش ڳولجي، رُٺل راحتن جا ڪي پنڌ ۽ پيچرا پُڇائجن، ٽٽل خوابن جي زخمن کي وساري، روح کي ڪي گھڙيون چنڊ جي چانڊوڪيءَ سان ريجھائجي، پر ڇا ڪجي.....؟ وقت ۽ حالتن کي به سمنڊ جيان پنهنجون صداقتون ۽ سرڪشيون ٿيون هجن، جيڪي هزارين هيلن جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن حاصلات جي هٿن مان ڇڏائي، الائي ڪهڙي پار اُڏامي وڃن ٿيون ۽ پويان حيرتن ۽ حسرتن جو اَجھاڳ رڻ ڇڏي ٿيون وڃن، جيڪو دل کي اڪيلي سِرِ عرصي تائين ڏورڻو ۽ ڀُوڳڻو پوي ٿو.
منهنجي لفظن سان پهرين آشنائي يا منهنجي آشنائيءَ جو انهن سان پهريون سُٻنڌ تڏهن جُڙيو هو، جڏهن سالن کان زبان جي زندان ۾ قيد اقرار جي پنڇي، خاموشيءَ جون سلاخون ٽوڙي خيالن ۽ خوابن جي آڪاش ۾ اُڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر جڏهن اظهار لاءِ لفظن جو ساٿ سنڀاريو هيم، تڏهن زبان جي زنبيل ۾ موجود سڀئي لفظ بي زبان ڀاسيا هيم. خبر ناهي احساس جي گلدان مان لفظن جا گل ڪيڏانهن اڏامي ويا هئا.....اندر ۾ آنڌ ماند ۽ بي چينيءَ جا انبار هئا، خيال ٽٽل مالها جيان وکريل هئا، دل عجيب درد سان ڀريل هئي ۽ اکين ۾ عجيب اداسي هئي، پر لفظ نه ٿي مليا، جن سان اندر جي ڪيفيتن کي اظهاري سگھجي. نتيجي ۾ بي نانءُ خاموشي ۽ اداسي کڻي پنهنجي ڪمري جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي ڪنهن وڃايل ٻار جيان اچي اُڇلايو هو. ڏينهنِ پُڄاڻان جڏهن لفظن جون موسمون مون تي بارشن جو بدن بڻجي لٿيون هُيون، تڏهن دل جي ديوانگي وري خاموشيءَ جي دشت ۾ ڀٽڪڻ تي بضد ٿي پئي هئي.... لفظن بابت ڪبير ڪيڏو نه سچ چيو آهي:
شبد شبد سب ڪوئي ڪهي، شبد ڪي هاتهه نه پائون
ايڪ شــبد اوشــده ڪــري، ايـــڪ شبــد ڪري گھـاو.
(لفظن جو متلاشي ته هر ماڻهو هوندو آهي، توڙي جو لفظن کي نه هٿ هوندا آهن ۽ نه ئي پير، پر ڪي لفظ زخم ڀريندا آهن، ته ڪي وري زخم ڏيندا آهن.)
اڻ اظهاريل لفظن جي اضطراب منهنجي پيرن ۾ آوارگيءَ جون اڻ کٽ مسافتون پٿاري ڇڏيون ۽ منهنجو جيءُ جوڳيءَ جي جاڳ بڻجي، ويراڳ جي واٽن ۾ آنند جا نيڻ ووڙيندو رهيو، پر ننڊ کان رُٺل نيڻ الائي ڪهڙي راهن جي ٻانهن ۾ وڃايل رهيا ۽ آءٌ بي نشان پيرن پٺيان تلاش جي تِشنگي کڻي عرصي تائين ڀٽڪندو رهيس. ان عرصي دوران منهنجي من جي ڪيفيت اڪثر بيدل سائينءَ جي هن شعر جھڙي رهي:
هم عمر باتو قدح ڪشيم، و نه رفت رنج خمارما
چه قيامتي ڪي نه مي رسي زڪنارما به ڪنارما.
(عمر ڀر توسان پيالو پيتو، پوءِ به اسان مان رنج جو خمار نه ويو. ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪرن کان اسان جي ڀاڪرن تائين نه ٿي پهچين!)
خبر ناهي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڪهڙي بي قراريءَ جي چڻنگ اچي منهنجي وجود جي دامن تي ڪِرندي آهي ۽ ڏينهنِ تائين منهنجون اکيون، اوجاڳن جو مضطرب بدن بڻجي وينديون آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو ته، پٿرن جي شهر ۾، شيشي جھڙي دل رکي، ثابت قدم رهڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ ڪونهي، پر اهو به سچ آهي، ته سنگتراشن جي سنگ ۾ آئينه گرن کي، اهنجن ۽ زخمن جو بدن ئي پلئه پوندو آهي. صائب ڪيڏو نه درست چيو آهي:
به نخل بار ور سنگ از دور ديوار مي بارد
اگر اهل دلي آماده شو صائب! ملامت را.
(هر ڦل دار وڻ کي پٿرن جو نشانو بنجڻو پوندو آهي. اي صائب! جيڪڏهن تون اهلِ دل آهين، ته ان لاءِ هر گھڙي تيار رھ.)
