اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
ڪارونجھر کي پٿر ماري
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
موت نه جنهن کي ماري سگھيو،
ان کي تون ٿو مارڻ چاهين!
ناھ اڃا ڀي پوڙهي هڏڙن،
پنهنجو رت ۽ ست وڃايو!
گيت اڃا ڀي رت رتولا،
اڃا نه راڳيءَ ڪت وڃايو!
ڪنڌ اڃا ڀي اوچو ان جو،
جنهن کي تون ٿو جُھڪائڻ چاهين!
لفظ جوالا مُکي جنهن جا،
تنهن کي تون ٿو اُجھائڻ چاهين!
توکي ڪهڙي ڪَل او ڪانئر!
جنهن تي ڀٽائي، ڇانوَ هجي ٿو.
مور نه سوئي مِٽجي سگھندو،
جيڪو سنڌڙيءَ، هانوَ هجي ٿو.
ڪيسين بندش، ڪيسين پهرا؟
چوٽي جابر چار ڏيهاڙا!
مٽي تريءَ تي واءَ جو ڦوڪو،
اوندھ پويان سج آ لوڪو!
ڪوتا جي نگريءَ ۾ چوڏس،
جنهن جي جوت جو سج جرڪي ٿو.
مورک! ان جي جوت جلا کي،
تريءَ هيٺان ٿو وارڻ چاهين!
ڪارونجھر کي پٿر ماري،
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
(سکر ۾ شيخ اياز جي لائبرري سان وردي وارن جي هٿ چراند کان متاثر ٿي لکيل)