چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
دل جي هِن خانه بدوشي،
آ ڇڏيو رولي اسان کي،
چنڊ هاڻي هُن کي چئجان
ڪينڪي ڳولي اسان کي.
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
ماڪ سان مجذوب دل جا
نيڻ هر پل هي ڀِنا هِن،
رات جون رولاڪ ــ راهون،
هاڻِ ٿي ويون آشنا هِن.
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
هينئين ــ بن ۾ هيکلائي،
زرد شامون ٿي لٿي آ!
سار جي هر پهر دل تي،
درد لامون ٿي لٿي آ!
جوڳي وانگي جاڳ پنهنجي،
راھ ۾ ڀٽڪي مُئي آ!
حسرتن جا لاش پُوري،
دل رودالي ٿي پئي آ!
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
دور هوندي دور ناهين،
مون ۾ مون سان تون ئي آهين،
پيار تنهنجو آ پناهون،
تون ئي تون آن سڀ ڏسائون.
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
شام جا هُو پهر پويان،
ويل تنهنجي واپسيءَ جي،
۽ ولين جان چيلھه ــ وڻ ۾،
ور وراڪا تنهنجون ٻانهون.
مورناهن مون کان وسريون،
تنهنجي زلفن جون گھٽائون!
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
اڄ به ٻوڙن ٿيون مِٺي!
حُسن تنهنجي جون ادائون!
اڄ به جانان! جام وانگي،
سانجھه ٿي هر ڪائي ڀاسي.
اڄ به تنهنجو هر تصور،
روح ساري کي ٿو واسي،
پر او سانئڻ! وقت سان گڏ
ٻار هوڏي دل جو هاڻي،
کوڙ سمجھو ٿي ويو آ!
ڪجھه قدر بي چين دل جون
آرزوئن جي بدن تي،
آڱريون مدهم ٿيون هِن!
ڪجھه قدر آوارگي جو
روح ڀي ريجھي ويو آ!
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
ها! مڃون ٿا، موھ تنهنجو
ئي سراپا مڌ جيان هو،
سُرڪ جنهن جي جانِ جانان!
ساھ کي مدهوشِين ۾،
هو ڪڏهن ويڙهي ڇڏيو ۽
سمنڊ جان هو سحر تنهنجو،
سُرت جو ساحل نه ڪوئي،
دلڪشي جي ديد هر ڪا،
خواب ــ لمحا ها سڀوئي!
چند ساعت کيپ نيڻن،
جاڳ ساڳي، جوڳ جيون،
هير جھونڪو سنگَ سارا،
دشت پياسو من اهو ئي!
چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
دل نديءَ جو پُور آهي،
سڀ اِڇائون لهر وانگي!
ناکئي جان نيڻ ماندا،
پياس سُرمئي سانجھه جھڙي.
ساٿ تنهنجو سَوَ سُڳنڌون،
پر او سرتي! عشق تنهنجي ــ
کوڙ سُندر ڪائناتون،
هِن ڇڏيون کولي اسان تي،
چنڊ هاڻي هُن کي چئجان!
ڪينڪي ڳولي اسان کي!
ڪينڪي ڳولي اسان کي!