دل ۽ لفظن جي ڪائنات جون رمزون مون لاءِ هميشه انوکي محبوبيت ۽ مجذوبيءَ جيان رهيا آهن، جن کي توڙي جو عمر ڀَرِ سُلجھائيندي ڪيئي ڀيرا خود ئي اُلجھي ويو آهيان، پر پوءِ به جيون جي مسافت ۾ لفظن ۽ دل جي مجذوبي ئي سدائين مون لاءِ روشني ۽ رهبريءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ديوانگي جي دانشمندي ۽ دانشمنديءَ جي ديوانگي ئي هِن يزيد ــ جڳ ۾ هميشه منهنجي خانه بدوش دل ۽ معصوم محبتن جي حفاطت ڪئي آهي.....رستا ۽ راهون منهنجي جيون سفر لاءِ سدائين پرينءَ جي ٻانهن جيان رهيا آهن. مسلسل جدوجهد ۽ جستجو ئي مون لاءِ راحت جو باعث رهي آهي. سفر جو ٿَڪُ ئي مون کي آنند ۽ اُتساھ عطا ڪندو آهي. جُڙي ڀَڄَڻُ ۽ ڀَڄي جُڙڻ جي عمل ئي سدائين منهنجي زندگيءَ ۾ رنگ ڀريا آهن.
راھ زين ديده وران ، پُرس ڪي در گرم روي
جاده چُون نبض تپان، در تن صحرا بي نند.

(غالب)
(رستي جو پتو انهن ديده ورن کان پُڇو، جيڪي هڪ تتل نبض وانگر پنهنجي مسافت جي گس کي صحرا جي تن بدن ۾ پَسن ٿا.)
تشنگي ۽ حاصلات جي حُسناڪي مون ۾ هميشه آنند ۽ آجپي جو اتساھ پيدا ڪيو آهي ۽ ان پويان مون پنهنجي نيڻن جون ڪيتريون ننڊون وڃايون آهن، اُنَ جو ڪاٿو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مون جڏهن به پيچرن ۾ پنهنجي مسافت جا پيرا ووڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وقت ۽ حالتن جي بدحواس هوائن جا هٿ، انهن کي مِٽائڻ ۾ اَڳرا رهيا آهن، پر پوءِ به منهنجي جستجو ۽ جاڳ جا نيڻ ٿَڪَا ڪونه آهن. آءٌ انيڪ واٽن تي پهرن تائين آوارگيءَ کان پوءِ، جڏهن به پنهنجي آشياني (پنهنجي ڪمري، جيڪو منهنجي وجود لاءِ پناھ گاھ ۽ آغوش جيان آهي) ڏانهن ورندو آهيان، اُتي هڪ عجيب آنند ۽ آجپو محسوس ڪندو آهيان. درد منهنجا دوست بڻجي ويندا آهن ۽ ديوارون مون سان ڳالهائينديون آهن. ڪمري ۾ چوطرف پکڙيل منهنجا ڪتاب مون کي تنها ٿيڻ نه ڏيندا آهن، انهيءَ ڪري آءٌ جڏهن به ٽُٽُو آهيان، ثابت قدم ئي ٽٽو آهيان.
ماڻهوءَ کي پروڙڻ ۽ پُرجھڻ ڏاڍو اوکو آهي. انسان انيڪ روپ ۽ ٻهروپ ٿو رکي، جن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ وڏو تدبر ۽ تپسيا ٿي گھرجي. آدمي، جيڪو ڌرتيءَ تي هڪ اسرار جي گھري ساگر جيان آهي، جنهن جو ادراڪ آسماني وسعتن کي ويچاري هڪ مُٺِ ۾ سمائي سگھي ٿو، جنهن جي سوچ جي سرمستي سمنڊ کي مات ۽ جنهن جي آرزو جو تيشو پهاڙن کي به پرزا ڪري سگھي ٿو، ان ئي آدم ذات کي جڏهن ڪنهن سمي ڪو ننڍڙو ڪنڪر ئي ڀَڃي ڀُوري ٿو وجھي، تڏهن عقل ۽ فهم جون ڏهئي آڱريون اُلجھي ٿيون پون ۽ چپن تي خود بخود حافظ جون سِٽون تَري اچن ٿيون:
اسرار ازل را نه تو داني و نه من
وين صرف معما نه تو خواني و نه من
هست از پس ما پرده من و تو
چون پرده بُر افـتد نه تـو ماني نه من

(ازل جي اسرار کي نه تو سمجھيو نه مون. هيءَ ڳجھه جي ڳنڍ انوکي آهي. تو ۽ مون جي وچ ۾ هڪ پردو حائل آهي، جنهن کي جيڪڏهن هٽائبو ته، نه تون رهندين، نه مان.)
