مان پوڄا ڪيان ها تون اهو در به هجين ها،
مسجد به هجين ها ڪٿي_ مندر به هجين ها.
سڀ ڪجهه مان ڏئي تو کي، ڪيو دل جو سڪندر،
سپنن جا حُسن ميڙي ڪيم، حُسن جو پرور،
قدمن جو لتاڙيو اهو_ ڪاڳر ئي ٿيس مان،
تون چاندي جي چادر، ڪٿي ٿئين سون جي چادر،
گڏ قُرب ۾ مونسان ڪٿي، ڪافر به هجين ها.
تو پيار جو سمجهو نه سڄڻ راز ۽ رُتبو،
مان تڪڙ ۾ موسى جان ورتو طُور جو جلوو،
هُن زلف جو پاڻي ڇڻيو، زم زم ئي هجي ها،
ڪوثر جو جام ٿئي ها تنهنجي پگهر جو قطرو،
تون ساقي سرهائي ڪٿي ساغر به هجين ها.
هي هندو، مسلمان، عيسائي يا هي ڪافر،
چهري تنهنجي ۾ مون ڏٺا، ٻئي مسجد و مندر،
تون مس جي ڦڙي جام کي، مِٽي مٿان ڪيريو،
مان تخت ڏئي تاج ڪيو توکي تونگر،
اڄ ڪاش تون مون وانگي، گداگر به هجين ها.
جو طعنو ۽ مهڻو ٿي رهيل هاڻي هڻي وٺ،
”پيرل قمبر“ جي باغ ۾ تون باهه بڻي وٺ،
پوشاڪ بجاءِ بدن تي، اڄ ڪفن ٿو ڀانيان،
تون منهنجي چپن تان هاڻي آڱر هي کڻي وٺ،
تون اڳ ۾ منهنجي سِڪ جو، ثناگر به هجين ها.
**