شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

هتي ئي هانءُ ٿو هارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين،

هتي ئي هانءُ ٿو هارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين،
مُئل کي پاڻ ٿو مارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

ڏسڻ جي لاءِ زماني کي ٻئي اکيون ٿي مگر،
نه ٿو تون پو به نهارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

زمان حال ۾ آيو آن ته به هي حال اٿئي،
سکن ۾ سُور ٿو سارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

هزار آدمي هيڏا هزار هيڏا گذر،
اڃا ٿو هيڪلو گهارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

زمانو آهي وڃي چنڊ کي ته پهتو پرين،
اڃا نه وِک ٿو وکارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

نه ٿو تون چار ويهارين سڏي به محفل ۾،
اڃا ٿو ويٺا اٿارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

اڳي ئي باهه ٿي ڀڙڪي اڃا به برهه ڏيئي،
ٻريل ٿو ٻيو دفعو ٻارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

وڃين سپاهي نه انهيءَ کي غلط سنيها ڏي،
تون رهندو کير ٿو کارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

پيو ٿو ڏينهن سڄو پاڻ سنوارين ٺاهين،
نه ٿو تون جڏڙا جيئارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

ڪرين ٿو ڳالهه هي”پيرل“ تون من پڇاڙي جو،
خبر نه ڌُر جي ٿو ڌارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.
**