هي ٿيندو عشق جو دل تي، عمل_ آهستي آهستي،
ڪلر مان ڀي ڦُٽي پوندو، ڪنول_ آهستي آهستي.
اچي حاضر نه ٿئي يا ٿئي، اُتي هو حضرت موسى،
ڪٽيندو طُور کي اک جو، ڪجل_ آهستي آهستي.
هِجر ۾ قيص جنهن بُنڊ تي، رکي تون منهن مٿو بيٺين،
اهو قرآن جو بڻبو، رَحَل_ آهستي آهستي.
قلم ورتم قضا کان ۽، پنو مَس پڻ محبت کان،
لکان ٿو غور سان ڪنهن تي، غزل_ آهستي آهستي.
پري پردو ڪري تو جي، ڏٺو اڪسِير اکڙين سان،
مَنهَن مان ڀي ٺهي پوندو، محل_ آهستي آهستي.
ڪري ڏس آزمودو تون، اي”پيرل“ پاڪ الفت جو،
ڀڄي گوڏا جُهڪي پوندا، اجل_ آهستي آهستي.
**