قدر ڪو نه دل جو، پيو دل جي پٿر کي،
اسان ڪعبو سمجھيو هو دلبر جي در کي.
نه خوشبوءَ خوشيءَ جي، نه سرهاڻ سُک جي،
رڳو گهر غمن جو، رڳو ڏات ڏُک جي.
ڏئي باهه ڇڏجي، پو اهڙي گذر کي.
سڪي سوَ حياتي جا پاڇا لڙي ويا،
”رهيل چار ڳوڙها“ به ڳڙندي ڳڙي ويا،
اڃا ڪو نه آيو، نظر هُـو نظر کي.
هجي ها ڪو هِڪ غم ته ان کي پُڄئون ها،
هجي ها ڪو ٻيو ڪم ته ان کي پُڄئون ها،
پُڄي ڪير هر هر هيڪاندي حشر کي.
ڪندين دانهن ”پيرل“ ته ڇا داد ٿيندو،
هو ڪاغذ جو گل آ ڪا خوشبو نه ڏيندو،
ڇڏي ڏي نه ڄاڻي جو سڪَ جي اکر کي.
**