ساره شگفته جي نانءِ
ساره! دردُ سمندر جان آ
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
درو اُفق ۾ تارا آهن
تن جي هيٺيان چارا آهن
ڪيڏا ڪُنَ ڪنارا آهن!
اُڏريا پنک پکيڙي پنڇي
آگم جان آواره اکڙيون
نيڻ نديءَ جو پور پرانهون
سار سفر جون صحرا راهون.
من روڳي بنجارو آهي
هِيڻا هنجّ اُٻهريون لهرون
تڙ تڙ ئي تاسارو آهي
جيون پياسو سارو آهي.
بَر جي ڪيڏي ڪَيئي مسافت
بُٺَ تي ڪيڏا گل ڇَٽيا تو
آپگهات جا خواب ڏِٺا تو
اَرمانن جا پوپٽ اُڏريا
پن پن ٿي هِن لمحا وکريا.
تو ته اکين جا ديپ جلائي
سوچيو هوندو، لوچيو هوندو
لوڪ پٿر ۾ ڪوئي هڪڙو
ميڻ به هوندو، سيڻ به هوندو
آس انهيءَ ۾، پياس انهيءَ ۾
تو ته بدن جو بَرُ به جھاڳيو
ٿوهر ٿوهر ٿَرُ به جھاڳيو.
لوڪ نگاهون خنجر جھڙيون
وک وک تي آ گهاءُ نئون ڪو
هاءِ حياتي هيرن جھڙي
جڳ سمورو جوئا خانو
ديد ديد آ داءُ نئون ڪو.
جيون سارو جوکو آهي
دشت به آهي، دوکو آهي
نيڻ ئي تنهنجا نڪتا ويري
ڪهڙا پنڌ ۽ ڪهڙا پيري؟
دنيا ساري هيرا ڦيري!
جوڀن توسان جاڙ ڪري ويو
موت به تنهنجي تاڙ ڪري ويو
تنهنجا شعر قبر جو ڪتبو
تنهنجون ”اکيون“ ئي تعارف تنهنجو.
تو جنهن چنڊَ جو مَنڊُ ٿي چاهيو
جوٺي جڳ ۾ سچ او سانئڻ!
چنڊ ته ڇا پر تارو ڪونهي!
ساره درد سمندر جان آ
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
(ساره شگفته اردو جي ناموَر شاعره)