شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

دري نه آ ڪو در در واندو، گهٽي نه آ ڪو گهر گهر واندو،

دري نه آ ڪو در در واندو، گهٽي نه آ ڪو گهر گهر واندو،
باغن ۾ ڀي تنهنجي حُسن جي بات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

هيڏي هوڏي رُخ تان پردو، ڄڻ ته هوا ٿي هٿ سان اُڏايو،
چنڊ ستارن تنهنجي ڏسڻ لئه، دل ۾ پڪو هو پَههَ ڪو پچايو،
مثال هي بيمثال چئجي، معجزو يا هي ڪمال چئجي،
مُنهن تي اُٺي جو ابر بنا برسات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

مُرڪون تنهنجون موتين وانگي، ڪاوڙ تنهنجي ڪَچ برابر،
آٿت تنهنجي برف برابر، مهڻا تنهنجا مَچ برابر،
پيار تنهنجي کي ونگ ڍنگ آهن، انڊلٺ وانگي ست رنگ آهن،
ڪڏهن فرحت ڪڏهن وري فڪرات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

ماڻهن کان تون پُڇي ڪندي ڇا، منهنجي دل کان پُڇي به ڏس تون،
لُڇان جيئين ٿو مان ئي تو لئه، مون وانگر ئي لُڇي به ڏس تون،
جاچي ڏسبو جڳ هي کوڙ آ، سونهن مگر هي ربّ جي جوڙ آ،
مقدر مٺڙا ذات تي ڇا جي ڏات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

”پيرل قمبر“ کي طاقت ناهي، ڏيندو حُسن جا حال سمورا،
تنهنجي پگهر تي آڱر منهنجي، لب تي ڄڻ ڪي جام طهورا،
جيئن جيئن تنهنجا چپڙا چُري پيا، سينا سُک جي در ڏي سُري پيا،
ڪچو منَههَ به مٽجي ٿيو محلات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.
**