هيءَ دنيا، جنهن کي مون جڏهن به جاچنا جي جيءَ سان ڏٺو آهي، ان ۾ محبتن کان وڌيڪ نفرتون نظر آيون آهن، ايڪي کان زياده نفاق نظر آيو آهي، پر آءٌ ڄاڻان ٿو، ته ڪنول جو گل سدائين سينواريل ڍنڍ ۾ ئي ٽِڙندو آهي. تنهن ڪري مون کي جڏهن به خود غرضي ۽ لوڀ جي آڙاھ کان سواءِ هن سود خور سماج جي نيڻن ۾ ٻيو ڪجھه نظر نه آيو آهي، تڏهن برٽينڊ رسل جي هيٺين سِٽن جو پڙاڏو منهنجي من جي مسجد ۾ اميد ۽ نئين آجپي جي آذان بڻجي هميشه گونجڻ لڳو آهي.
“The world in which we exist will pass away, burnt up in the fire of its own hot passions and from its ashes will spring a new and younger world, full of fresh hope, with light of morning in its eyes”.
(هيءَ دنيا، جنهن ۾ اسان جِي رهيا آهيون، هڪ ڏينهن پنهنجي ئي ڪروڌ جي آڳ ۾ ڀسم ٿي ويندي ۽ ان جي خاڪ مان هڪ اهڙو نئون ۽ پُربهار جهان جنم وٺندو، جنهن جا نيڻ نئين امنگن ۽ صبح جي سندر روشنين سان منور ۽ سرشار هوندا.)
سماج ۾اڪثر ڪري ماڻهن کي کوڙ شيون ورثي ۾ ملنديون آهن. هاري کان وٺي لوهار، موچي، واڍي، ڪوري، سرمائيدار، فنڪار، سرجڻهار، معلم، مڪينڪ ۽ زندگيءَ سان وابسته ٻين ڪيترن ئي شعبن جي ماڻهن جا مثال اسان اڳيان موجود آهن. صدين کان وٺي گھڻي قدر اها موروثيت منتقل ٿيندي رهي آهي، پر ان ئي طبقاتي سماج جو فرد هجڻ جي باوجود منهنجي قسمت جي ڪشڪول ۾ اهڙي ڪنهن به وکر جو سِڪو ڪونه ڪِريو آهي. انهيءَ لاءِ ڇا چئجي....؟ ڪڏهن ڪڏهن گھڻو ڪجھه چوڻ جي باوجود حصول جا هٿ خالي رهجي ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھه به نه اظهارڻ کان پوءِ به، من کي هڪ عجيب تسلي ۽ تشفي ملي ويندي آهي ۽ مون پنهنجي باري ۾ به اڪثر ائين ئي محسوس ڪيو آهي.
منهنجي وجود جي بنجر زمين مان شاعريءَ جو گلاب ڪيئن سرجيو؟ منهنجي ساڃاھ ۽ سرت کي اهڙن سُندر ۽ سُڳنڌ ڀرئي لفظن جو سُٻنڌ ڪيئن مليو؟ منهنجي نيڻن کي سپنن جون سندرتائون ۽ سندرتائن جا سپنا ڪنهن عطا ڪيا؟ منهنجي خيالن ۾ خوشبوئن جو بدن ڪنهن مهڪايو؟ منهنجي اداسين ۾ آجپي ۽ امنگ جا رنگ ڀري، منهنجي روح کي راحتن ۽ روشنين سان ڪنهن آشنا ڪيو؟ منهنجي تخيل کي تازگي ۽ تازگيءَ کي رنگن جون رونقون ڪنهن بخشيون؟ منهنجي چپن تي لفظ، نغمن جو رقص ۽ نغما محبتن جو گيت ڪيئن بڻيا؟ ان کي بيان ڪري سگھڻ مون لاء جهڙوڪر ناممڪن آهي....ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سرمدي احساس کي اظهار ۾ اوتڻ ڪيڏو نه اوکو ٿو هجي...!هڪ احساس جي سندرتا ۽ سندرتا جي سرمستي کي پُرجھڻ ۽ پرکڻ ڪيڏو نه اڙانگو آهي، ان جي حقيقي سُڌ ته صرف عارفن ۽ عشاقن کي ئي هوندي، پر مون جڏهن به ان سرت ۽ سندرتا جي سرمستيءَ جي احساس کي لفظن جي ساغر ۾ اوتڻ جي ڪئي آهي، مون جڏهن به ان خواب جھڙي حقيقت ۽ حقيقت جھڙي خواب جي خوبصورتيءَ کي لفظن ۾ اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مان سچ پچ ان ۾ سدائين ناڪام ئي رهيو آهيان.
منهنجي شاعريءَ ڏانهن لاڙي ۽ رغبت جو سبب شايد منهنجو مزاج ۽ حساسيت ئي هجي، پر جيتري تائين ورثي ۽ ماحول جي اثر جو تعلق آهي، ته منهنجي سانڀر جي عمر تائين مون کي ان جي پيري ۽ نشان جو ڪو پرو ڪونه ٿو ملي. آءٌ نصابي ڪتابن جو ڪيڙو ضرور هوس، ايتري تائين جو لائيٽ نه هجڻ جي باوجود بتيءَ تي به ڪجھه نه ڪجھه پڙهڻ کان پوءَ ئي ننڊ جو آغوش نصيب ٿيندو هو، پر ادب ۽ شاعري سان منهنجي ڪائي شناسائي ۽ ويجھڙائي ڪونه هئي، پر پوءِ ڪوتا ــ ڪاڪ جي مومل سان منهنجي من جو مينڌرو، ڪهڙي پل موھ جي رنگن ۾ رَتو ۽ منهنجي خيالن جو خالي پاند، لفظن جي گلابن سان ڪيئن مهڪيو، ان لاءِ ڪبير جو هي دوهو پيش ڪرڻ ئي مناسب سمجھان ٿو، جيڪو منهنجي ڪوتا ــ سفر جي ڄڻ ته سربستي ڪٿا بيان ڪري ٿو.
