فياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
هر شاعر آزاد آهي ته، هو پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ ڪنهن به صنف جي چونڊ ڪري. ان ڏس ۾ هن تي ڪا به پابندي ناهي. ادبي دنيا ۾ هڪڙي راءِ آهي، ته ڪنهن ڳوڙهي فڪر يا ويچار کي مڪمل طرح بيان ڪرڻ لاءِ نظم بهترين صنف آهي. نئين ٽهيءَ جي سُڄاڻ شاعر فياض لطيف به پنهنجي فڪري اظهار لاءِ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ نظم کي اوليت ڏني آهي. سندس نظمن جي وڏي خوبي اها آهي، ته اهي پڙهندڙ کي هڪ سحر ۾ وڪوڙي ڇڏن ٿا ۽ پڙهندڙ خاموشيءَ سان لفظن جي لهرن ۾ لڙهندو ٿو وڃي ۽ آهستي آهستي هن تي خيالن جون دريون کُلنديون وڃن ٿيون. فياض لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اُڻت ڪيترين ئي اهڙين اثرائتين تشبيهن، استعارن ۽ ترڪيبن سان ڪئي آهي، جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته فياض ۾ هڪ سٺي ۽ منفرد شاعر جون سڀئي خوبيون موجود آهن. سندس شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ تازگي آهي ۽ اهو ئي تخليقي گس هن کي اڳتي وٺي ويندو.