شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

ماضي ته گذر ٿيو ماضي سان، گڏ حال زمان ۾ ڪو ته هجي.

ماضي ته گذر ٿيو ماضي سان، گڏ حال زمان ۾ ڪو ته هجي.
هن موت مصيبت ۾ مون سان، گڏ اڄ شمشان ۾ ڪو ته هجي.

ڀل ٻيون ته زبانون کوڙ هجن، پر پنهنجي زبان سان پيار اٿم،
مان ٻئي جي زبان نه ڄاڻان ٿو، گڏ جنهن جي زبان ۾ ڪو ته هجي.

اکين جو ڀلا پو ڇا رتبو، ابرن جو ڀلا پو ڇا رتبو،
جيئن دل جو پکي اُڏري نه وڃي، هڪ تير ڪمان ۾ ڪو ته هجي.

هن پيار ۾ سڀ جي مرضي آ، پابند نه ڪوئي ڪنهن جو آ،
ڀل ڪاٿي وڃي ڪو پناهه وٺي، پر دل جي امان ۾ ڪو ته هجي.

اڄ گهٽ گهٽ سڀ تي يقين آهي، ڏس ڪيئي مُٺين تي ٿڙڪي وڃن،
جيئن پو به پلئهُ نه ڇڏائي وڃي، بند پنهنجي بيان ۾ ڪو ته هجي.

هِت سڀَ ئي قسم جا ماڻهو اچن، لک دين ڌرم جا متوالا،
سڀ مندر مسجد ديول ۾، هڪ ماڻهو مڪان ۾ ڪو ته هجي.

ڇا جو به اچي سو خالي وڃي، ڪو خير ڏيڻ وارو به نه آ،
هن هيڏي ساري قطار منجهان، بس داخل دان ۾ ڪو ته هجي.

انسان گهرن ريءَ نه ٿو ٺهي، ۽ پکي پرن ريءَ نه ٿو ٺهي،
ڪو ڪين ٺلهي جو ٺلهو هجي، بس جوش جوان ۾ ڪو ته هجي.

هر پرچي مٿان ”پيرل قمبر“ ٿو اوپريون ڄاڻان ائڊريسون،
هي دعوت نامون عشق سندو بس جنهن جي مان ۾ ڪو ته هجي.
**