چندن اُگيو بن ڀيڙ ۾، روُنکي هُئي من آس
مي ڀي چندن ٿيسان، چندن سُڳنڌي واس.
(بن ۾ چندن جو وڻ پيدا ٿيو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سندرتا پَسي، هڪ ننڍڙي ٻوٽي جي من ۾ چندن بنجڻ جي آس جاڳي.)
محبت ۾ معجزاتي طاقت هوندي آهي. پيار جڏهن دل جي دوار تي دستڪ ڏني، تڏهن سارو روح سڳنڌون ٿي پيو ۽ خيالن جو خالي پاند ڪوتائن جي پنکڙين سان ڀرجي ويو.
جيئن هن پوري ڪائنات جو مانڊاڻ، انيڪ ڪارڻن ۽ سببن جو سحر رکندڙ آهي، تئين ئي احساسن ۽ جذبن جي دنيا جو به هڪ پنهنجو جهان هجي ٿو، جنهن جي هر ساعت کي پنهنجي حقيقت ۽ حسناڪي ٿئي ٿي. ڪو وقت هو، جڏهن ڪنهن ڀڪشوءَ جي ڪشڪول وانگر منهنجا خيال لفظن جي سِڪن جا متلاشي هئا. منهنجون آڱريون لفظن جي نفاست ۽ وشالتا کان ناآشنا هيون. منهنجي اِڇائن ۾ لفظن جي معما ۽ محبوبيت کي پائڻ ۽ پُرجھڻ جي عجيب آرزو هئي. مون خيالن ۽ خوابن جي ان مسافت ۾ آنند ۽ اطمينان بدران رڳو زخمن جو بدن ڪمايو....پر پيار جڏهن پنهنجي زلفن جا ڇانورا ڇوڙي، آرزوءَ جي آغوش ۾ آيو، تڏهن نه ڄاڻ لفظن جا نفيس ٿانَ ڪيئن قالين بڻجي، ڪوتا ــ ڪامڻيءَ جي پيرن ۾ پٿارجندا ويا. ڪنهن انگريز شاعر چواڻي:
“Love, divine spark, Love so rare, when it comes down to the earth wafted by eastern wind, men have spread the carpet of poetry beneath its tread.”
(محبت، جيڪا اَمُلھه ۽ ڪائناتي جمال جو جلوو پَسائيندڙ هجي ٿي، جڏهن پورب جي هوائن سان ڌرتيءَ تي پير پڌاريندي آهي، تڏهن سندس قدمن ۾ ڪوتائن جو قالين پٿاري آجيان ڪئي ويندي آهي.)
منهنجي خيالن جي بي چين آڱرين، جڏهن لفظن جي نفيس بدن کي ڇُهيو، تڏهن ڪاغذ جي ڪئنواس تي منهنجي احساسن جا عجيب خواب ــ رنگ پکڙجندا ويا. ان پل آءٌ خود به پنهنجي انهن ڪيفيتن تي حيران هوس، پر انهن حيرتن جھڙي حقيقتن ۽ حقيقتن جھڙي حيرتن، آهستي آهستي منهنجي من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گوشانشين گيڙو پوش ڪوتاڪار کي دريافت ڪري ورتو ۽ شاعري منهنجي اوجاڳيل ۽ بي چين آرزوئن لاءِ اهڙو حبيب هنج بڻجي پئي، جنهن کي آءٌ پنهنجي خيالن ۽ خوابن جون سموريون خوبصورتيون ارپيندو رهيس......وقت ۽ حالتن جڏهن به منهنجي راهن ۾ پٿر اُڇلايا آهن ۽ منهنجا پير پِٿون ٿي پيا آهن، تڏهن شاعري منهنجي زخمن جي بدن تي مرهم ــ پها رکيا آهن.
