نه هئي نڀائڻو! ٻڌاءِ ته پهريان، تنهنجو سلام ۽ ڪلام ڇو هو،
هو پانڌي ڇو هو، هو خطڙو ڇو هو، نياپو سنيهو پيام ڇو هو.
چريو ته ناهين وفا جا واعدا ڪري وري ڇو ڪٽين ٿو ناتا،
وفا جي لالچ بنا ٻڌائج، بندو بندي جو غلام ڇو هو.
جو ڀي ٿيو آ بزم ۾ مئڪش، کِلي ٿي ساغر چپن سان لاتو،
رڳو عجب آ اسان کي جاني، ڀڳل ٽٽل ڀي نه جام ڇو هو.
ڪٿان جي اُبتي چوان عدالت، سڄڻ محبت جي فيصلي ۾،
غصو اوهان جو حلال ڇو هو، غصو اسان جو حرام ڇو هو.
”پيرل قمبر“ لئه غصي ۾ تون هئين، باقي ته جڳ پئي کليو ۽ مرڪيو،
هتي صبح هو، هُتي صبح هو، تنهنجي نگاهن ۾ شام ڇو هو.
**