ٻيو ڪين ڪوئي ڄاڻي، ڇا سُور ڪو سڃاڻي،
منهنجون اداس اکڙيون، الله تو کي آڻي.
ڪڏهن مان کلان ٿو، ڪڏهن مان روئان ٿو،
خبر تو کي ڪهڙي، ته ڪيئن مان جيئان ٿو،
ويندو ساهه توکان، سوا اڄ سڀاڻي.
تو سان دل جو رشتو ڪو اڄڪلهه جو ناهي،
غلامي جو رستو ڪو اڄڪلهه جو ناهي،
ٿيا ورهيه ڪيئي، تنهنجي در وڪاڻي.
جدائي جي مَن ڳالهه سڀ کان ڳري آ،
هِجر جي محل کي نه در ڪو دري آ،
ڇڏيو بُت آ پيڙي، گونڌر واري گهاڻي.
جا ”پيرل“ جي دولت، سا دولت اوهان جي،
مُنڍي واري رت ڀي آ ملڪيت اوهان جي،
ورهايو ڇا محبت ۾ مومل ۽ راڻي.
**