شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

مسدس

ڪو وقت هو ڪنهن وقت ۾ مون يار ڪيو هو،
ڪجهه ڪجهه ٿي خبر پئي ته مون به پيار ڪيو هو.

هن کي به سوا منهنجي ته آرام نه ڪو هو،
هر جاءِ تي هو صبح ڪٿي شام نه ڪو هو،
ان بيوفا جي اکر کان بدنام نه ڪو هو،
ڪنهن جي مٿان نفرت سندو الزام نه ڪو هو،
محبت جو راز رُسوا سري عام نه ڪو هو،
هن نينهن جو بدنام ڪٿي نام نه ڪو هو،
آباد هي گڏجي ٻنهي گلزار ڪيو هو.

هُن کي نه اچن ياد ٿا گذريل ڇو زمانا،
اکين جي ها پنبڻين ۾ پليا دل جا فسانا،
سَوَ گل جي ملڻ لاءِ ها بلبل کي بهانا،
خطرن کان بچيل يار ها خوشين جا خزانا،
خطڙن کان اڳي ٿيندا ها پيغام روانا،
اڄ ڳوليان ٿو مان نينهن جا نيڻن سان نشانا،
سنگتي مون انهيءَ ڪان سڄو سنسار ڪيو هو.

گڏ جاني هو ان وقت ۾ جاني نه جدا هو،
مان هن کان خفا ۽ نه ڪي هو مون کان خفا هو،
مان هُن جو خدا ۽ هو منهنجو ته خدا هو،
مان ان جو مقدر ۽ هو منهنجي ته قضا هو،
مان باغ هو بلبل ڪلي ۽ بادِ صبا هو،
مان قسطو جهول سين اهو دستِ سخا هو،
مان پاڻ کي هر رنگ جو طلبگار ڪيو هو.

”پيرل قمبر“ کي دؤر عنايت ته ملي پئي،
ڀِروَن جي اڳي واري بغاوت ته ملي پئي،
حسرت جا هئي حَسِين سا حسرت ته ملي پئي،
مايوس جي چهري کي مُسرت ته ملي پئي،
دولت نه کپي عشق ۾ عزت ته ملي پئي،
آڪڙ نه کپي نينهن ۾ نوڙت ته ملي پئي،
هُن کي جو ڪنهين رات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
ڇا اسُر ۽ پرڀات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
ڦُڙ ڦُڙ ۾ ۽ برسات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
روپوش جي حالات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
مون خوشيءَ ۾ سينگار تي سينگار ڪيو هو.
**