شابس هجئي او سهڻا واهه جو وساريو ٿئي،
سُڏڪا ڀريا ٿئي نه ڪو سِڪ سان سنڀاريو ٿئي.
مان جي اچان ٿو مون کان مُنهن تون مَٽائين ٿو،
ٻانهن ڏئي پنهنجي مُنهن تي مُنهن تون لڪائين ٿو،
غيرن سان ڀي چئو ڪڏهين ايئن ڪو گذاريو ٿئي.
ڪيئن نه ڇنيان مان ڇاتي ڪيئن نه ڪيان مان غم،
گلڙا چونڊيندي مهل غيرن کي سڏيو تو صنم،
پٿرن چونڊيندي مهل مون کي ئي پُڪاريو ٿئي.
خطڙو هٿان هٿ مُڪم اهو ڀي ته ڦاڙيو تو،
قدمن ۾ ڪاغذ منهنجو لَت ڏئي لتاڙيو تو،
مهرباني تنهنجي مٺڙا مُئل کي ئي ماريو ٿئي.
دلبر جي اُڏري نظر تنهنجي نه در تي ٿي اچي،
اُلفت ۾ شايد توکي اوندهه نظر ٿي اچي،
”پيرل قمبر“ چئي ڏيئو ڏينهن جو تون ٻاريو ٿئي.
**