مڃان ٿو، شاعري تخليقڪار جي هڏي جي مِکُ تي پلجندي آهي، پر مون لاءِ شاعري سدائين ان مهربان محبوبه جيان رهي آهي، جنهن جي سنگ ۽ ساٿ منهنجي جيءَ ۾ جياپي جو ولولو ۽ مجذوبيءَ جو روح بيدار پئي ڪيو آهي. شاعري مون لاءِ فقط لفظن جي مالهائن ۾ خيالن جا خوبصورت موتي پوئڻ جو نانءُ نه آهي، پر اها منهنجي آنند ۽ آجپي جو اهڙو جواز ۽ شناخت به آهي، جنهن جي بيان لاءِ سچ ته، منهنجي لفظن جي پوري سگھه ۽ اظهار جي سموري اميري اڻ پوري ٿي ڀاسي. شاعري حيرتن جو اهڙو جزيرو آهي، جنهن جي رازن ۽ رمزن، فهم ۽ فراست، حقيقتن ۽ حسناڪين کي پَسڻ ۽ پروڙن جو سُرور ئي پنهنجو آهي. الاهي ڀيرا مون کي ائين ڀاسيو آهي، ته شاعريءَ کي مون نه لکيو آهي، پر شاعريءَ مون کي لکيو آهي. شاعري منهنجي آجپي جو آنند، منهنجي خوابن ۽ خيالن جي پناھ گاھ ۽ منهنجي حيرتن ۽ حقيقتن جي محافظ آهي. تنهن ڪري اهڙي صداقت ۽ سرمستي، جيڪا مون سان هڪ ڏڍ ۽ احساس جي آٿت جيان رهي آهي، تنهن لاءِ مون وٽ بيان ۽ منطقي بحث بدران فقط اٿاھ اُنس ۽ پيار جو عجيب احساس ئي آهي، جيڪو اظهارِ بيان کان بهرحال بالا تر ۽ ممتاز آهي. ڀلا! خوبصورت ۽ آنند جھڙي سُرور کي ڪو بيان به ڪري سگھيو آهي ڇا؟
محبتن جي سُرور ۽ سُرور جهڙي محبتن کي صرف محسوس ئي ڪري سگھبو آهي. محبوبن جي مسافت جي راهن ۾ ملاقاتي ٿيندڙ مه جبين جھڙي شاعريءَ لاءِ آءٌ ڇا لکان؟ جنهن مون جھڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي پيار جو ساٿ آڇي، آجپي جي انوکي احساس سان آشنا ڪيو. جنهن منهنجي تخيل ۾ تشنگي ۽ تشنگي ۾ تڙپ جو بدن بيدار ڪيو. حقيقت اها آهي، ته مون جڏهن به شاعريءَ جي جمال ۽ ڪمال بابت سوچڻ ۽ ويچارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مان حيران ئي رهجي ويو آهيان.
مون جڏهن به شاعري ڇا آهي؟ ان جي سِرجڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ۽ اها ڪهڙو سماجي ڪارج ادا ڪندڙ ٿي هجي؟ جهڙن سوالن کي سُلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن سچ ته منهنجي آگهيءَ جون سڀئي آڱريون سدائين اُلجھاءَ جي زلفن ۾ اُلجھي پئي ويون آهن. يقينن عالمن ۽ پارکو پُرشن وٽ انهن سوالن بابت ڪيترا ئي جواب ۽ جواز هوندا، پر ضروري ته ڪونهي، ته هر سوال جو جواب ۽ جواز، ان سوال ۾ موجود صداقت جو جمال ۽ جولان به پَسائي سگھي! ڪنهن سائنسي فارمولي جو جواب ۽ منطق ته آسانيءَ سان سمجھي ۽ سمجھائي سگھجي ٿو، پر ڪنهن گل جي سڳنڌ ۽ سندرتا جي سوال جي جواب لاءِ وضاحتن ۽ دليلن بدران هڪ حساس دل ۽ نيڻن جي پُرجمال بصيرت جي ضرورت هجي ٿي. شاعريءَ جي ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪٿي جي ڪارج بابت سوالن جا جواب ته سوين ٿي سگھن ٿا، پر ان جي هر جواب ۾ انيڪ وضاحتن جي باوجود هڪ عجيب تشنگي ۽ طلب جي ضرورت رهي ٿي، جيڪا هزارين حيلن جي باوجود بيان ٿي وڃڻ بدران اڻ بياني رهجي ٿي وڃي.
ڇا ڪوئي ٻُڌائي سگھي ٿو، ته اداس راتين ۾ ڪينجھر جي پاڻيءَ تي رقص ڪندڙ چنڊ جي ڪرڻن جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ گل جي پتين تي پوندڙ ماڪ ڦڙن لاءِ سدائين سج جا ڪرڻا ايترا منتظر ۽ پياسا ڇو ٿا هجن؟ ڪنول جو گل جڏهن سينواريل تلاءَ ۾ ٽِڙي ٿو، تڏهن تلاءَ جي گدلاڻ کي به تازگي ڇو ٿي ملي وڃي؟ سورج مکيءَ جا نيڻ سج جي سجدي لاءِ ايترا بي چين ۽ اوجاڳيل ڇو ٿا رهن؟ سپي، سمنڊ ۾ موجود هئڻ جي باوجود ايتري منتظر ۽ پياسي ڇو ٿي هجي؟ ڪنارن جي ڀاڪرن ۾ سدائين سمنڊ جو بدن هئڻ کان پوءِ به، انهن کي ڪهڙي تشنگي تڙپائيندي ٿي رهي؟ سنگتراش جي آڱرين ۾ ئي مورتيءَ جي تراش جو مقدر ڇو ٿو هجي؟ مصور جو برش ئي رنگن کي روح ۽ رونقون ڇو ٿو عطا ڪري؟ ڪنهن راڳيءَ جي آواز ۾ روح جي راحت ۽ راحت جو روح ڇو ٿو هجي؟ ڪوئي هڪ لمحي ۾ ئي اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي وڃي، جو ان کان سواءِ نيڻ ننڊ سان به نه ٿا ريجھن؟ ٻوٽيل اکيون جاڳندڙ خواب ڇو ٿيون ڏسن؟ هجومن ۾ به من هيکو ۽ هيکلائيءَ ۾ به دل هجومن جھڙا احساس ڇو ٿي رکي؟ اهڙا ۽ ٻيا اهڙي قسم جا انيڪ سوال، منطق ۽ دليل بدران صرف محبت جي احساس ۽ احساس جي محبت جا گھرجائو هوندا آهن، ڇو ته شاعري من جي ايڪانيت ۽ اڪيلائيءَ جو اهو محبوب ۽ سرمدي آواز آهي، جنهن کي خدائي صداقت جيان پنهنجي حُسناڪي ۽ حقيقت هوندي آهي، جنهن جي سحر ۽ ساحريءَ کي فقط اُهي دليون ئي پَسي ۽ پَرکي سگھن ٿيون، جيڪي موھ جي مجذوبيءَ سان سرشار ۽ زنده هونديون آهن.
