شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

او منهنجا مٺڙا سڄڻ او سائين، وصال تنهنجو ٿي داغ رهندو،

او منهنجا مٺڙا سڄڻ او سائين، وصال تنهنجو ٿي داغ رهندو،
هي پور تنهنجو هي سُور تنهنجو، جگر تان دل تان لهي نه سگهندو.

ماڻهن کان وڌ ها نوري فرشتا، اکين جي اشڪن ڌوتا پئي رستا،
ڏسي جنازو ڳلن جو ڳوڙهو، سڪي وري ڀي آلو ٿي اٿندو.

هئين تون ترسيل آيو جو رمضان، هو رمضان مهمان ۽ تون به مهمان،
بس الهام جيڪو توڏي اُڏي پيو، الهام ٻي ڏي اڏي نه سگهندو.

جتان هئين لنگهندو اهو ئي دڳ آ، جا هئين پائيندو اها ئي پڳ آ،
اهو ئي مُصلو اها ئي مسجد، بانگن کي ٻُڌندي بدن پيو ڀرندو.

”پيرل قمبر“ جو لکي حرف چند، صفت تنهنجي ۾ سڄڻ او سائين،
پوري طرح سان پنا ڀريان جي، ڪاڳر ڇا پڄندو قلم ڇا پڄندو.
**