شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

محفل ۾ پنهنجي غير رهي ڪيئن ٿو سگهي،

محفل ۾ پنهنجي غير رهي ڪيئن ٿو سگهي،
بلبل سان ڀلا ذاغ ٺهي ڪيئن ٿو سگهي.

فرهاد جو هي فِڪر هو ۽ دل جي پُختگي،
پٿر مان هاڻي کير وهي ڪيئن ٿو سگهي.

ڪعبي جي طرف ڪو نه هو رُخ يار جي طرف،
سجدو اهو ته سِڪ جو ڊهي ڪيئن ٿو سگهي.

دل تي دغا جو ٻوجھه ۽ بِرهنَ جون بندشون،
ايڏو ستم هي ساهه سهي ڪيئن ٿو سگهي.

هي عدل جو نه دؤَر آ، آ دؤَرِ بي رخي،
ٻڪري سان هتي شير رهي ڪيئن ٿو سگهي.

”پيرل قمبر“ وفا جو جنازو ويو اُڏي،
ڪوئي هوا مان لاش لهي ڪيئن ٿو سگهي.
**