حمد
تنهنجي ذات پاڪ آ، سڀن کان نرالي.
مٽي خاڪ مان تو، هي بوتو آ ٺاهيو،
وجهي روح بوتي ۾ آدم بنايو،
سڏِن سڀ ٿا توکي ته صاحبِ ڪمالي.
آهين تون ئي رازق، رزق تو حوالي،
پنهنجي تون نظّر سان ڏين سڀ کي سنڀالي،
بُرن کي به خالق، ڇڏين ڪين خالي.
ڪڏهن باهه مان تو، خليل آ بچايو،
ڪڏهن ڪرٽ سان ذڪريه کي چيرايو،
ڪڏهن رحم وارو، ڪڏهن آن جلالي.
ڏسي ڏوهه ٿي بس، سڄي جان ٿڙڪي،
ڪندين معاف مولى محمدﷺ جي صدقي،
سدائين آ ”پيرل“ تنهنجي در سوالي.
**