تون چوين ٿي!
تون چوين ٿي،
تڙپَ منهنجي عاشقيءَ ۾،
اڄ رهي ناهي اُها.
خواب منهنجي حسرتن جا
سڀ هراسيل هرڻين جيان،
سُرت جي صحرا ۾ ڪٿ،
بي سبب ڀٽڪي ويا هِن!
تون چوين ٿي،
آڱرين جي جانِ جان! آوارگي ــ
آرزوئن جي بدن تي،
ڏاڍي مدهم ٿي وئي آ،
منهنجي من جون موسمون سڀ،
ٻار جي ڪنهن آر وانگر،
ڏاڍيون مَٽجي هِن ويون!
تون چوين ٿي،
سڀ ڪٿائون قرب جون،
ڪنهن مسافر جي قدم جان،
پنڌ جي ڪنهن ڌُنڌ ۾،
مون کان ڀٽڪي هِن ويون.
جانِ جانان!
ڇا به سمجھين تون مگر،
ايئن ڪونهي،
جيئن چوين ٿي.
نيڻ منهنجا
هڪَ به لمحي لاءِ سانئڻ!
سچ پُڇين جي صبر سان،
تنهنجي تصور کان سوا،
ننڊ جي آغوش ۾،
ڪين ٻوٽيا هِنِ ڪڏهن.
اڄ به منهنجو مَوجزن آ،
موھ ڪنهن مهراڻ جان،
تَن تارون،
من مانجھي،
ساھ سارون،
روح راڳي،
ساز ڄڻ تنهنجي لگن آ.
اڄ به منهنجي آس تون آن
پياس تون آن،
تون سراپا سمنڊ آهين،
ڄڻ ته ڪوئي منڊ آهين،
آڱريون منهنجي اِڇا جون،
روز ڪنهن گوتم جيان،
جاچنا جو جيءُ ڳولن،
تِشنگي جو روح ڦولن.
تون هميشه چنڊ وانگر
منهنجي راتين ۾ رهي آن،
هر ڪويتا ــ لفظ منهنجي،
حُسن تنهنجي مان سدا،
اڻ مئيو پيتو مٺِي آ.
اڄ به منهنجا رنگ سارا
روپ تنهنجي جو رچن ٿا،
نقش ڪوئي،
ننڊ جھڙو،
گھِنڊ جھڙو،
جو وڄي ٿو رات ڏينهن،
روح منهنجي جي رڳن ۾،
تنهنجي زلفن جي چَڳن ۾،
اڄ به منهنجي آڱرين جو،
چينُ ٿو اُلجھي پوي.
اڄ به منهنجي راحتن جا
چاهتن جا،
سارا رستا،
سونهن تنهنجي تي کُٽن ٿا،
۽ ڦُٽن ٿا،
پِرھ ڪرڻا،
مُرڪ تنهنجي مان مِٺي!
نيڻ تنهنجا
لهر وانگر،
سحر وانگر،
اڄ به ٻوڙن ٿا سَکي!
پيار منهنجي جون پڇائون،
توکي ڳولن ٿيون نگاهون،
تنهنجون ٻانهون،
منهنجي گردن چَوطرف
اڄ به ڄڻ آتيون ڦِرن ٿيون،
ڀَونر جان باتيون ڀِرن ٿيون.
اڄ به منهنجي نينهن جون
سڀ سيمائون،
تنهنجون ٻانهون.
اڄ به منهنجي عاشقي آ،
آڳ وانگر، جاڳ وانگر،
تون جنهين ۾،
نيڻ آهين خواب جا!
نيڻ آهين خواب جا!