شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

هِت درد هزارين غم تي آ غم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان،

هِت درد هزارين غم تي آ غم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان،
هِت هر هڪ ڪنڊن تي آ قدم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

هڪ ڀيرو ته ڇا سَو ڀيرا سڄڻ، هِن دل کي جهليان هن محبت کان،
پر عشق جو ناهي دين ڌرم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

تون شهر ۾ منهنجو شان رکين، هر جاءِ تي باقي گوشه نه ڏين،
تون بر ٿر ۾ ڀي رکجان ڀرم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

هو روح پيو اُڏري رازده ٿي، هي بادِ صبا پئي نياپو ڏي،
هو قيص کي ڪاٿي مس ۽ قلم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

ٿو موت به هر هڪ ماڻهو مٿان، پرواز ڪري ”پيرل قمبر“
ڇا دم جي خبر ڪو دير نه دم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.
**