شاعري خوشبو جو بدن آهي. اها خواب ۽ خوبصورتيءَ جا نشيلا نيڻ آهي. شاعريءَ جي ڪلا ۽ ڪارج جو مفهوم، ان جي اظهار ۽ ادا جي حُسناڪي ۽ حقيقت ۾ سمايل آهي ۽ حُسناڪين جون حقيقتون، اهي نيڻ ۽ دليون ئي محسوس ڪري سگھنديون آهن، جن جي آرزو ۽ آجپي جو، عشق جي امرت سان وضو ساريل هوندو آهي.
شعر برابر سِڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان
ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجھن نادان!

(ادل سومرو)
جيتري تائين موضوعن جو تعلق آهي، ته هِن پوري سنسار جو حُسن ۽ حقيقت، اضطراب ۽ آجپو، منهنجي شاعري جي احساس ۽ اظهار جو موضوع آهن. مون لاءِ شاعري، لفظن ۽ جملن جي ڊکاڻڪي بدران مجذوب دل جي اُمنگن ۽ آرزوئن جي احساساتي اظهار جو نانءُ آهي. مٽي جي سُڳنڌ ۽ محبوب جي جمال، هميشه منهنجي جيءَ ۾ جذبن جي سمنڊ کي موجزن پئي ڪيو آهي. آءٌ شاعرن کي خيالي ۽ هوائي مخلوق سمجھڻ بدران ڌرتي ۽ زندگيءَ جي ڏکن، سکن جو عيوِضي ۽ حقيقي مصور سمجھان ٿو. منهنجو اهو ايمان آهي، ته شاعر ۽ آرٽيسٽ ئي خوابن جي تعبيرن جا امين ۽ قومن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جي شڪتي رکندڙ هوندا آهن. داغستاني شاعر رسول حمزه توف چيو آهي:
“Poets are not migratory birds. A poet with out native land and with out heart and home, is tree with out roots, a bird with out nest”.(Rasool Hamztav)

(شاعر خانه بدوش پکين جيان نه هوندا آهن. اهي شاعر، جن کي ڌرتي، دل ۽ پنهنجو گهر نه هوندو آهي، اهي ائين هوندا آهن، جيئن بنا پاڙن جي وڻ ۽ بنا آکيري جي پکي هوندا آهن.)
حقيقت ۾ شاعري، ذات جي ڪٿا هوندي آهي. اها ٻي ڳالھه آهي، ته ان ذات ۾ اجتماعي سچ ۽ صداقت جو روح سمايل هوندو آهي. مون پنهنجي آجپي جي گس ۾ شاعريءَ کي سدائين خود شناسيءَ جو اهڙو پيچرو ۽ ماڳ پئي محسوس ڪيو آهي، جنهن جي مسافت ۾، طالب کان مطلوب ۽ مطلوب کان طالب تائين جي آگهي ۽ حاصلات موجود آهي. مون کي شاعريءَ جي سحر ۾ ان حُسنِِ جانان جو جلوو ۽ عڪس جھلڪندي محسوس ٿيندو آهي، جنهن جي بدولت منهنجي دل جي ديد اڄ به آجپي ۽ امنگ جي روشنيءَ سان پُرنور آهي. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجي شاعريءَ ۾، اکين جي اوسيئڙن، چنڊ جي وياڪلتا، روح جي رولاڪين، دل جي خانه بدوشين، من جي مجذوبي، تن جي تشنگي، سمنڊ جي سرڪشين ۽ فطرت جي حُسن ۽ حقيقتن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو. مون لاءِ اکيون اهڙي آرسيءَ جو استعارو آهن، جن جي ديد ذريعي روح جي گھرائين تائين لهي، وجود جا سارا راز ۽ اسرار پَروڙي ۽ پُرجھي سگھجن ٿا ۽ سمنڊ مون لاءِ مجذوبيت ۽ محبوبيت جي اهڙي علامت رهيو آهي، جنهن جي جوت ۽ جمال ۾ زندگيءَ جي سرت ۽ سرمستي موجود هجي ٿي.
