شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

مان هان گدا، گدا کان خيرات ڇا گهرن ٿا،

مان هان گدا، گدا کان خيرات ڇا گهرن ٿا،
ڏُک دل جا ڇاڙتا ٿي ڇو امتحان وٺن ٿا.

کوليان ٿو جيءُ ته جيءُ ۾ هي جهوناڳڙ جُهرن ٿا،
کوليان ٿو دل ته دل ۾ دونهان سوين دُکن ٿا.

هڪ ئي طرح جو ناهي نيڻن سندو نظارو،
هڪ اک ۾ گُل تَرن ٿا ٻي اک ۾ ڪک ڪُرن ٿا.

سرِعام دل هي منهنجي بدنام ٿي رهي آ،
مان ڀي ڏسان ٿو بيٺو ماڻهو به سڀ ڏسن ٿا.

محفل ۾ رند ”پيرل“ محبوب جي اچڻ سان،
ڪيئي اُٿي ڪِرن ٿا ڪيئي ڪِري اُٿن ٿا.
**