شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

اڄ کلندي بهارن مان ٿي خزان، مان موسم مٽايان ڪنهن جي ڪري،

اڄ کلندي بهارن مان ٿي خزان، مان موسم مٽايان ڪنهن جي ڪري،
هو ڳوڙها اُگهڻ وارو ئي ويو، مان ڳوڙها وهايان ڪنهن جي ڪري.

جنهن ناز واري تي ناز هيو، سو ناز وارو ناراض ٿيو،
اڄ ڪاڪ محل جي ڪنڊ ڪنڊ تي مان خوشيون کنڊايان ڪنهن جي ڪري.

دل اڌ کان به وڌ وئي ڀورا ٿي، مان سا به وڃي ٿو غم کي ڏيان،
هو دل جي وٺڻ وارو ئي ويو، مان باقي بچايان ڪنهن جي ڪري.

اڳ هنڌ ۾ ها پوندا وار ٺهي، اڄ اٽڪي ڦڻي ٿي سينڌ ۾ پئي،
هن چنڊ ۾ سج جي گرمي آ، مان جيئڙو جلايان ڪنهن جي ڪري.

جي زخم ٿا جاڳن مان ٿو سمهان، جي زخم ٿا ننڊ ڪن مان ٿو اٿان،
هن لوڻ مرهم جي مسئلي کي، مان ”پيرل“ نڀايان ڪنهن جي ڪري.
**