اسان جو موهه مجذوبي
اسان جي طلب ۾ ساحل
ڪٿي آهي رهيو جانان؟
اسان جي پياس کي گھرجي،
سمورو سمنڊ ٿو جانان!
اسان جي انتظارن جي
ڪٿي موسم کُٽي آهي؟
ملي آ روح ــ رولاڪي،
جئين ئي اک کُلي آهي!
خدا جان هيڪلايون ئي
رهيون هِن پاڻ سان ساڻي!
حياتي درد کان آجي،
ڪٿي آ پاڻ ڪا ماڻي!
اکين مان ٿو ليئا پائي
ازل کان ڪوئي اوجاڳو!
سدائين آرزو ـــ بن ۾،
هينئون آ مِرگھه جان ڀٽڪيو!
ستارن سان ڪيون آهن
سدائين پاڻ سرگوشيون!
ننڊاکي چنڊ سان اوريون،
سدا هِن پاڻ مدهوشيون!
اسان جو عشق امرت جان
اسان جي پياس صحرائي!
اسان لئه ڪُنڊ دل جي آ،
اسان جي ساري خدّائي!
سدائين هي هينئون بادل
رهيو آ راھ ۾ آتو!
چپن جي تِشنگي جانان!
ڪٿي آ چِين ڪو پاتو!
اسان جو موھ مجذوبي
صليبن سان سَنگم پنهنجو!
اسان جا خواب دنيا ۾،
پروميٿئس سندو سپنو!
سدائين لفظ ڪاغذ تي
رڙي هِن روح مان نڪتا!
سدائين دل جي ويراڳي،
رنگن ۾ روپ هِن ٽاڪيا!
اسان جو آجپو لهرون
ڪٿي آ ناوَ جو اُلڪو؟
اسان جي ديدَ ديواني،
ڪٿي آ گھاوَ جو اُلڪو!
مڃون ٿا لوڪ آ سياڻو
ديواني دل جتي پنهنجي،
سدائين پاڻ آ ڀوڳيو!
سدائين پاڻ آ جھوڳيو!
مگر سا ڀوڳنا پنهنجي
اسان لئه راھ جان آهي.
اسان جي عاشقي آذر،
اسان لئه ساھ جان آهي!
اسان لئه ساھ جان آهي!