پوندو گلشن جُهڪي دل جو گلڙو جُهڪي،
نه ڪر مون سان سڄڻ ناراضگي.
او پارس پٿر او ٿر جا ڪڪر،
او ماکي مکڻ، ناراضگي..
مان مران يا بچان تنهنجي در ٿو اچان،
نه ٿو توکي ڏسان پيو ڦتڪان لُڇان،
کڻان وکڻا ٻه ٽي ڏي گل تون ڇَٽي،
ڪر پرتي پَهڻ، ناراضگي..
جِت ديدان هجن اتي ڀي دل هجي،
جِت ڀوئنرو هجي اتي ڀي گل هجي،
سڄڻن بنا، محبن بنا،
ڇا مرڪڻ کلڻ، ناراضگي..
سحر هڪ ئي هجي شام هڪ ئي هجي،
گڏ سُک سُور ۾ گام هڪ ئي هجي،
ڇا جدارا اٿڻ، ڇا جدارا ويهڻ،
ڇا جدارا جيئڻ، ناراضگي..
چوي ”پيرل“ جي تون چشمن سان هلين،
رات چانڊوڪيءَ ۾ ٽهڪين ۽ کِلين،
درياءَ وهندو رُڪي مور سهڪي سُڪي،
هلن هٻڪي هرڻ، ناراضگي..
**