جيڪي سِر به ڏيندا ها وقت ۾، اُهي يار يار_ ويا هليا،
دل پيار عشق جي هٿ منجهان سڀ اختيار_ ويا هليا.
ڪِٿ هنج ۾ ها مٿڙا سُتل، ڪِٿ هٿ تي ها هٿڙا سُتل،
ڪٿ کٽ تي ها خطڙا ستل، سڀ يادگار_ ويا هليا.
جن مَنهَن مان ته محل ڪيو جن ڪک منجهان ته ڪنول ڪيو،
جن خاڪ کي هو ڪجل ڪيو اهي خاڪسار_ ويا هليا.
جيڪي دل سان به ڏيندا دان هئا، او جرڪندا ايمان هئا،
سائل ڪندا سلطان هئا، اهي تاجدار_ ويا هليا.
تقدير پئي جو تري ٻُڏي، ڪا شاخ پئي ”پيرل“ لُڏي،
هن اک جي ڳوڙهن سان اُڏي، سڀ انتظار_ ويا هليا.
**