شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

خير پنهنجي کي اُٿي اڄ نئين قسم جو رنگ ڏي،

خير پنهنجي کي اُٿي اڄ نئين قسم جو رنگ ڏي،
جهول ۾ ڏين ڪجهه نه ٿو هٿ ۾ ئي هڪڙو سنگ ڏي.

ڇڏ ورهاست پيار جي تون اڄ ورهاست مان ڪيان،
جونءِ جو چڪ تون ئي کڻ، ڏينڀوءَ جو مون کي ڏنگ ڏي،

مان وتان سِسِيون وڍيندو بادشاهن جون نه رب،
ڀل هجان چارڻ مگر اهڙو نه مون کي چنگ ڏي.

اُٿ ستمگر جلد ۾ هڪڙو ته وٺ هي ڪم ڪري،
پکيءَ کي صياد ڏي، ڪُرڙيءَ کي ڳولي ڪنگ ڏي.

ڍور آهيان ماڻهو ناهيان ضعيف تي ٿو ظلم ڪيان،
وات ۾ ماني بجاءِ ڪو پٿرڏي سنگ ڏي.

يار تان قربان ٿيان الفاظ هي ڪوڙا اٿئي،
ديس تان قربان ٿي دنيا ڪري اڄ دنگ ڏي.

سُڪَ ٻڌي دل کي ڇڏيان ”پيرل“ نه جيئن ڪاڏي چُري.
زُلف جو هڪ ڏي وڪڙ وارن جو هڪڙو ونگ ڏي.
**