شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

دُکي آهيان ڏاڍو دلبر، دم ڪو دلاسو ڏي،

دُکي آهيان ڏاڍو دلبر، دم ڪو دلاسو ڏي،
سيرُ جي ڏکيو ٿو لڳئي تولو ڏي يا ماسو ڏي.

نئون سنئون سِڌو لُڪ تُڪ سڄڻ سمهيو پيو آن تون،
ڏکڙا ڪنهن جا خوابن اندر ڏسڻ کان ڀي ويو آن تون،
ڦِري ڦِري کٽ تي مون جان، پرين تون ڀي پاسو ڏي.

ڏکيو نينهن ڀائين ٿو ۽ نه ڪي تون نڀائين ٿو،
محبت کان نفرت واري مُلان جي بڻائين ٿو،
هڪڙي هَٿ ۾ ڏي تون تسبيح هٿڙي ٻئي ۾ حاصو ڏي.

حياتي هلي ڇا سگهندي زندگي هلي ڇا سگهندي،
بُکن اُڃن بدن کان پو بندگي هلي ڇا سگهندي،
ڍائي کي ڏي ڍائو ڀلجان پياسي کي نه پياسو ڏي.

چوان ٿو مان ”پيرل قمبر“ مران ئي ته پيار ۾ مان،
تنهنجي هي تمنا آهي مران تڪرار ۾ مان،
ٻئي ڪم ٿيا تنهنجي هٿ ۾ ڪَسو ڏي يا خاصو ڏي.
**