شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

سڄڻ هي زلف تنهنجا جو، ڪري چُپ چُپ چُري پوندا،

سڄڻ هي زلف تنهنجا جو، ڪري چُپ چُپ چُري پوندا،
هزارين نانگ ڪاريهر_ سِڌا دل تي سري پوندا.

ڏندن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي، لبن ۾ لعل ٿو لڙڪي،
کڻين ٿو ناز مان نظرون، ته منهنجو هانءُ ٿو ڌڙڪي،
کلين ته خيال سان کلجان، مٺا ماڻهو مري پوندا.

نه کڻ هي نيڻ دل وارا، شهنشاهي آ خطري ۾،
ٻڌي ڇڏ باز ڀرون جا، پرين پنبڻين جي پڃري ۾،
چکيئون جي ماس ماڻهو جو، هميشه لئه هِري پوندا.

چوي ”پيرل“ هتي ڪنهن چيز جو ير ڪال ڪونهي ڪو،
ڪيو ڪي قُربڙا پنهنجا اسان جو حال ڪونهي ڪو،
ڪندؤ جي ناز هي نازڪ، ڇُٽل ڦٽ هي ٽُڙي پوندا.
**