رُخ ان جو ڏسي سُرخ ۽ هر ڪا ٿي ادا سُرخ،
اک سُرخ، صبا سُرخ، قضا سُرخ، سزا سُرخ.
ڪيڏي الائي وقت ۾، هو لعل ٿئي ها،
مرڪيو صنم ته منٽ ۾، هٿ تي ٿي حنا سُرخ.
اڳ ۾ ته مٽي خاڪ هئي، ميرانجهڙي خاڪي،
خونِ حسين جي ڪري ٿي ڪرب و بلا سُرخ.
مان پانُ ئي کاوان يا لبِ لالي کي چوسيان،
آ هي به غِذا سُرخ ته آ هو به غذا سُرخ.
منهنجو بدن هي سارو جو مغرب جي شفق ٿيو،
اُڏري آ فلسطين کان، شايد ڪا فِضا سُرخ.
فرعون جي جادوگرن جي نانگ اُڏاريا،
اُت حضرتِ موسى جي ٿي، سيڪنڊ ۾ حَصا سُرخ.
هتڙي ته هر ڪو پئسا ڏئي، جند ٿو ڇڏائي،
ساميءَ ۾ مگر ٿئي ٿي سڄڻ يار پڇا سُرخ.
مجنونءَ جي جسم جو ته آهي خُون ڀي پيلو،
هي سوز آهه کان ٿيا هن دشت و بلا سُرخ.
”پيرل“ ته لڙايون به لڳيون، ڪيتريون ليڪن،
رت ساڻ ٿيا ڪو نه مدينا ۽ مَڪا سُرخ.
**