شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

هيءَ ڪاٿان وتئي هيءَ ڪاٿان سکيئي،

هيءَ ڪاٿان وتئي هيءَ ڪاٿان سکيئي،
چئو جاني اها جادوگري،
دڳ سير هڪ، هٿ پير هڪ،
هڪ شاهه و گدا، جادوگري..

تو وارن ڇُڳو آڱر تي جو هيڏي هوڏي ڦيرايو،
هو جاڏي اُڏيو، مان مُنهن جهليو،
ٿي دل جي دوا جادوگري..

هن عشق سان هُجت نه آ، هن حُسن سان حاجت نه آ،
ڇا رنگ رهيا، ڪيئن رُخ تي ٺهيا،
هي ڪعبه مڪا، جادوگري..

ڪلهه شام جو تون ۽ ته مان گڏ هئاسين باغ ۾،
هڪ هيءَ رضا، ٻي هوءَ فضا،
ٽئين اک جي ادا، جادوگري..

هي ”پيرل قمبر“ آهي هر هر پگهر، رهيو حيرت ۾ آ شام و سحر،
مان ٻانهون ٻڌي، ڏئي بوسو ٿڌو،
رکيئي منهنجي رضا، جادوگري..
**