ڌرتي ۽ سرتي منهنجي شاعريءَ ۾ ائين موجود آهن، جيئن جسم سان روح ۽ روح سان جسم سنجوڳي هوندو آهي. منهنجي شاعري ۾ مٽيءَ ۽ محبوب جي خوشبو آهي. مون کي خبر آهي، ته منهنجي شاعري ۾ قومي، مزاحمتي ۽ انقلابي سڏ ۽ پڙاڏن جي پرچار کان وڌيڪ رومانوي رنگ موجود آهن، اهو انهيءَ ڪري آهي، ڇو ته محبت منهنجي نظر ۾ بذات خود وڏي مزاحمت ۽ وڏو انقلاب آهي. محبتون مون لاءِ اهڙي معجزاتي قوت رکندڙ آهن، جن جي دم سان ئي هن دنيا جو وجود نه صرف قائم آهي، پر هن بي حس سماج ۾ سندر جياپي جي آٿت جو احساس به ان جي بدولت ئي ميسر آهي.
مون کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪائي دعوى ڪونهي، ان ڪري آءٌ پنهنجي ڪوتائن لاءِ نه ڪنهن خوش فهميءَ جو شڪار آهيان، نه ئي وري انهن بابت مون کي ڪائي غط فهمي آهي. مون جيڪو ڪجھه لکيو آهي، پنهنجي داخلي ۽ خارجي حقيقتن کان متاثر ٿي لکيو آهي. منهنجي شاعريءَ جي هر سِٽ ۾ منهنجي آجپي، اوسيئڙي، آنند، بي چيني ۽ دل جي حضور جي شموليت سان گڏ ان خواب ۽ حقيقت جھڙي حُسنِ جانان جو احساس به شامل آهي، جنهن جي محبتن منهنجي آڱرين کي تخليق جي رعنائين سان روشناس ڪيو آهي.
جياپي ۽ جاچنا جي پنڌ ۾، منهنجي آرزوئن جيتري به مسافت ڪئي آهي، منهنجون ڪوتائون ان جي سرگزشت آهن. تخليق جي سفر ۾ منهنجي دل جو جيڪو پورهيو ۽ پريت شامل آهي، ان جي اجوري لاءِ پيار کان سواءِ منهنجي ٻي ڪائي طلب ۽ طمع ڪونهي. منهنجي پورهئي جو بهترين اجورو خود منهنجون ڪوتائون ئي آهن.
سواءِ گردِ راهِ شـــــوق، کيـا رکها هـي قصي مين
هماري زندگي خـــــانه بدوشون کي کهاني هي
کسي سي پوچهتي کيا هو، جبينون پر نظر ڊالــــــو
لکيرين خود کهين گـــي، کس ني کتني خاک چهاني هي.

(رفيع الدين راز)
آءٌ ڏک، پيڙائن ۽ شديد مسرتن جي لمحن ۾ ڪجھه به لکي نه سگھندو آهيان، انهن ڪيفيتن ۾ منهنجي جيءَ جو بدن صرف ڀوڳنائون ڀوڳيندو ۽ منهنجو من مسرتن مان محظوظ ٿيندو آهي. اهي ڪيفيتون منهنجي خيال ۽ فڪر جي گَھڙي کي مسرتن ۽ پيڙائن جي پاڻيءَ سان ٽمٽار ڪنديون رهنديون آهن ۽ جڏهن مسرتن ۽ پيڙائن جا ڀريل بادل دل جي ويران رڻ تي برسي ويندا آهن. من آلي مٽيءَ جي خوشبو سان واسجي ويندو آهي. موسمن جا نيڻ مُرڪن سان ٻهڪي پوندا آهن، تڏهن منهنجي خيال ۽ تخيل جا پنڇي ڪاغذ جي آڪاش تي پرڙا ساهي اُڏامڻ لڳندا آهن.....شاعريءَ جون سموريون صنفون مون لاءِ پرينءَ جي آغوش جيان آهن، پر نظم منهنجي محبوب ۽ مرغوب صنف آهي، ڇو ته نظم جي ساغر ۾ آءٌ پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو امرت آسانيءَ سان اوتي سگھندو آهيان. نظم مون لاءِ ان رباب جيان آهي، جنهن جي هر تار ۾، آڱر جي ڇهاءَ سان روح جي آواز ۽ احساس کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
سنڌ جي ڪوتا کيتر جي هيڏي وڏي قافلي ۾ منهنجي تخليقي مسافت جي وقعت ۽ حيثيت ڇا آهي يا پنهنجي هم عصر سرجڻهارن ۾ آءٌ ڪهڙي نمبر ۽ مقام جو مستحق آهيان؟ اهي سوال مون لاءِ ثانوي حيثيت جا حامل آهن، جن پويان مون ڪڏهن به پنهنجون قوتون ۽ صلاحيتون ڪونه وڃايون آهن. نالي ۽ ناموس جي طلب انسان جي فطري ڪمزوري آهي، پر مون شهرت کي سدائين سراب پئي سمجھيو آهي ۽ ان پويان اجائي ڊوڙڻ بجاءِ مون هميشه ڪوتائن لاءِ دل جي مزدوريءَ کي ترجيح ڏني آهي.
