شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

پبلشر نوٽ

سنڌي ٻوليءَ ۾ استاد شاعرن منجهان ڪجهه اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جن جي شاعري کي عوامي شاعري چيو وڃي ٿو. انهن نامورن شاعرن ۾ ’استاد پيرل قمبر‘ جو نانءُ پڻ نمايان نظر اچي ٿو. ’استاد پيرل قمبر‘ جي شاعري ۾ ٻوليءَ جو استعمال، اهڙي عوامي لهجي ۾ ٿيل آهي جنهن کي هر عام ماڻهو به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ جهڙي ريت سادو، سچو ۽ کرو ماڻهو هو، اهڙي ريت سندس شاعري ۾ پڻ تمام بهترين، سادا، سلوڻا ۽ خوبصورت احساس قلم بند ڪيائين.
’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي تمام انهن صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين. تنهن کان سوا سندس رومئنٽڪ انداز ۾ به غذب جا شعر لکيل آهن جن ۾ ليلا مجنون، سهڻي ميهار، يوسف ذوليخان، کان ويندي شيرين فرهاد، توڙي ٻين سڀني عاشقن جا ڪردار پنهنجي شعر ۾ ڪلاسيڪل انداز سان سنڀاري کڻي هليو. استاد پيرل قمبر پنهنجي اندر جي آدمي سان ٿيل جائز ناجائز يا فتري وارداتن کي به سُٺي نموني سڻائڻ جو سگهارو شاعر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس اسلوب اڄ به تازو ڀانسجي ٿو. شعر سرجڻ جي ٽيڪنڪ اهڙي ڪامياب جو هو هر وقت جو شاعر محسوس ٿي رهيو آهي.
سندس ڪجهه غزل ته غزل جي فارميٽ ۾ اهڙا سگهارا ۽ ڀرپور آهن جو شيخ اياز ٿو ياد اچي وڃي، اهڙي طرح ڪجهه گيت موسيقيت جي رنگ ۾ اهڙا رچيل آهن جو استاد بخاري ٿو ياد اچي وڃي. اهڙي ريت سنڌي موسيقي جي نامور ۽ ڪلاسيڪل گلوڪارن پڻ تمام جهجها گيت پنهنجي پنهنجي انداز ۾ رڪارڊ ڪيا. جيڪي اڄ تائين مقبول رهيا آهن.
استاد پيرل قمبر جي شعر ۾ موسيقيت ۽ جماليات جو جاندار ۽ سڀاويڪ لهجو ٻڌي ۽ ڏسي ڪيئي سنڌي فلمن جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر اچي کيس ڳولي لهندا هئا ته هو سندن فلمن لاءِ به گيت لکي، انهن جي اهڙي اسرار تي استاد پيرل قمبر سنڌي فلمن لاءِ پڻ تمام شاندار گيت لکيا جيڪي انهن فلمن جي نالن وانگر مقبول آهن.
استاد پيرل جا شاعري جي تمام صنفن تي آڌاريل هزارن جي تعداد ۾ شعر، جن کي استاد پنهنجي زندگي ۾ به نه سهيڙيو ته سندس وفات کان پوءِ به وارثي نه ٿيڻ ڪري ڪجهه چوري به ٿي ويا ته ڪي اڳتي پوئتي ٿي دنيا جي ناگواره ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويا. پر جيڪا شاعري ڪن انهن ماڻهن کي هٿ آئي جن جي دل ۾ ٿورڙي به استاد لاءِ محبت هئي يا انهن ان مواد کي تاريخي ڪم سمجهو تن پنهنجي پنهنجي وس ۽ وِت آهر ڇپرائي، جنهن جي نتيجي ۾ استاد پيرل قمبر جا پهريان به ٻه شاعري جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. اهڙي ريت هي استاد پيرل جي شاعري جو ٽيون ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ به اوهان جي هٿن تائين رسائي ڪري ٿو.
استاد پيرل جي شاعري مان چند اهڙا شعر به هن ڪتاب ۾ شامل آهن جيڪي پهرين به ڇپيل آهن پر انهن شعرن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو سبب اهو هيو ته انهن شعرن کي گهرجن پٽاندڙ، پنهنجي اصلي فارميٽ ۾ پيش ڪجي (جيئن استاد جا هٿ اکر لکيل هئا) ته جيئن استاد پيرل قمبر جو فن ۽ فڪر اڌورو نه رهجي وڃي. ڇو ته هن ڀيري سندس پراڻن هٿ اکر لکيل بُڪن ۾ شاعري جي چونڊ ڪئيسين ته ان ۾ انهن شعرن جو نقشو ڪجهه ٻيو هيو، يا ته اهي پهرين ٿورن بندن تي مشتمل هئا. جڏهن ته اڃان وڌيڪ بند به ٻين بُڪن مان مليا ان ڪري کين حقيقي رنگ روپ ۾ شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي.
”رهيل چار ڳوڙها“ ڪتاب ۾ حمد، نعتون، مرثيا، وايون، ڪافيون، بيت، چئوسٽا، غزل ۽ گيت شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ سرائيڪي گيتن جو جهجهو تعداد به شامل آهي ته ڪجهه اردو غزل پڻ شامل آهن. ان حوالي سان هي ڪتاب استاد جي پهرين شاعري جي ٻن ڪتابن کان منفرد آهي.
مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران استاد پيرل قمبر جي شاعري جو ٽيون ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، ڇو ته اهو فرض هيو جيڪو پورو ڪجي ٿو ۽ استاد پيرل قمبر جو اسان تي قرض پڻ! جيڪو دل سان لاهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.


[b]مرتضى لغاري
[/b]شهدادڪوٽ
Cell: 0300-5182494 0300-3429326