منهنجون ڪوتائون منهنجي قلبي وارتائن جو عڪس ۽ آئينو آهن. منهنجي ڏک ۽ مسرتن جا احساس منهنجي ذات جي داخلي ڪيفيتن، ڪرب ۽ خارجي مشاهدن ۽ محسوسات جو نتيجو آهن، پر جيڪڏهن اهي ڪنهن پُرش جي دل تي ڪنهن آٿت جي ٿڌي ڇنڊي جيان پون ٿا يا منهنجي شعرن ۾ موجود ڪيفيتون ڪنهن لاءِ تبديلي ۽ تازگيءَ جي احساس جي دستڪ جو سبب بڻجن ٿيون، ته ان آنند ۽ پيار کان وڌيڪ مُلهائتو، مون لاءِ ٻيو ڪهڙو احساس ٿي سگھي ٿو!
مان نه ٿو چوان، ته منهنجون ڪوتائون ڪو علاوالدين جو چراغ آهن، جن جي اڀياس سان دل جي انڌن کي به ديد جي روشني عطا ٿي ويندي، پر پنهنجي ڪوتائن جي حوالي سان مون کي ايترو وشواس ضرور آهي، ته اهي ڪنهن زنده دل انسان جي ياد جي بند دريءَ تي پيار جي دستڪ ۽ ڪنهن اداس متلاشيءَ لاءِ آٿت ۽ ڏڍ جو احساساتي سهارو يقينن ٿي سگهن ٿيون.
مون لاءِ شعر و ادب جي دنيا، اهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ ئي مون سدائين پنهنجو آنند ۽ آجپو محسوس ڪيو آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو، ته ادب جي دنيا اهڙن ديوانن جي دنيا آهي، جنهن ۾ نوٽن بدران دل جي دولت جو ڪار وهنوار هلندو آهي. توڙي جو مان اهو به ڄاڻان ٿو ته، اسان جھڙي ملڪن ۾ ادب ڪنهن جو پيٽ نه ڀري سگھندو آهي، نه ئي اهو ڪنهن اگھاڙي انگ کي ڍڪي سگھندو آهي، پر اهو به سچ آهي، ته ادب، پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن کي شعور ۽ آگهيءَ جي اهڙي سگھ عطا ڪندو آهي، جيڪا پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن کي، ڪيترن ئي پو ڍاون ۽ پوشاڪين کان، وڌيڪ اتم ۽ ممتاز بڻائي ڇڏيندي آهي.
اظهار ڪرڻ ۽ پنهنجن پيارن سان اندر اورڻ، انساني فطرت ۾ شامل آهي. آءٌ پنهنجي ڪوتائن جو هي ڳٽڪو، انهيءَ جذبي تحت ئي ادب ۽ شاعري سان اُنس رکندڙ انهن سُڄاڻ ۽ سُماني دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، جن جون دليون اڄ به ڪنهن ديپ جيان، ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل آهن. جن جي اکين ۾ اڄ به خواب، خوابن ۾ حسرتون، حسرتن ۾ حُسناڪيون ۽ حُسناڪين ۾ محبتن ۽ مسرتن جو احساس موجود آهي. جن جا نيڻ اڄ به ڪنهن محبوب نظر ۽ حسين منظر جا متلاشي آهن. جن جي آرزوءَ ۾ اڄ به ڪنهن چنڊ جي تمنا بي چين آهي ۽ جن جي احساسن ۾ لفظن جي روح ۽ جذبن جي سرمستيءَ کي ساڃاهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سُرت موجود آهي.
آخر ۾ آءٌ انهن سڀني پرين پيارن، خاص ڪري احسان دانش ۽ رياضت ٻرڙي جو ٿورائتو آهيان، جن هن پيار جي پورهئي جي سهيڙ ۽ سنوار ۾ سهڪار ۽ محبتن جو ڀرپور هٿ ونڊايو آهي. پياري عادل عباسي جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن انتهائي پيار سان هن ڪوتا ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. رکيل مورائيءَ جا پڻ وڏا وڙ، جنهن ڪتاب جو بيڪ پيج لکيو. ڊاڪٽر ادل سومري، سعيد ميمڻ،
امر اقبال، حبيب ساجد ۽ حبدار سولنگيءَ جا پڻ قرب، جن منهنجي شاعريءَ بابت پنهنجا قيمتي رايا تحرير ڪيا آهن، قربان منگيءَ، جنهن ڪتاب ڇپرائي پڙهندڙن تائين پهچايو ۽ آصف نظاماڻي، جنهن ڪِتابَ جي ڪمپوزنگ جو پورهيو ڪيو، جا پِڻ ٿورا. ايترا ئي قرب انهن پارکو پڙهندڙ دوستن جا، جن سدائين منهنجي تخليقن کي پيار سان پڙهيو، پروڙيو ۽ انهن جي محبت ڀري موٽ ڏني آهي.

ليڪچرر ــ سنڌي شعبو فياض لطيف
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو 0300-3413275
fayazlatif7@gmail.com